آپريشن ڪندڙ روبوٽ تيار

برطانيه جي ماهرن اهڙو روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو انسان جي آپريشن به ڪري سگهي ٿو. هي روبوٽ ٽن ٻانهن تي مشتمل آهي، جنهن کي ٻئي ڪمري ۾ ويٺل سرجن ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. هن قسم جي روبوٽ کي آپريشن ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت کان اجازت ملڻ جو انتظار آهي، جنهن کانپوءِ اهو آپريشن ٿيٽر ۾ ڪم ڪري سگهندو. حڪومت جي منظوري ملڻ کانپوءِ هن روبوٽ جي مدد انهن سرجنز کي ملي ويندي جيڪي آپريشن ٽيٿر ۾ مريضن جون آپريشنون ڪندا آهن. هن روبوٽ جو فائدو اهو آهي ته آپريشن ٿيٽر ۾ ڊاڪٽر اڪثر مريض جي اندرين حصن جي آپريشن مهل   جهڪي ڪري ڪافي دير تائين ڪم ڪندا رهندا آهن جنهن ڪارڻ اهي ٿڪجي به پوندا آهن، هاڻي  هن روبوٽ جي مدد سان   اهڙن ڪمن لاءِ هي روبوٽ سرجنز جي مدد ڪندو. هن قسم جي روبوٽ جا مريض لاءِ به ڪجهه فائدا قرار ڏنا ويا آهن جن ۾ انفيڪشن جو ڦهلجڻ، هرنيا جو ٺهڻ، سرجري کانپوءِ گهٽ تعداد ۾ پين ڪلرز جي ضرورت هجڻ به شامل آهن. هي روبوٽ ڪجهه اهڙا  ڪم ڪري سگهي ٿو جنهن کي سکڻ ۾ ڊاڪٽرن کي 60 کان 80 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا پر هي روبوٽ اهي ڪم سکڻ ۾ صرف 30 منٽ لڳائيندو. حڪومت کان اجازت ملڻ بعد هي روبوٽ آپريشن ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ لائق بڻجي ويندو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments