ڪهاڻيوننئون

هندي ڪهاڻي: پرديسياڻي ماءُ

ڪهاڻيڪار: ڀوديو شرما (ڀارت)

آشيش دويدي، ھيوسٽن ۾ سالن کان رھندو آهي. ھڪ ڏھاڙي ٻڌايائين ته پاڻ گورکپور جو رھواسي آهي ته مون به ٻڌايومانس ته منھنجي وڏي ڀيڻ به اتي رھندي آهي ۽ ڀيڻويو ديدورت، گورکپور ۾ مئجسٽريٽ آھي. ان کانپوءِ ڀارت ويس ته آشيش، پنھنجي ماءُ لاءِ ٿورو سامان سڙو موڪلڻ چاھيو. مان خوشيءَ سان کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويس. مان ھتي ھڪ وڏي ميڊيڪل ڪمپنيءَ ۾، جنھن جون شاخون ڪيترن ئي ملڪن منجھ آھن، ‘ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ’ جو ڊائريڪٽر آھيان. اڪثر منھنجو ٻاھر وڃڻ ٿيندو رھندو آهي، ٻيو ته ڀارت ڪڏھن ڪڏھن ڊوڙي ڊڪي سال ۾ ٿي ئي ايندو آھيان.

ڀارت پھچي، مون سامان سنيتا ديديءَ کي ڏئي، آشيش جي امڙ کي موڪلڻ لاءِ چيو. نالو ۽ ايڊريس ڏسي ديدورت چوڻ لڳو؛ “اڙي! ھيءَ ته ريلوي جي رٽائرڊ ڪنٽرولر مسٽر گنگاڌر دويديءَ جي گھرواري آھي. وڏو اوچو خاندان آهي، گورکپور جو. مان کين فون ٿو ڪيان. سڀ سندن گھر ھلون ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو.”

آشيش جي امڙ، مڙني کي مانيءَ جو سڏ ڏئي گھرايو. اسان پھتاسين ته اوسيئڙي ۾ ويٺي ھئي. آشيش وارو موڪليل ٿيلھو وٺندي، ھيڻائيءَ کان سندس ھٿ ڏڪيا پئي. ٿڏي تي ئي ان کي کوليائين. اکيون ڀرجي آيس. سندس لاءِ ساڙھيون، ھڪڙو سوئيٽر، ٻه ٽوال، ڀانت ڀانت جا صابڻ ۽ ٻيون شيون ھيون. خبر ناھي آشيش جي ڪھڙي تصوير سندس اکين آڏو تجلا ڏئي وئي. پنھنجي منھن ڳالھائڻ لڳي؛ “ڪيڏو به مٽجي وڃي منھنجو ٻچڙو، پر پنھنجي امڙ کي وساريندو ڪونه!”

مون کان ڪيتريون ئي ڳالھيون آشيش، سندس زال نيتا ۽ ٻارڙن ونيتا، ونيه ۽ انونيه جون پڇندي رھي. ساڻس گذاريل ڪلاڪَ به ڄڻ پل پلڪ لڳا. لڳو ئي ڪو نه پئي ته ڪو اسان زمان حال ۾ آھيون. آشيش جون ٻالڪپڻي واريون گھڻيون ئي تصويرون، جيئريون ٿي پيون. وڏي ‘ڊرائنگ ھال’ ۾ ڪيتريون ئي تصويرون لڳل ھيون. لڳ ڀڳ ڊزن کن ته فوٽن جا البم پيا ھئا. نوڪر، کاڌو تيار ٿيڻ جي خبر ڏني ته ھوءَ اٿي وئي. سنيتا ديدي، سندس منع ڪرڻ جي باوجود، ساڻس بورچيخاني ۾ ھلي وئي. اسان ٻئي، جھونين تصويرن کي، اٿي ڏسڻ لڳاسين. ٿوري جھٽ کانپوءِ، ھڙني گڏجي کاڄ کاڌو.

اسان ھلڻ لاءِ تيار ٿياسين ته آشيش- ماءُ، اسان کي سرڳواسي مڙس گنگاڌر دويدي، پنھنجون، آشيش، نيتا ۽ ٻن ٻارڙن جون پراڻي فريم ۾ لڳل تصويرون ڏيکاريون. چوڻ لڳي؛ “آشيءَ جو پيءُ ۽ مان جڏھن آمريڪا ويا ھئاسين، تڏھوڪا آھن ھيءُ فوٽو.” اتي سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ نڙي ڏوگھرجي ويس.

