بلاگنئون

تعليمي نظام ۾ ٻوليءَ جون گهرجون تبديل ٿي رهيون آهن

هن ڊجيٽل دور ۾ اخبارون ۽ رسالا يا ماهوار مئگزين ان رفتار سان نٿا ڇپجن جنهن رفتار سان 80 واري ڏهاڪي ۾ ڇپبا هئا، ٽرينڊس ۽ ٽريڊشن هاڻي تبديل ٿي رهيا آهن (يا ٿي ويا آهن) رهڻي ڪهڻي يا وٺي پائڻ پهرڻ جون شيون هاڻي اهي ناهن رهيون جيڪي اڳ ۾ هيون. ٻوليون، تعليمي نصاب هاڻي تبديل ٿي ويا آهن. هاڻي اها دعويٰ نٿي ڪري سگهجي ته 70 جي ڏهاڪي وارو ميٽرڪ وارو شاگرد هاڻي واري پي ايڇ ڊي جي برابر آهي. هاڻي اها پڙهائي ناهي، پر ائين چئي سگهجي ٿو ته پڙهائي هاڻي وڌي وئي آهي، جو ايترا سبجيڪٽ ٿي ويا آهن، جو ماڻهو هڪ سبجيڪٽ جي علم ۾ به پورو نٿو هجي ۽ سموري زندگي ان پنهنجي ڊگري جا ڪتاب به نه پڙهي سگهندو يا ايترا گهڻا ٿي ويا آهن جو وري ڏسي وائسي پڙهڻا ٿا پون. ان ڪري مادري ٻولي پنهنجي جاءِ تي انگريزي کان انڪار ناهي. اسان وٽ اها مصيبت آهي ته انگريز غلط آهي، پر انگريزي صحيح آهي، پر جيڪڏهن انگريزي صحيح آهي ته پوءِ ٻارن کي انگريزي ۾ پڙهايو ۽ انگريزي ۾ ٻار کي تعليم ڏياريو. اها ڳالھ مڃڻي پوندي ته ڊجيٽل دور ۾ شين جون گهرجون ٻيون ٿي ويون آهن. هاڻي جي دور جو تقاضائون ٻيون ٿي پيون آهن، ان ڪري ٻوليءَ وارو “سيڪنڊ آپشن” انگريزي هجڻ گهرجي.

هاڻي واري دور ۾ اسان به ان منزل جا راهي ٿيون جنهن منزل تي ٻيون قومون اسان کان اڳ کٽيون پيون وڃن. انهن قومن جي اسڪولن ۾ نظام ۽ نصاب ساليانا ناهن، پر ڇھ ماهي ۽ ٽماهي نظام آهن، جنهن ۾ ٻارن تي گهڻو بار نٿو هجي. هڪ ٻيو ٽرينڊ اهو به آهي ته نوڪري سرڪاري هجي ۽ علاج ۽ ٻارن جي پڙهائي پرائيويٽ هجي، جيڪو اسان جهڙن معاشرن جو مائينڊسيٽ هجي ٿو. اها به حقيقت آهي ته معاشي دٻاءُ ۽ مهانگائي جي وڌندڙ تناسب جي ڪري ٻارن جي تعيلم به متاثر ٿئي ٿي. ٻار جيڪو شهري سيٽ اپ ۾ رهي ٿو يا جيڪي ماڻهو “ڪچين آبادين” ۾ رهن ٿا انهن جا والدين ان ٻار تي زور ٿا ڀرين ته هو “چائيلڊ ليبر” بڻجي ۽ گهر ۾ ڪجھ کڻي اچي، ان ڪري ته اڪيلو مرد گهر جا خرچ کاٻار نٿو کڻي سگهي ۽ والدين به ان ٻار جي پڙهائي تي خرچ نٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا ته نوڪري ڪرڻ لاءِ پڙهائي جي ضرورت هجي ٿي، پر “چائيلڊ ۽ اسڪلڊ ليبر” بڻجڻ جي لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اها ڳالھ وڏي فخر سان چوندا آهن ته افغاني ٻار جيڪو ڪراچي جي روڊ رستن تي رَسي ۾ چقمق ٻَڌي سمورو ڏينهن لوھ ميڙي وڃي کپائيندو آهي، سو وڏو ٿي واپاري (انٽرپرونيوئر) ضرور ٿيندو. ان ڪري ته ان ٻار جي ذهن ۾ ڪمائڻ ئي زندگي آهي، اهو ٻار ڀلي نه به پڙهي، پر بک نٿو مري (سڀاڻي ڀلي معاشري ۾ برائي جو سبب بڻجي اها ٻي ڳالھ آهي.)

