افغانستان جي نائب وزير خارجه عورتن جي تعليم تي پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هن عورتن جي تعليم تي پابندي کي انهن سان نا انصافي قرار ڏيندي انهيءَ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن کان طالبان حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ته انهيءَ تعليم جي متعلق گذريل حڪومتن جي پاليسين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اشرف غني حڪومت عورتن جي تعليم لاءِ گهڻو ڪم ڪيو هو، جڏهن کان طالبان جي حڪومت آئي آهي تڏهن ڄڻ وقت جو ڦيٿو ماضيءَ جي طرف مڙي ويو آهي. سڄي دنيا سائنس ۽ تعليم جي طرف وڌي رهي آهي ۽ گڏوگڏ اسلامي ملڪ به تعليم ۾ اڳڀرائي حاصل ڪري رهيا آهن.
اهم ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي نه آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان تعليم جي ميدان ۾ اڳڀرو ٿي رهيو آهي ۽ تعليم ۾ ڪٿي به صنفي امتياز نه آهي. سماج ۽ تعليمي نظام عورت جي تعليم جي حق ۾ آهي. ڪٿي به ائين ناهي جيئن افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي. افغانستان جي عورت آبادي لاءِ نه صرف تعليم، پر زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ داخلا بند آهي. تازو اسان جي ملڪ ۾ تعليمي ڪانفرنس ٿي آهي. 11 ۽ 12 جنوري 2025 تي اسلام آباد ۾ ٿيل انهيءَ ڪانفرنس ۾ ملڪ جي وزيراعظم نياڻين جي سئو سيڪڙو تعليم تي زور ڀريو. ڪانفرنس ۾ نوبيل انعام يافته پاڪستاني انساني حقن جي ترجمان ملاله يوسفزئي پنهنجي خطاب ۾ مسلم معاشرن ۾ تعليم متعلق ڳالهه ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن ۽ انهن پنهنجي انتظام هيٺ سرڪار ۾ عورتن کي تعليم کان محروم ڪيو آهي. هن هڪ بنيادي ڳالهه ڪئي هئي ته هر ڇوڪريءَ جو حق آهي ته هو 12 سالن لاءِ اسڪول وڃي، پر جيئن ته افغانستان شايد دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي انهيءَ جي اڌ آباديءَ لاءِ تعليم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اسان جو ملڪ تعليم ۾ ڪنهن به صنف لاءِ جبر جو قائل ڪونهي ايئن دنيا جو ڪوبه ملڪ عورتن جي تعيلم تي پابندي نٿو لڳائي. افغانستان عورتن جي تعليم جي معاملي ۾ هڪ بهتر ملڪ رهيو آهي. ظاهر شاهه جي زماني کان وٺي اشرف غني سرڪار تائين عورتون مردن سان گڏ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون هيون، تعليم جا سڀني لاءِ ساڳيا موقعا هئا. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڪا تفريق نه هئي. افغانستان جي تعليم جو سڀ کان وڏو مثال ڪابل يونيورسٽي آهي. اها گذريل صديءَ کان هن صديءَ جي ٻن ڏهاڪن تائين يعني 2020ع تائين تعليم جو مرڪز رهي آهي. افغانستان جو تعليمي نظام ترقي ڪري رهيو هو، پر جڏهن کان طالبان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان ملڪ جي اڌ آبادي تعليم کان محروم آهي. لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ تعليمي ڪانفرنس ۾ افغانستان تي عورتن جي تعليم متعلق تنقيد کانپوءِ افغان حڪومت شايد عورتن جي تعليم لاءِ سوچي رهي آهي. جيئن ته آمريڪا ۾ صدارتي عهدي ۾ تبديلي ٿي رهي آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت جو وقت شروع ٿيڻ کان پهرين دنيا ۾ تبديليون ٿي رهيون آهن. افغانستان جي نائب وزير خارجه جي بيان کي عالمي واقعن جي پسمنظر ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، پر لڳي ٿو ته طالبان سرڪار اهو سمجهي رهي آهي ته عورتن جي تعليم اهم آهي ۽ افغانستان ۾ ان جو نه هجڻ خود طالبان حڪومت کي محسوس ٿي رهيو آهي. افغانستان جي نائب وزير خارجه شير محمد عباس ستانڪزئي افغان صوبي خوست ۾ مدرسي جي گريجوئيشن جي تقريب جي خطاب ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي کي شريعت جي خلاف قرار ڏنو آهي. نائب وزير خارجه چيو ته 4 ڪروڙ ماڻهن جي آباديءَ ۾ 2 ڪروڙ آبادي عورتن جي آهي جن سان ناانصافي ٿي آهي ۽ انهن جي تعليم تي لڳايل پابندي غير انساني عمل آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ عورتن جي حقن تي به ڳالهايو.
هن اهو چيو ته اسان ڇوڪرين کي انهيءَ جي سمورن حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي هنن وٽ ڪو وراثتي حق ڪونهي، اهي پسند جي شادي نٿيون ڪري سگهن هنن لاءِ اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا دروازا بند آهن. هن اهو به چيو ته مذهبي اسڪولن تائين به انهن کي رسائي نٿي ڏني وڃي. هن چيو ته عورتن جي تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جي ڪابه وضاحت موجود نه آهي. انهيءَ ڪري رياست جي رهنما ڇوڪرين لاءِ تعليم جا دروازا کولين. انهيءَ لاءِ ته عورتن کي تعليم کان محروم ڪرڻ جو ڪوبه قابل قبول جواز موجود نه آهي ۽ نه ڪڏهن هوندو. افغان نائب وزير خارجه جو خطاب اهم آهي ۽ اهو افغان پاليسي جو عورتن جي لاءِ ٺهيل سخت پابندين متعلق پاليسي جي تبديليءَ جو اهڃاڻ به آهي. هن افغانسان جي معاشري ۾ ٻه ڪروڙ عورتن لاءِ سڀ حق گهريا آهن، جيڪي ڪنهن به جديد سماج ۾ ضروري آهن. افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جي حق متعلق لڳي ايئن ٿو ته افغان حڪومت پنهنجي پاليسي بدلائي رهي آهي. تعليم ماڻهو جو بنيادي حق آهي ۽ عورت کي صنفي بنياد تي جديد زماني ۾ تعليم کان محروم نٿو ڪري سگهجي.