ڳنڀير صورتحال کي ديدورت، سنڀالي ورتو. کيس چيائين؛ “امڙ! تون آشيش وٽ ھلي وڃ! ھتي تون اڪيلي آھين، اتي پٽ پوٽن سان ئي تنھنجو من ريجھندو.”

“ٻچڙن وٽ اڳي به رھي آئي آھيان… تڏھن آشيش جو پيءُ به ھو. ونيتا ڇھن سالن جي ۽ ونيه ٽن چئن سالن جو ھو. ٻار، ھندي ڳالھائين نه! اسان سيکارڻ لاءِ وس ڪيا، پر کين ڳالھ وڻي ئي نه!”

“وڻين ئي نه!؟!” لڳ ڀڳ اسان سڀئي ھڪ ئي آواز ۾ چئي ويٺاسين.

“چوندا ھئا؛ ٻارن کي آمريڪا ۾ رھڻو آهي، گھر ۾ ھندي ڳالھائڻ جي ڪري، کين آمريڪي دوستن سان ڳالھائڻ وقت ڏکيائي ٿيندي.”

“ته پوءِ توھان ٻارن سان ڳالھائيندا ڪيئن ھئا؟”

“ڳالھايون ڇا؟ آشيش جو پيءُ ته انگريزيءَ ۾ ٻارن سان ڳالھائي وٺندو ھو. ٻارن گھڻو تڻو ته پنھنجو اچارڻ به ضرور سڌاريو… ڳالھ ھئي منھنجي… سو ونيتا ته اسان جي ٻڌندي ئي نه ھئي.”

“ونيه، سادڙو ھو، سو مون وٽ ھليو ايندو ھو. ڪڏھن پويان اچي منھنجي اکين تي ھٿ رکندو. ڪڏھن منھنجي ھٿ کان وٺي سٽ ڏيندو. مان ھنج ۾ کڻي، ڳراٺڙي پائيندي مانس يا ساڻس گھر ۾ ھيڏي ھوڏي چڪر ڏيندس. اھو مون سان خوش رھندو ھو. ھر ھر پيو کجڪارون ڪندو ھو. پاڻي، کير وغيره جھڙا لفظ، ٻنھي ڀينرن جي نه چاھڻ جي باوجود، اچاريندو ھو. وري ڪيترائي گھمرا ته ھنديءَ جا ننڍڙا ننڍڙا جملا ڳالھائي، اسان ٻنھي جي دل پيو وندرائيندو ھو.” پوءِ چوڻ لڳي؛ “ھڪڙي ڀيري جي ڳالھ آهي. اسان کي ڀريا ٻه مھينا وٽن رھندي ٿي ويا ھئا. ونيتا کي ھڪڙو دفعو آشيش جي پيءُ چيو ته اگر جي تون ھڪڙو لفظ به ھنديءَ جو ڏھاڙي سکين ته پنھنجي ڏاڏيءَ سان ھنديءَ ۾ سولائيءَ سان پئي ڳالھائين ھا. ونيتا اھا ڳالھ وڃي نيتا کي ٻڌائي. پوءِ خبر اٿئي ته نيتا، ونيتا کي ڇا چيو؟”

ٿورو ترسي ٻڌائڻ لڳي؛ “نونھڙيءَ، ونيتا کي چيو؛ تو واري ڏاڏي به ته انگريزيءَ جو لفظ ڏھاڙي سکي، توسان انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ شروع ڪري سگھي ٿي. ونيتا، اھوئي اچي آشيش جي پيءُ کي ٻڌايو. ان ڏھاڙي ھو ڏاڍو ڏکارو ٿيو.”

