ايڊيٽوريلنئون

بريٿ (Breathe) پاڪستان ڪانفرنس

            انساني آباديءَ جي وڌڻ سان انساني سرگرميون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن ۽ انهن سرگرمين جو اثر هڪ صديءَ جي اندر ماحول تي تمام منفي انداز ۾ ظاهر ٿيو آهي، ڇو ته انسان ذات نه صرف هوا کي، پر هن دريائن، سمنڊن ۽ ٻيلن کي به گدلو ڪيو آهي ۽ تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. هن وقت انسان مختلف خطرن ۾ گهيريل آهي ۽ ان کي فڪر آهي ته مستقبل ۾ ڇا هن ڌرتيءَ تي اهي سڀئي وسيلا موجود هوندا جيڪي انساني حياتيءَ جي لاءِ بنيادي ضرورت جو درجو رکن ٿا، جنهن ۾ سڀ کان وڏو وسيلو پاڻي آهي. 6-7 فيبروري 2025 تي بريٿ پاڪستان ڪانفرنس جي نالي سان ڊان ميڊيا هائوس اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي پاڪستان ۾ ماحوليات جي خطرن کان آگاهيءَ جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو تعريف جوڳو آهي، جنهن ۾ دنيا جا وڏا وڏا ماحوليات جا ماهر ۽ اسٽيڪ هولڊر گهرايا ويا ۽ ماحوليات ۽ ان سان لاڳاپيل للڪارن تي ڳالهايو ويو، ان جا سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جاڳرتا ڏيڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري وئي ته مختلف ملڪن ۾ انهن پروگرامن تي ڳالهائڻ ڪيترو ضروري آهي.

            ڪانفرنس ۾ مختلف شين کي بحث هيٺ آندو ويو، جنهن ۾ ڪلائيميٽ فنانس جي باري ۾ ڳالهايو ويو ته ماهرن کي انهن ذريعن کي ڳولهڻ گهرجي جتان ماحوليات جي جاڳرتا جي لاءِ پروگرام هلايا وڃن ۽ انهن جي فنڊنگ به جمع ڪئي وڃي. ڪلائيميٽ جسٽس جي پئنسلٽن ۾ جسٽس منصور علي شاهه به شامل هو، جنهن ۾ هن عالمي ماحولياتي عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ هن پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته گليشيئر تيزيءَ سان پگهرجي رهيا آهن، جنهن جو اثر سڀني کان وڌيڪ سنڌو درياءَ تي ٿيندو ۽ موسمياتي احتساب جو نظام آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان موسمياتي تباهيءَ جي خطرن جو شڪار ٿيندڙ ملڪ آهي، جنهن ۾ 2022ع جي ٻوڏ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ڏنو، ڇو ته اسان جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي ۽ موسمياتي خطرن جي ڪري سندن روزگار غير يقيني جو شڪار ٿي وڃي ٿو. انهن موسمياتي تبديلين جو اثر اسان کي ڪيڏي مهل ٻوڏن جي صورت ۾ ته ڪيڏي مهل شديد گرميءَ جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوي ٿو. ڪانفرنس ۾ ڪلائيميٽ ايڊپشن يعني ماحوليات جي تبديل ٿيڻ سان گڏوگڏ پنهنجين زندگين کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي ان تي به تفصيل سان ڳالهايو ۽ پنهنجي زندگين ۾ وقت سان گڏ ۽ موسمياتي تبديلن سان گڏ ڪهڙيون تبديليون آنديون وڃن ان موضوع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ تجويزون ڏنيون ويون.

            ڪانفرنس جو مقصد ماحوليات لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ معلومات کي گهڻن ماڻهن تائين پهچائڻ هو ۽ ماحوليات کي درپيش خطرن جو عملي طور تي حل ڪڍڻ هو. ڇو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارن ملڪن ۾ پنجين نمبر تي اچي ٿو. اهڙي قسم جون ڪانفرنسون يقينن مختلف وقتن تي مختلف ملڪن ۾ ٿيڻ گهرجن، ڇو جو هن وقت سڄي دنيا ۾ ماحوليات ۽ ان ۾ ايندڙ تبديليءَ جي لاءِ حساسيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ان کي اڃان وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اسان جنهن وقت ۾ رهي رهيا آهيون ان ۾ اسان جي ماضيءَ ۾ ڪيل غلط عملن جو حصو آهي جنهن کي اسان هن وقت ڀوڳي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي ماحول کي صحيح نه ڪيو ۽ درست رخ ۾ نه هلياسين ته شايد اسان جا ايندڙ نسل اسان کان به وڌيڪ ڀوڳيندا. ان ڪانفرنس جو پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ هڪ سٺو قدم آهي، پر ان ڪانفرنس جي ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ آيل جيڪي به تجويزون آهن انهن کي اسان جي حڪومت کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو ۽ انهن مسئلن جي حل جي لاءِ حڪومت کي عملي قدم کڻي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. سڀني کان وڌيڪ ته اسان کي پاڻيءَ جي معاملي تي غور ڪرڻو پوندو، پنهنجي زراعت جي اندر تبديليون آڻڻيون پونديون، پاڻيءَ جو نظام زراعت جي ميدان ۾ گهٽ کان گهٽ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ڊرپ واٽر ايريگيشن ۽ ٻيا مختلف نظام متعارف ڪرائڻا پوندا، جنهن ۾ پاڻي گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيندو هجي.  نه صرف ايترو پر جيڪو پاڻي گهرن مان استعمال ٿي ٻاهر نڪري ٿو ان کي به صاف ڪري زراعت جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ به بندوبست ڪرڻا پوندا. ماحول کي بهتر ڪرڻ ۽ هوا کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ٻئي نمبر تي اسان کي وڌ کان وڌ ٻيلا پوکڻا پوندا. هن وقت ماضيءَ ۾ پوکيل ٻيلا مختلف مافيائن جي هٿ ور چڙهيل آهن. ٻيلن مان وڻ وڍجي وڃن ٿا، پر انهن ٻيلن ۾ نوان وڻ نٿا پوکيا وڃن، جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي. چئني صوبن ۾ ڪوشش ڪري ٻيلن جي ايراضيءَ کي جيڪا اڳ ۾ ئي مختص ٿيل آهي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن ۽ ماحوليات جي بچاءُ ۾ جيڪو جانورن ۽ پکين جو حصو آهي ان کي به نظر ۾ رکندي محفوظ ڪيو وڃي. ماحوليات کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت کي آدمشماريءَ کي به ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ۽ ان جي جاڳرتا جي لاءِ پروگرام هلائڻا پوندا، جيڪڏهن اسان گهڻ پاسائي پلاننگ نه ڪنداسين ته اسان شايد مستقبل ۾ ماحول جي خطرن کي منهن ڏئي نه سگهون، ان جي لاءِ ضروري آهي ته سڀني مسئلن کي گڏي ڏسجي ۽ انهن جي لاءِ گڏيل حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.