ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: پاڇا

هو ٻيئي اوندهه ۾، پٿرائين دڳ تان وڃي رهيا هئا، ٿڙندا ٿاٻڙندا، پڪي روڊ ڏانهن ٻيئي پاڇا ٿي لڳا اوس پاس جي بنگلن مان نڪرندڙ روشني، سندن پيرن ۾ ڦان ٿي پيئي هئي. هوءَ هڪ ٻه ڀيرو ٿڙندي ٿاٻڙندي ساڻس ٽڪرائجي به وئي هئي- ۽ هاڻ هوءَ ڳچ ويڇوٽيءَ تان پئي هلي: (هو اڄ به پنهنجو پيچرو پاڻ ٺاهيندو آهي. ڪالهه جيان!) هن سوچيو.

“تون چُپ آهين؟”

هوءَ پوءِ به چُپ ٿي رهي.

“ڇا هن فاصلي کي سَڦل نٿو بڻائي سگهجي؟”

“۽ رڳو ڳالهين سان ئي ڇا ايئن ڪري سگهجي ٿو؟”

وري سانت ٿي ويئي. من ۾ جڏهن مانڌاڻ متل هوندو آهي، تڏهن ٻاهر ڪيڏي نه سانت هوندي آهي. سرد، اٿاهه ۽ اننت. هن ته ساڻس گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو. گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ ٿي چاهيو هن بابت- اهو جيڪو سندس باري ۾ ٻين جي واتان ٻڌو هئائين: هو ويراڳي بڻجي ويو آهي… هو پاڻ کي ناس ڪري رهيو آهي… هن ننڊ جي گورين جي لَپَ ڦڪي ورتي هئي… ٻيو به الائي ڇا ڇا…

“مون کي ويساهه نه هو ان تي.” کن اڳ گهر تي چيو هئائينس.

“ويساهه نه ڪرڻ جو ڪارڻ؟”

“تون ائين نٿو ڪري سگهين، اها مون کي پڪ هئي.”

“ايڏو ساهس ئي ڪٿي هو مون ۾!”

“نه، نه، ايئن نه ڪرڻ جو ساهس هو تو ۾، مون اهو ئي پئي چوڻ چاهيو؛ ڇاڪاڻ ته اهو صحيح نه هو.”

“صحيح- غلط، ان جو نبيرو ڪير ٿو ڪري سگهي؟

تون… مان؟ يا هي لوڪ…؟”

ان پل هو ڪٺور ٿي ويو هو “لوڪ ته رڳو دڳ تي ليڪا پائي ڄاڻي- ۽ اسين لوڪ جي پاتل ليڪن ۾ سدائين لاءِ گهيرجي ويندا آهيون.” هن سگريٽ مان سگريٽ دکائي هئي.

اها ڪائين سگريٽ هئس؟ پڇڻ چاهيائين، پر پڇي نه سگهي:

”ڀاڀي ڪانه ٿي ڏسجي؟” پڇي ته ويٺي، پر پوءِ احساس ٿيس ته اهو سوال ايندي ئي کانئس پڇيو هئائين.

هو ڪي کن سُن ٿي ڏانهس ڏسندو رهيو؛ ڄڻ ماٺ اهو هٿ هو، جنهن جي هٽائڻ سان گهاءُ منجهاران رات بوهاڙا ڪري ٻاهر نڪري ايندو؛ پر هن اهو هٿ هري هري ڪري هٽائي ڇڏيو:

“هوءَ شهر ويئي آهي- شاپنگ ڪرڻ.” هن ماٺ جو هٿ وري گهاءَ تي ڌري ڇڏيو ۽ ان ڪنڊ ڏانهن يڪ ٽڪ گهورڻ لڳو، جتي اڇلايل سگريٽ رَکَ ٿي رهي هئي.

ڀاڻس جڏهن کيس هتي لاهي ويو هو، تڏهن در هن ئي اچي کوليو هو، ڳچ دير ڪڙي کڙڪائڻ کانپوءِ، هن سٽ ڏيئي دروازو کوليو هو؛ ڄڻ هِن وقت ڪنهن جو به اچڻ ٺيڪ نه لڳو هئس، اڪيلو رهڻ ٿي گهريائين شايد- ۽ کيس ڏسي سندس چهري جا تاڻيل ڀاوَ، ڍرا ٿيندي ٿيندي، مُرڪ ۾ مٽجي ويا- هڪ روئڻهارڪي مُرڪ.