محترمه دويدي وري ٿورو ترسي، پر پنھنجو پاڻُ سنڀالي نه سگھي. ڏوگھريل آواز ۾ ئي چيائين؛ “ان ڏھاڙي آشيش جي پيءُ جون اکيون نير سان ڀرجي ويون ھيون. مون کي چيائين؛ خبر ناھي، اسان ماڻھن جا ڪھڙا ڏوھ ھئا، جو ھڪڙو پٽ ڄائو، سو به پرايو ٿي ويو. اسان کي وٽن نه، پر ڀارت وڃي رھڻ کپي.” ھڪڙو وڏو ساھ ڀري وري چيائين؛ “ھن ته ڪنھن کي ڪجھ چيو ڪو نه، پر لڳ ڀڳ ھڪڙي مھيني کانپوءِ ھو اتان بھانو ڪري ھيڏي ھليو آيو. ھو ته مون کي به ھلڻ لاءِ چوندو رھيو، ليڪن مان تڏھن به ترسي پيس.”

“پوءِ توھان ڪيترن ڏھاڙن تائين اتي ترسيا؟”

“مان به گھڻو ترسي نه سگھيس. ھڪڙي دفعي بيمار ٿي پيس ته خود آشيش ئي اچي چيو ته آمريڪا ۾ علاج ڪرائڻ ڏاڍو مھانگو آھي ۽ پوءِ مون کي ڀارت وڃڻ جي صلاح ڏنائين.”

اڳتي ٻڌڻ لاءِ ھمت نه پئي ٿي. ليڪن ھن پنھنجي ڳالھ پوري ڪئي؛ “بيماريءَ جي حالت ۾ ئي ھن مون تي ٿورو زور وجھي ۽ ٿورو سمجھائي ڪري ڀارت موڪلي ڇڏيو.”

“پر ھاڻ ته تون اڪيلي آھين. تڏھن آشيش جي نئين نئين نوڪري ھئي. ھاڻ ته ھو ‘فل پروفيسر’ آهي. سٺي پگھار اٿس. نيتا به ھاڻي ڪم ڪار ڪري ٿي. ھاڻ تون وڃ ته انھن لاءِ به ڀلو ٿيندو ۽ تو لاءِ به ڀلو ٿي پوندو.”

“آشيش جو پيءُ ته جھلي ويو ھو، پر منھنجي دل ڏاڍو گھري ٿي، ليڪن ننهن ۽ پٽ گھرائين به نه!”

اھو ٻڌي مان ڪجھ ڇرڪيس. مون اٻھرائيءَ مان وڏو ڪوڙ ھڻي وڌو؛ “نيتا ئي ته چيو ھو ته ‘امڙ کي اسان ڏانھن اچڻ لاءِ تيار ڪري اچجانءِ!’ مان اتي پھچي، کانئن تنھنجي ٽڪيٽ موڪلرائيندس.”

سندس چھري تي بي يقينيءَ جا اوساڻ اڀريا ۽ وري لھي ويا. رستي ۾ سنيتا ديديءَ محترمه دويديءَ سان ٿيل پنھنجين ڳالھين مان ٻڌايو؛ “محترمه دويدي، پنھنجي ننهن کان خوش ناھي. شايد ھوءَ ويڻ ڪڍندي آهي. جڏھن آشيش پي ايڇ ڊي ڪري، آمريڪا کان موٽيو ۽ نيتا سان پرڻو ٿيس ته نيتا، پرڻي بعد ھڪدم آمريڪا وڃي نه سگھي. پنھنجي سس سھري سان لڳ ڀڳ ڏيڍ سال رھي.” رات جو سمھڻ کان پھرين، اسان دير تائين سندن ئي ڳالھيون ڪندا رھياسين.

موٽي اچي مون آشيش کي، پنھنجي ماءُ کي گھرائڻ واري ڳالھ چئي. گورکپور ۾ گھر جي انتظامن سميت خاصا مسئلا پيدا ٿي پيا. مامو ٿورو گھڻو خيال رکندو ھو، ليڪن لکنئوءَ کان سنڀال سڙي لھڻ، سندس لاءِ ممڪن نه ھو. سندس پٽ، آشيش کي ڪيترائي ڀيرا آمريڪا گھرائڻ لاءِ لکڻ ۽ سندس طرفان ڪجھ نه ڪرڻ جي ڪري، ناراض ھو. منھنجي طرفان ڪيترائي ڀيرا اھو معاملو کڻڻ جو کڙ تيل اھو نڪتو جو آشيش گورکپور ويو، گھر وڪڻي ڇڏيائين ۽ پنھنجي ماءُ کي ساڻ ڪري آمريڪا ھليو آيو.