مصيبت اها به آهي ته جيڪي سرڪاري ماستر (استاد) هجن ٿا انهن جا پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ٻي حقيقت اها به آهي ته جيڪي سنڌي ماڻهو ملڪ جي وڏن شهرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا، انهن جي پنهنجن ٻارن کي ورلي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو هوندو يا جيڪي والدين آمريڪا، آسٽريليا، ڪئناڊا، جرمني يا اٽلي ۾ رهن ٿا اهي ٻار جنهن به ٻولي ۾ پڙهن ٿا ته ڇا اهي ڊرائنگ رومن ۾ پنهنجن ٻارن سان سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا يا نه؟ اهي “سانا” ۾ ويهن يا “ورلڊ سنڌي ڪانگريس” ۾، پر انهن ماڻهن جي ڪري ٻولي جيئي ٿي ۽ اسان به ان ڳالھ تي فخر محسوس ٿا ڪيون ته اهي سنڌي آهن. هن مادي دنيا ۽ سرمائيدار معاشي سيٽ اپ ۾ اهو ضروري آهي ته ٻار انگريزي پڙهي ۽ ڳالهائي، ان ڪري جو انگريزي ڳالهائڻ کانسواءِ نوڪري يا چڱي نوڪري ملڻ مشڪل آهي. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته اهي ٻار جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهن ٿا اهي سنڌي سبجيڪٽ به نه پڙهندا هوندا، پر سڏائين پوءِ به سنڌي ٿا ۽ مارڪيٽ ۾ ان ٻار جي وڏي لئي آهي، جنهن کي انگريزي اچي ٿي جيڪو انگريزي ۾ ڳالهائي ٻولهائي ڪم ڪڍي ٿو وڃي، ڀلا جي ائين نه ڪيون ته پوءِ ٻار کي ڪهڙي ٻولي ۾ دسترس هجي جو هو مارڪيٽ ۾ پاڻ ڪيئن اگهائي؟

نصابن نظامن جي ان فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن جو نصاب به انگريزي ۾ ڪري ته هوند احساس ڪمتري ختم ٿي وڃي. اسان اها ڳالھ به مڃون ٿا وڏيرڪو ٻار انهن اسڪولن ۾ پڙهايو ٿو وڃي جتي جا نظام ڊجيٽل هجن ٿا ۽ والدين لکين رپيا رڳو انهن جي بنيادي تعليم تي خرچ ٿا ڪن، پر اهي والدين اهو به چاهين ٿا انهن جا ٻار اسڪول جي در تائين پيرين پيادا نه وڃن، پر انهن جا نوڪر چاڪر ۽ ڊرائيور انهن جي ٻارن کي يا گهڻي ڀاڱي انهن جون گهرواريون انهن ٻارن کي وڏين گاڏين ۾ اسڪول جي در تائين ڇڏي اچن، ان ڪري جو ٻار ۾ احساس برتري جو صَلو ڦٽي ۽ اهو ٻار سمجهي ته هو حڪمران طبقي جي پيداوار آهي ۽ سمورو وقت جيستائين هو اسڪول پڄي ٿو ۽ جيڪو ٽائيم اسڪول ۾ ۽ گهر ۾ هجي ٿو ته هو پنهنجي والدين ۽ اسڪول جي ماسترن سان انگريزي ۾ ڳالهائي ٿو ته جيئن هو پاڻ کي معاشري جي انهن ٻارن کان اتم سمجهي جيڪي روڊن تان پنا ميڙي گذران ڪندا ٿا رهن. ان ڪري ته طبقات ۾ رهڻ ۽ جيئڻ هن ملڪ يا اسان جهڙن ملڪن جي بنيادي گهرج ٿي پئي آهي، ڇو ته ڪاٺ جي بينچن، وڻن جي ڇانوري، اُسَ، سردي گرمي ۾ کليل ميدان تي پڙهڻ ۽ اي سي وارن ڪمرن ۾ پڙهڻ ئي هن معاشري ۾ طبقات جي نشاني آهي ۽ ڪير به جنرل، ڪرنل، بالا آفيسر، وڏيرو ۽ بزنس ڪلاس ان ڳالھ جو خواهان ناهي ته ان جو ٻار ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ پڙهي، جتي ماستر لٺ کڻيو بيٺو هجي يا جتي جا ماستر مورڳو پاڻ به ڪنهن انگريزي اسڪولن جا پڙهيل نه هجن.

پر اها ڳالھ ضرور ڪجي ته اهڙين معاشي معاشرتي جنگين جي لاءِ پنهنجي قوم کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪجي، ان ڪري ته رڳو تعليم ئي آهي، جنهن سان اهڙين سڀني قومن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، ان ۾ اهو به ضرور آهي ته نياڻين جي تعليم تي به ڌيان ڏجي، انهن کي نوڪرين ۾ برابر جو حصو ڏيارجي (پر زرعي سيڪٽر ۾ اهو مشڪل يا ممڪن ناهي). اها ڳالھ به مڃون ته 80 يا 90 جي ڏهاڪن واري صورتحال هاڻي ناهي، پر شهرن ۾ صنعتن جا ڄار وڇايل آهن، اتي پوءِ اهي نوڪريون، اسڪلز، ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪري اتي پاڻ مڃائي سگهجي ٿو (اهو ڪم به هاڻي ان ڪري به گھڻو آهي ته نوڪرين جي اڻهوند جي ڪري نوجوان شهرن جو رخ ٿو ڪري)، پر ٻار جي تعليم جي برابر هجي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ٽئلنٽ هجي ته هو پاڻ مڃائي سگهي ٿو. هتي اهو ٻيو بحث به آهي ته ٻار کي ڪاروباري دنيا جي لاءِ به تيار ڪجي. اسان جهڙن معاشرن جا مائينڊسيٽ اهي به هجن ٿا ته لاانفورسمينٽ جي ماڻهن کي شادين ۾ اڳ ۾ ڪرسين تي ويهاري کارايو ٿو وڃي يا شادي هالن ۾ انهن جي لاءِ الڳ سيٽون هنيون ٿيون وڃن، انهن کي سيڪورٽي جا پروٽوڪول به ملن ٿا، انهن کي الڳ الڳ ۽ خاص ماني به کارائي ٿي وڃي، انهن جي وڏي عزت هجي ٿي، پوءِ اهو ڏسي هر والدين اهو ٿو سوچي ته اسان جو ٻار به وڏو ٿي اهڙو ئي ماڻهو بڻجي ۽ انهن کي اهڙي لئي ڪرائي، اهي سڀ سک ڏئي سگهي جيڪي اهي چاهين ٿا.

هر ٻار هڪ نصاب ۾ پڙهي ۽ بورڊ به هڪَ ڪَرا هجن (جيڪا شيءِ ممڪن ناهي) ان ڪري طبقاتي تعليمي نظام ڀلي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هجي، پر وڏي ڪلاس يا اپر ڪلاس جي ماڻهن جي ضرورت ۽ لائف لائين اها ئي آهي ته انهن جا ٻار چڱن اسڪولن ۾ پڙهن، گهٽ ۾ گهٽ اهڙن اسڪولن ۾ هجن جن جون فيون ۽ ماهوار خرچ هزارين رپيا هجن. هتي هڪڙو مثال ٿا وٺون جيئن ڪراچيءَ جي حبيب يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندڙ استاد (پروفيسر) سڀ جا سڀ (يا گهڻي ڀاڱي) ٻاهرين ملڪن جا پي ايڇ ڊي هجن ٿا، جيڪي ٻارن کي گريجوئيشن ٿا ڪرائين. هن يونيورسٽي ۾ ماسٽرز جا ڪي به پروگرام ناهن نه ئي ڪو في الحال ڪو مئنيجمينٽ سائنسز، اپلائيڊ سائنسز يا ڪمپيوٽر سائنسز جا پروگرام هلن ٿا، پر هن يونيورسٽي جي گريجوئيشن پروگرام جي فيس لکين رپيا آهي يا چئجي ته ڪروڙ تي وڃي بيهندي، پر ڳالھ چوڻ جي اها آهي ته اهڙين يونيورسٽين ۾ غريب ماڻهو جي جاءِ ئي ناهي ته ڪو اهو سوچي (اسڪالرشپ ٻي ڳالھ آهي.)

مصيبت اها به آهي ته ڪنهن به ڊسيپلين ۾ ڪيل ماسٽرز وارو ٻار به سرڪاري ماستري ملڻ کانپوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ اهوئي “ا ب ٻ” وارو نصاب پڙهائيندو ۽ ساڳي ماسٽرز ڪيل ٻار جيڪڏهن ڀاڳن ۾ ليڪچرار ٿي ويو ته اهو وري ساڳي ماسٽرز ۽ گريجوئيٽ ٻارن کي پڙهائيندو، معنيٰ هڪڙو ماسٽرز ڪيل ٻار پرائمري ٽيچر ۽ ساڳئي ئي ڊسيپلين ۾ ماسٽرز ڪيل ٻار وري يونيورسٽي ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر، ڳالھ سمجھ کان مٿي آهي ته اهي نظام ۽ نصاب يا ته معاشرن جي ڳچيءَ ۾ آهن يا اهي ٻارن جو ٻيڙو تاريندا يا ٻوڙيندا، پر حيرت اها به آهي ته غريب هاري ۽ مزدور وٽ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي في جا پئسا نٿا هجن، ان ڪري اهي ٻار وڏن اسڪولن جي تعليم نٿا پرائي سگهن، ان ڪري اهي پنهنجن والدين جي زندگي ۽ رهڻ جا ڍنگ به بدلائي نه سگهندو.