حڪومت پيٽروليم مصنوعات کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيوآهي: چيف جسٽس
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪسن متعلق پاڻ مرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڊي، پي ايس او ۽ چيئرمين اوگرا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته قيمتن ۾ واڌ ۽ گهٽائي جو فارمولو ڇا آهي؟ رفائنري تائين پهچڻ تائين پيٽروليم جي ڇا قيمت هوندي؟ اٽارني جنرل چيو ته پنج رفائنريون ڪجهه پيٽروليم درآمد ڪنديون آهن. اين آر اين ۽ پاڪستان رفائنري ڪراچي ۾ آهن ۽ هائيڪو حب بلوچستان ۾، پارڪو مظفر ڳڙهه ۾، اٽڪ رفائنري راولپنڊي ۾، ٽن رفائنرين جي 15 سيڪڙو مقامي پيداوار آهي ۽ 85 سيڪڙو درآمد. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪل 22 ڪمپنيون آهن جيڪي تيل درآمد ڪن ٿيون. پهرين تيل سعودي عرب مان اڌارو به ملندو هو پر هاڻي اها اڌار بند ٿي وئي آهي. چيف جسٽس پاران ايم ڊي پي ايس او کان سوال ڪيو ويو ته توهان جو ڪيترو تجربو آهي، جنهن تي هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ٽن سالن جو تجربو آهي ۽ 37 لک رپيا پگهار کڻان ٿو، جنهن تي چيف جسٽس ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته توهان صارف کي رليف نٿا ڏيو. پي ايس او جي ڇهن مهينن جي درآمدي جو آڊٽ ڪرائي ٿا ڏسون. پيٽروليم جي امپورٽ شفاف ٿيڻ گهرجي. هن وقت غير ترقياتي خرچن کي صارف کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ان کان علاوه آفيسرن جي عياشي جو بار به عوام کي کڻڻو پوي ٿو. آڊٽ بعد عدالت ڏسي وٺندي ته پي ايس او جيڪي ٽيڪس لڳايا آهن اهي جائز آهن يا نه. ڏسڻو پوندو ته درآمد ديانتداري سان ٿي رهي آهي يا نه. ان موقعي تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته هڪ ليٽر پيٽرول خريدڻ تي چاليهه رپيا ٽيڪس ڀرڻو پوي ٿو.