ماءُ جي اچڻ تي، آشيش، نيتا ۽ ٻارن جي وچ ۾ ڳالھيون کلي پيون. نيتا کليو کلايو چئي ڏنس ته پنھنجي نوڪريءَ ۽ ٻارن جي ذميواريءَ کانپوءِ وٽس وقت ناھي ۽ ھوءَ امڙ لاءِ وقت ڪڍي نه سگھندي. وڏي ڌيءَ ونيتا، ٻئي شھر ۾ پڙھي رھي ھئي. ونيه پندرھن سالن جو ٿيو ھو. اھو ۽ انونيه، ٻئي پنھنجي پيءُ ماءُ جون ڳالھيون ٻڌي رھيا ھئا. اھو طئي ٿيو ته آشيش ئي پاڻ، ماءُ جي لاءِ ذميوار آھي.

ٿوري عرصي کانپوءِ جي ڳالھ آهي ته آشيش کي ھڪڙي ڪانفرنس ۾ چئن ڏھاڙن لاءِ وڃڻو ھو. ماڻس جي طبيعت خراب ھئي. نيتا، ذميواري کڻڻ کان ٺُپ انڪار ڪري ڇڏيو. نيتا ۽ آشيش منجھ گھڻي رِنجھ ڪِنجھ ٿي. نيتا، پنھنجي گاڏي ڪڍي، رات جو ئي ڌيءَ ونيتا ڏانھن ھلي وئي. آشيش، ڪانفرنس ۾ ڪو نه ويو. ماڻس کي خبر پئي ته آشيش کي سڏايائين؛ “ڀيا! ڇا رات، نيتا گھران جھيڙو ڪري ھلي وئي آهي؟”

“نه امڙ! ونيتا جي طبيعت ٺيڪ نه ھئي، ان ڏانھن وئي آهي. ٻن ٽن ڏينھن ۾ اچي ويندي.” آشيش بھانو ٺاھيو ۽ اکيون اکين سان ملائي بنا، پنھنجي يونيورسٽيءَ ھليو ويو.

ڏينھن جو ماڻس، پنھنجي ننڍي ڌيءَ نيرجا کي فون ڪئي ۽ انھن مڙني سان ملڻ جي خواھش ظاھر ڪيائين. شام جو جڏھن آشيش موٽيو ته ماڻس نيرجا وٽ وڃي ڪجھ ڏھاڙا رھڻ جي ڳالھ ڪڍيس. آشيش، صورتحال کي سمجھندو ته ھو، پر امڙ کي چوڻ جي ھمت ساري نه پئي سگھيو. گھمائي ڦيرائي، ماءُ جي ڳالھ مڃڻ وارو ناٽڪ ڪري، ڇنڇر تي ڀيڻ جي گھر ڇڏي آيس.

ماڻس وئي، نيتا موٽي آئي. رشتن کي دليلن جي تارازيءَ ۾ تورڻ جي سندس عادت ٿي وئي ھئي. ھوءَ ڳالھ نه ڳالھ تي چوندي رھندي ھئي؛ “جڏھن پرڻي کانپوءِ مان وٽن رھيل ھئس ته مون کي ڏاڍا ڏجھا ڏنائون. آمريڪا جلدي پھچڻ لاءِ مون کان الائي ڪيترا ڊگھا ورت رکائي بکون ڪاٽرايائون.” وري مٿان ٽوڪ ڪندي؛ “سشما ۽ نيرجا سان سندس دل گھڻي لڳندي آهي. جيئن اسان وٽ سال رھي آهي، تيئن سال سال انھن وٽ به وڃي رھي.”

جڏھن آشيش چويس؛ “ھوءَ منھنجي ماءُ آهي!” ته ھيءَ ورندي ڏئيس؛ “ماءُ ته منھنجي به آھي! تون منھنجي ماءُ جو نٿو سوچين ته مون منجھان پنھنجي ماءُ جو ڌيان رکڻ جي اميد ڇو ٿو رکين؟”

آشيش وٽ اھڙو ڪو سوال نه ھو، جنھن جو سنيتا وٽ ڪو رد ڪرڻ جھڙو جواب نه ھجي. ھيءُ ڀڻ ڀڻ ڪري بس ٿي وڃي. کيس زندگي بيڪار لڳندي، پر لاچاري، سا به خود پنھنجي گھر ۾ ئي ھئي.