“ڇا اندر اچڻ لاءِ نه چوندين؟” ۽ هو هٽي بيٺو هو. (ڪڏهن هِن گهر ۾ ڪنوار بڻجي اچڻ جا سپنا ڏٺا هئائين) هن اندر گهڙندي سوچيو هو- ۽ اڄ؟ “اڄ”، “ڪالهه” نه رهي هئي…

“استري ته ڏجانءِ.”

۽ هوءَ استري کڻي آئي هئي. پوءِ به هو اتي ئي بيٺو رهيو هو، هن ڏانهن يڪ ٽڪ گهوريندو. هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڏيو.

“هاڻ ڇا کپئي؟”

“اَڱرَ،”

۽ هوءَ اَڱرَ کڻي آئي هئي ٻُڪ ۾- هن پنهنجو ٻُڪ جهليو هو. اَڱرَ استريءَ ۾ رکي، هو پل اپل پنهنجي ڪاراٺيل هٿن کي ڏسندو رهيو- ۽ پوءِ ڏسڻي آڱر کاڏيءَ تي کڻي رکيائينس- ۽ هن مڇرجي پنهنجا ٻيئي ڪاراٺيل هٿ سندس بُجن ۾ ڦٻايا هئا.

“اڙي، اڙي، چري مون ته تنهنجي نظر ٿي ڏنڀي.”

“ترس ته مان تنهنجي کڙي ٿي ڏنڀيان.”

“ڇو، پنهنجي وهانءَ تي مينهن وسڻ جو ڊپ اٿئي؟”

…….

ڳالهين ۾ هوءَ کانئس ڪڏهن نه کٽي سگهي هئي- ۽ ان مهل روئڻ ري وٽس ٻيو ماڻو ئي ڪهڙو هوندو هو. “اڙي مون ته چرچو ٿي ڪيو.” هن جي پرچائڻ تي ويتر جهڄي پوندي هئي: “تون ته بنهه ڪا رِنگَ آهين.” هو سندس لڙڪ اگهندو هو. “ڪجهه لڙڪ بچائي رکبا آهن، آئيءَ ويل ڪم اچي ويندا آهن.” هوءَ رنل نيڻ کڻي ڏانهس ڏسندي هئي؛ پر هو ديوار تي نيڻ کَپايو ويٺو هوندو هو- ڄڻ ديوار جي پار ڏسڻ جو جتن ڪندو هجي يا سندس نيڻ به ديوار جو ڪو حصو هجن، لٿل چاپوڙي وانگر ۽ ان گهڙيءَ ٻيهر ساڳئي هنڌ جُڙڻ چاهيندا هجن:

“رشي، مان ته توکي پرچائي به وٺندو آهيان- ۽ تون پاڻ به پرچي پوندي آهين، پر…”

“پر ڇا؟” هوءَ اتاولي ٿي ويندي هئي.

“پر جڏهن مان رُسندس نه، تڏهن… تڏهن تون مون کي پرچائي نه سگهندينءَ.”

“ائين نه چئو.” هوءَ سندس ڦٽل چپن تي پنهنجون نرمل آڱريون ڌري ڇڏيندي هئي.

“تو بنا مان سڄي ناهيان، مان توکي ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان، تون ته منهنجو ڏيهه آهين!

منهنجي سپنن جي ساڀيا تون ئي ته آهين!”

هاڻ هو هن لاءِ پريون ڪنارو هو. سپنن جون آرسيون ڀور ڀور ٿي چڪيون چڪيون هيون!

ڪجهه پل مهند جڏهن هو ٻيئي ڪمري ۾ هئا، هوءَ پلنگ تي ۽ هو ڪرسيءَ تي، ٻيئي آمهون سامهون، وچ ۾ ميز، تڏهن اهو سڀ ڪيڏو نه عجيب پئي لڳو؛ ائين پري پري، اڪيلا اڪيلا، ڄڻ ريل جي دٻي ۾ ويٺل، ڌار ڌار ٽيشڻن جا مسافر.

“هيستوڻي ڪير وٺي آيئي؟”

“ادا وڏو.”

“ادا وڏو!”