ھڪ ڏھاڙي فون ڪري، آشيش مون سان منھنجي گھر ملڻ آيو. ھن ماءُ کي ڀارت موڪلڻ جو پنھنجو ارادو ٻڌايو ۽ مون کي ديدورت کي فون ڪرڻ لاءِ چيائين. اھو پنھنجي ٻنھي ڀينرن سان ان تي صلاح ڪري چڪو ھو ۽ اھي سڀ ماءُ جي ڀارت وڃڻ جي حق ۾ ھيون. ماڻس، نيرجا جي پٽ سان گورکپور موٽي آئي. ديدورت، سندس لاءِ ھڪڙي نوڪر ۽ ڪرائي جي جاءِ جو بندوبست ڪيو.

ڪيترا سال، پوءِ جي ڳالھ آهي. منھنجي ماءُ جي طبيعت ٺيڪ نه پئي رھي. ننڍي ڀاءُ جو مرادآباد کان خط آيو ھو. مون وٽ گھڻو وقت ته نه ھو، ليڪن ڀارت ھليو ئي ويس. سنيتا ديديءَ ۽ ديدورت سان ملڻ ممڪن ئي نه پئي لڳو، ليڪن سندن عرض ٽاري نه سگھيس. اتي پھتس ته اھي مون کي آشيش جي امڙ وٽ وٺي ھليا. ھڪڙي ننڍڙي ورانڊڙي مان گھڙي، اسان اندر سندس سمھڻ واري ڪمري ۾ آياسين.

“ڪير آهي؟” آشيش جي ماءُ سڏ ڪيو.

“مان آھيان! برجيش! برجيش ترپاٺي، آشيش جو دوست. آمريڪا کان آيو آھيان.”

“اچ ڀيا! اڳي نظر گھٽ پوندي ھئي، ھاڻي چڱيءَ طرح ٻڌي به نٿي سگھان. ڪڏھن آئين؟”

“اڄ ئي صبح آيو آھيان…”

ليڪن ھن شايد ٻڌو ئي ڪو نه.

ديدورت مون کي ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ، سندس کٽ تي ٿي ويٺو. مون آھستڙي، ويجھو رکيل ڪرسي سيري ورتي. ھوءَ ڏاڍي ھيڻي ٿي وئي ھئي. سندس ڪپڙا، مون کي نِڪَ جھڙا لڳا. ويجھو ئي، ڪنڊ ۾ رکيل ميز تي ٿورا ويڙھڻ وڇائڻ لاءِ ڪپڙا پيا ھئا. ھڪڙي ننڍڙي ميز تي رکيل مختلف دوائن جي بوءِ سان ڪمرو واسيو پيو ھو. ڪجھ پيتيون کٽ جي ھيٺان پيون ھيون. ھڪڙي کليل ڪٻٽ ۾ فوٽو، جن تي ڌوڙ ۽ ڪارٺ ڄميل ھئي، رکيا ھئا. ويجھو ئي ھڪڙو چانھ جو ننڍڙو پيالڙو رکيل ھو. ميز تي ئي آمريڪا کان آيل ٿورا خط، کليل پيا ھئا.

“اڙي! جمنا! او جمنا!” ھن نوڪر کي سڏ ڪيا. اسان کي ته ڪو نظر نه آيو. “خبر ناھي ته ڪاڏي مري ويو آهي. ان ته منھنجي زندگي ئي جھنم ڪري ڇڏي آهي.” ھوءَ اٿڻ لڳي.

مون کي هن ۾ ايلزھائيمر جي بيماريءَ جون علامتون محسوس ٿيون. ڪجھ ياد نٿو رھيس. ھڏيون وڃي بچي آهي. گھران ڪيترا ڀيرا نڪري وڃي ٻاھر ويھي ٿي رھي ۽ الائي ڇا جو ڇا داڦيندي ٿي رھي. ھن آشيش وغيره جو ڪو حال احوال پڇيو ئي ڪو نه. جمنا آيو ته کيس بازار موڪلي، ٿوريون مٺايون، اسان جي جھلڻ جي باوجود، گھرائي ورتائين. اسان سندس ڏنل مٺايون، ڳيتون ڏئي نڙيءَ کان ھيٺ لاٿيون. جمنا کي سڻس پئي ته مان آمريڪا ۾ سندس پٽ وٽ ٿو رھان ته ھٿ ٻڌي پيرن تي ھٿ رکندي مون کي چيائين؛ “بابو! مون کي الائي ڪيترائي ڀيرا ڀئو ٿيو آهي. امڙ، پنھنجي پٽ کي ئي سڏيندي رھندي آهي. اھي جيڪي سندس ٻارن جا فوٽو پيا آھن، اھي کڻي ٻارن جي فوٽن سان پئي ڳالھائيندي آهي. اوھان آمريڪا وڃو ته سندس پٽ کي ساڻس ملڻ لاءِ ضرور موڪلجو.”

اسان دل تي پٿر رکي گھر موٽياسين. گھر موٽڻ کانپوءِ ورجائي ورجائي سندس ئي ڳالھ پئي ھلي ۽ رات ٿي وئي. شايد مون ۽ ديدورت، ٻنھي لاءِ اھا زندگيءَ ۾ پھرين صورتحال ھئي، جنھن جو حل نه ھو. اھو به سمجھي نه پئي سگھيس ته آشيش کي ڏوھي سمجھان يا نه. گھر پھچي، سنيتا ديديءَ سان به مان سرت سان ڳالھايون ڪري نه سگھيس. پنھنجو سامان سھيڙڻ جو بھانو ڪري، اڪيلو ڪمري ۾ ھليو ويس. زندگيءَ جا وڏا فلسفيانا سوالَ، منھنجي ذھن تي ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويا.

مون کي ائين لڳو ته مان پاڻ ڪنھن اونداھي کڏ ۾ ڪري پيو آھيان. مان ھيٺ گِھرڪندو ٿو وڃان، رڙيون ٿو ڪيان، ڪوڪٽ ٿو ڪيان، ليڪن ڪو ورنائي ئي نٿو. اھو سوچيندي سوچيندي مون کان رڙ نڪري وئي. مان ڊڄي ويس ۽ سڀ ڪجھ ڦٽي ڪري، وھنجڻ ھليو ويس.

رات واري ماني، بي دليائيءَ سان کاڌي ۽ ٿورو آرام ڪرڻ جي ڳالھ ڪري، پنھنجي سمھڻ واري ڪمري ۾ ھليو ويس. شايد ديدورت کي منھنجي دل جي حالت جو اندازو ھو. مون کي لڳو ته سندس حالت، مون کان گھڻي مختلف ناھي.

ٻه ڪلاڪ ئي گذريا ھوندا جو جمنا ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو؛ “امڙ جي طبيعت ڏاڍي خراب آهي، جلدي ھلو!” ديدورت کي برائيءَ جو ڀئو ٿي پيو. انھيءَ، ڊاڪٽر کي رستي مان ئي ساڻ کنيو.

اتي پڳاسين ته آشيش جي ماءُ، آشيش ۽ سندس پٽ ونيه جي تصوير کنيو ستي پئي آھي. اسان ٿورو سڪون جو ساھ کنيو.

ڊاڪٽر معائنو ڪيو. سندس چھري جو رنگ ڏسي اسان پريشان ٿي وياسين. ڪنڌ لاڙي، ڊاڪٽر چيو؛ “ھاڻ ڪجھ نه رھيو آهي. ھن کي ھيٺ لاھيو ۽ مٽن قريبن کي اطلاع ڏياري ڇڏيو.”

مون کان آھ نڪري وئي. ديدورت، گھر پڄي، آشيش کي فون ڪئي. مان اتي ئي ترسي پيس. لکنئوءَ کان ڀاڻس پھچي، آخري رسمون پوريون ڪيون. آشيش، آخري رسمن تي پھچي نه سگھيو.

مان ڪالھ ھيوسٽن موٽي آيو آھيان. فون جي گھنٽي وڳي ته مان فون کي کڻندي کڻندي رڪجي ويس. گھرواريءَ کي چيم؛ “ڏس! آشيش جي فون ھجي ته چئجانس، گھر ۾ ناھي.”

(عبدالقيوم خالد شڪاگو آمريڪا واري جي اردو ترجمي تان کنيل)

***