ادا وڏو ۽ هو، آمهون سامهون گهرن ۾، ساڳئي مهيني ڄاول، ٻيئي پاڻ ۾ سوٽ، گڏ رانديون رونديون رهيل، اسڪول کان ڪاليج تائين گڏ پڙهيل، ڏِنگاين تي ساڳي سيکت کاڌل- ۽ اهو شخص هن جي گهر ٻاهران ئي هليو ويو… اِگهه ٻِگهه، لاٽون، بلور، ڏاڪ چُماڻي، ڪُونڌر، ڏڙهي کان والي بال تائين، سموريون رانديون ڦِٽائي هليو ويو هو- اِها گِدي ناهي؟ گِديءُ کانسواءِ راند ڪهڙي؟ پر هو ته گِديءَ ۾ به جُٽَ هوندا هئا! چاچي نور شاهه جي باغ مان رات جو چوريءَ انبڙيون پٽڻ ۽ مار جي ڊپ کان جهرَ جهنگ رُلڻ وارا سڀ پيرا ڊاهي هليو ويو هو، اهو شخص! هاسٽل جي ڀت ٽپي، اسڪول کان گُسائي، نشاط هوٽل تي سڄو سڄو ڏينهن گانا ٻڌڻ، واڌو واهه ۾ اُگهاڙا ٿي گڏ وهنجڻ وارو شخص، ڪپ تي پيل هن جا ڪپڙا کڻي ڀڄي ويو هو! هن ته پنهنجي ساڄي ڀرونءَ تي لڳايل سندس زخم به سنڀالي رکيو هو؛ اهو شخص، هن جو مِٽ، هن جو دوست سندس گهر آڏو پنهنجي ڪار جو گيساٽو ڇڏي هليو ويو هو:

“اندر نه آيو؟”

“تون بابا جي عذر خواهيءَ تي نه آيو هئين…”

“ان ڪري!”

هو ڪمري ۾ هلڻ لڳو هو ۽ پلنگ جي چوڌاري ڦِري، هن جي آڏو اچي بيٺو:

”۽ تون ڪنهن جي عذر خواهيءَ لاءِ آئي آهين؟” هن سندس وارن مان وٺي سٽ ڏني:

“تون اهو ڏسڻ آئي آهين نه ته، مان پل پل ڪيئن رک ٿي رهيو آهيان؟ مان ڪيئن اُجڙي رهيو آهيان؟ وقت ۽ حالتن جي گهاڻي ۾ ڪيئن پيڙجي رهيو آهيان؟ اهو ئي ڏسڻ آئي آهين نه ته، منهنجا نيڻ ڪيئن کنڊر بڻجي رهيا آهن” جهٽڪي سان سندس وارن کي ڇڏي، هو ديوار ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو هو- ۽ هن ڏانهس نيڻ کنيا هئا، اجڙي ويل آکيرن جهڙا نيڻ، جن جا پکيڙا، واهيري جي وير ۾ به واپس نه وريا هئا، … ۽ ڪيئن رُتون رت روئنديون، هن جي اڱڻ ۾ پِيلن پَنن جو ڍير ڇڏي ويون هيون .. ۽ هن جو پانڌ پساريل ئي رهجي ويو هو-

“پر مون کيس خط لکيو هو؛ پنهنجي ٻارن کي موڪليو هئم.”

اهو سڀ ڪجهه ديوار ڏانهن ئي منهن ڪري چئي رهيو هو ۽ آڱر سان ان تي ڪجهه لکي رهيو هو ۽ ڊاهي رهيو هو. اتان هٽي، هو ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو:

“پُٽ جڏهن وڏو ٿي ويندو آهي، تڏهن پيءُ جون ڪيتريون ئي جوابداريون گهٽجي وينديون آهن ۽ مون پنهنجي پُٽ کي موڪليو هو.”

“پر تڏهن به لوڪ مريادا…”

“لوڪ، لوڪ، لوڪ… مون لاءِ ته تون، تنهنجو ڀاءُ… سڀ لوڪ بڻجي ويا آهن.”

هو ڪرسيءَ جي ٻانهن ۾ هٿ ڦٻائي، ڪجهه اڳتي کڄي آيو:

“تون ئي چئو، مان ڪهڙي منهن سان اچان ها ڳوٺ؟ منهنجون سڀ راهون، ڪو وقت هو جو ڳوٺ ڏانهن ڊوڙنديون هيون؛ پر ان وقت کي اسان مُٺ ۾ بند نه ڪري سگهياسين… ۽ … ۽ توهان، اسان جي گهر ڏانهن کُلندڙ پنهنجو در اُکوڙي، ان هنڌ اوساري ڪرائي ڇڏي هئي.” هو ماچيس جي تيليءَ وانگر ٻري اٿيو: “۽ تنهنجي ماءُ جي هڪ ئي جملي منهنجون سڀ راهون ڪپي ڇڏيون: ‘توهان وٽ اسان جي ڇوڪريءَ جي رڳو ميڪ اپ جيترا پئسا آهن؟” هاڻي تيلي هن جي آڱر کي ساڙڻ لڳي هئي ۽ هو ڪي پل پنهنجي کليل هٿ کي ڏسندو رهيو:

“پوءِ به مان اتي اچان ها، رڳو لوڪَ پَر کي نڀائڻ لاءِ، ائين نه؟”

هن ڦُوڪ سان تيلي اجهائي ڇڏي ۽ ڪرسيءَ جي

ٻانهن مان هٿ ڍرا ڪري پاڻ ڪرسيءَ ۾ ڍاري، ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجو چهرو لڪائي ڇڏيو هئائين، اتان هٿ هٽائي، هن ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ کپائي ڇڏيون هيون: “مان ته پنهنجي جواڻ ڀاءُ جي موت تي به ڳوٺ نه آيو هئس؛ پر ڇا ان جو مون کي ڏک نه هو!” پل اَپل ماٺ رهيو “ڪجهه ڏک اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڏيهه کي ڏيکارڻ لاءِ نه هوندا آهن، ڪنهن کي به ڏيکارڻ لاءِ نه هوندا آهن رشي!” ڏينهن پُڄاڻا سندس واتان پنهنجو نانءَ سڻيو هئائين.

“جانيءَ جي موت تي توهان جي گهران به ته ڪو ڪونه آيو هو؛ پر مان ته ڪنهن کي، ڪڏهن ڪو ڏوراپو به نه ڏنو هو…!

اها ته وڙ جي ڳالهه هوندي آهي، ڀاڻين اچي ها ته مان در تان ڌڪاري ته نه ڪڍانس ها، جيئن توهان امان کي پنهنجي گهران تڙي ڪڍيو هو؛ پر هو رڳو تنهنجو ڀاءُ ئي ته نه هو، ساڻس منهنجو رڳو سوٽاڻو سڱ ئي ته نه هو؛ هو ته منهنجو سڀ ڪجهه هو؛ وڌ ۾ وڌ اندر اچي ڀونڊو گروڙي منهن تي رکيم ها نه… گهٽ- وڌ ڳالهائي ها- ۽- ۽ مان کيس ڳراٺڙي پائي سڀ لڙڪ روئي پوان ها، جيڪي مون سالن کان سانڍي رکيا هئا.”

هن جي آگم آگم اکين مان، بوندون برسڻ لڳيون هيون، تنهن ويرَ انهن لڙڪ ڦُڙين کي چشمن سان چُمي وٺڻ چاهيو هئائين؛ پر هن انهيءَ بادل کي برسڻ ڏنو- برسڻ ڏنو- بوندن ڌارائن جو روپ ڌاريو ۽ ڳچ دير کانپوءِ بادل بس ڪئي، ڪجهه لُڙڪ ڦُڙا پوءِ به پنبڻن تي اٽڪيا رهيا، جيئن برسات بند ٿيڻ کانپوءِ به، وڻن جي پنن تي مينهن- ڪڻيون پيون جڳمڳائينديون آهن: “اٿي ته ٻاهر هلون.” ۽ هو ٻيئي ٻاهر هليا آيا هئا؛ ٻاهر آسمان صاف ٿي ويو هو. تارن اُڀ جي آڳنڌ ۾ جهرمر لائي ڏني هئي- سڀ ڪجهه ڌوتل هو. وڻن جا پن، تن- من، سڀ چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي اجرو اجرو پئي ڀاسيو- ۽ هوا ۾ سرنهين جي گلن جي سرهاڻ هئي.

(ڪيڏو نه وقت لنگهي ويو هو ٻنهي جي وچ تان. هڪ کاهي ڇڏي.) ڪمري ۾ جڏهن ٻيئي آمهون سامهون ويٺا هئا، تڏهن سوچيو هئائين- ۽ آگم آگم نهار سان ڏانهس ڏٺو هئائين… ٽن ڏينهن کان شيو نه ڪيل هئس؛ نراڙ تي ڪجهه وڌيڪ ريکائون سجايو؛ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. ٻاهران ڪيڏو شانت- ڪيڏو جُڙيل- ۽ اندران؟ ڪجهه ٽُٽڻ جو لاڳيتو آواز پئي آيو؟

“ڇا ٿيو؟” هن رنڌڻي مان ئي رڙ ڪئي هئي ۽ انڌي لوهه پاتي هئائين: “ڇا ڀڳو؟” “آرسي!” هٿ تريءَ مان چُڀيل ڪائو ڪڍي چيو هئائين ۽ هوءَ ڊوڙندي سوئيرو کڻي آئي هئي: “چون ٿا ته شيشي جو ڀڄڻ سٺو سوڻ هوندو آهي.” هن ڄڻ سندس سُور جهڪي ڪرڻ لاءِ چيو هو.

“۽ جي من- درپن ڀڄي پئي؟”

۽ هن سندس ڦُٽل چپن تي پنهنجون نرمل آڱريون رکي ڇڏيون هيون، ايئن چئي ڦٽ تي ڪپهه جو پهو رکبو آهي ۽ نيڻن ۾ نيڻ پائي چيو هئائين: “تڏهن چهرو چچرجي ويندو آهي.”

۽ هوءَ رنڌڻي ڏانهن ڊوڙندي ويئي هئي، بصر وڍڻ جي بهاني سان.

هن جو هٿ پاڻ ڄاڻ پنهنجي چهري ڏانهن کڄي ويو؛ پر اتي ڪوبه زخم نه هو- ڪوبه چير نه هو…

پر ڇا رڳو چهرو ئي چچربو آهي؟… ۽ من؟ من ڪير ٿو ڏسي؟ لوڪ ته رڳو چپن جي لپ اسٽڪ تي چنبڙي پوندو آهي. رتوڇاڻ ته روح هوندو آهي، هتي هر چهرو چچريل هوندو آهي؛ پر اندر جي آئيني ۾ ڏسڻ جي سگهه آهي اسان ۾؟

“مسيت جي منارن تي روشن، هو ٻه بلب پريان ائين ٿا ڀاسن، ڄڻ ٻه ميڻ بتيون هجن.” هوءَ پاڻ به ته هڪ ميڻ بتيءَ جيان ٻرندي رهي هئي. لاڳيتو، چوٽيءَ کان نَهن تائين.

“ڇا چوڻ جهڙو ڪجهه به نه رهيو آهي؟ جُڳن کانپوءِ ملي آهين، پوءِ به چپ آهين؟”

“تون ئي ته چوندو هئين، ته سانت کي پنهنجي لات آهي. خاموشيءَ کي پنهنجي صدا آهي.”

“مون رڳو اهو ئي چيو هو، ياد ناهي؛ پر تو رڳو ان ڳالهه کي ڳنڍ سان ٻڌو هو، ٻين ڳالهين کي ڪاڳرن وانگر ڦاڙي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو هو؛… مون ته هڪ هڪ ڳالهه کي ڳڻي رکيو آهي؛ هڪ هڪ ياد کي سنڀالي رکيو آهي، دل جي ڪتاب ۾ مورَ- پک وانگي- مون ته تنهنجي ساروڻين کي ساهه سين سانڍي رکيو آهي، گوتم جي پوتر رَک وانگي… مون ته توسان گڏ گهاريل گهڙين جا گُل، اکڙين جي گلدان ۾ سدا لاءِ سجائي رکيا آهن.” هو چپ ٿي ويو پاتال وانگي- وري به هو ئي ڇُليو.

“هي جو تنهنجي منهنجي پوري وچ تان، اسان کي ڪرٽ جيان ڪپيندو، ٻه ڦاڪون ڪندو، هيڏو لمبو فاصلو لنگهيو آهي، ان جو حساب تو پنهنجي ڊائريءَ ۾ نه لکيو آهي؟” هوءَ کيس ڇا ٻڌائي ها ته هن جون سموريون ڊائريون ڪوريون ئي رهجي ويون هيون، هن جيان.

“تون ئي ته چوندي هئين ته: ندي ايئن وهندي رهي ۽ اسين تريءَ تي کاڏي رکيو، گوڏو گوڏي سين گڏيو، ائين ڳالهائيندا رهون.”

هوءَ ڇلڻ تي هئي ڪنهن ڇوليءَ وانگر- پر ڪُن جي گهيرٽ ۾ اچي ويئي.

“تون مون کي ٻڌي نه رهي آهين رشي؟”

“مان توکي سُڻي رهي آهيان، سمجهي رهي آهيان.”

”تو ريءَ ٻيو ڪير سمجهيو آهي مون کي- ٻيئي ته سڀ لوڪ لاءِ مان اڄاتي ڀاشا آهيان.” هن جو دم ٽٽڻ لڳو. ٻانهون ٻُر ڇڏڻ لڳس. ڪُن جي گهيرٽ مان نڪرڻ لاءِ ڦٿڙاٽيائين.

“جندڙيءَ جو ڪو پل ئي ته هوندو آهي، جڏهن جهول جهلڻ تي من چاهيندو آهي.” هو واڪو ڪرڻ تي هئي:

(ڄارين تي جڏهن ست- رنگا پيرون ايندا آهن، تڏهن پاڻ ڄاڻ پانڌ پسارجي ويندو آهي.)

… پر هن رڳو کِلي نيڻ کنيا- ته انهن مان ٻه اڇا پيرون ڇڻي پيا- ۽ پنهنجو نرمل هٿ ڏانهس وڌائي ڇڏيائين…

***