بلاگنئون

قرض تي خوشيون ملهائيندڙ حڪمران

سنڌي ۾ چوندا آهن ته “قرض وڏو مرض آهي”، پر اسان وٽ پورو نظام قرض تي هلڻ ڪري هرڪو خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو. ڪوبه حڪمران ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ مان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، بلڪه عوام خاطر قرض وٺي نه رڳو عياشيون ڪن ٿا، پر ان قرض جو وياج به عوام کي ئي لاهڻو ٿو پوي ته مور به عوام کي ئي لاهڻو ٿو پوي، جنهن جي لاءِ قرض ورتو وڃي ٿو ان جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اهو پئسو استعمال نٿو ٿئي. تازو عوام کي خوشخبري ڏني وئي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ وارو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. انهن ڳالهين کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پهرين جائزي لاءِ عملي سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي. جڏهن ته حتمي منظوريءَ بعد قرض ملندو جنهن مان آءِ ايف کي تمام گهڻو فائدو ملندو. اهو قرض ستٽيهه (37) مهينن لاءِ هوندو.

پاڪستان ۾ قرض وٺڻ جا امڪان عيد جي چنڊ وانگر آهن، هونئن به قرض وٺڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، پر ان کي ملڪ جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ پئسي جو وڏو حصو ملڪ جي مفاد لاءِ گهٽ خرچ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته حڪمرانن جا ذاتي مفاد وڌيڪ هجن ٿا. پاڪستان کي هر ملڪ طرفان وڌيڪ سود تي قرض ملي ٿو ۽ نيون نيون شرطون لڳايون وڃن ٿيون، پر قرض وٺڻ مجبوري آهي ۽ مجبوريءَ ۾ ڳرا ٽيڪس به برداشت ڪرڻا پون ٿا. ايتري تائين جو پنهنجون بجيٽون به آءِ ايم ايف جي چوڻ موجب ٺاهيون وڃن ٿيون.IMF  جي ٽيڪسن ۽ شرطن جي ڪري پاڪستاني عوام مهانگائي ۾ گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي. پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت لاءِ وڏو بحران پيدا ڪري رهي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ ڪي به پاليسيون نٿيون ٺاهيون وڃن. جيڪڏهن بهترين پاليسيون اختيار ڪيون وڃن ته پاڪستان معاشي طور مضبوط ٿي سگهي ٿو. ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان معاشي طور ايترو ڪمزور نه هو،  پر هاڻ بدترين حالت ۾ اچي چڪو آهي. ڪيترن ئي ادارن جي نجڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترائي ادارا نجڪاري ٿيڻ وارا آهن.

تازو آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ عوام جي معاشي حالت خراب ٿي وئي آهي. آءِ ايم ايف جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا هدف حاصل نه ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ظاهري طور تي ڪيترن ئي خاندانن کي سهارو ڏئي رهيو آهي، پر ان جا نقصان به تمام گهڻا ٿي رهيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مليل امداد عزت نفس کي تباهه ڪري رهي آهي. عورتون ٻه چار هزارن لاءِ ذلت ۾ زندگي گذاري رهيون آهن. هتي ڪاروباري ماڻهو ۽ دڪاندار به رشوت وسيلي پئسا ڪڍرائي رهيا آهن، پر کين ڪير به پڇڻ وارو ناهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم بهتر خرچن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن رقم ڏيڻ ضروري آهي ته عزت نفس کي نظر ۾ رکندي موبائل اڪائونٽ ذريعي ڏئي سگهجي ٿو. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ماحولياتي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماحولياتي خطرن ۽ قدرتي آفتن خلاف پاڪستان جي مدد ڪرڻ ضروري آهي. تازو توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. هاڻي ظاهر آهي ته پاڪستان کي حقيقي ضرورتن ۽ ترقيءَ جي نالي تي قرض ڏنو ويندو ۽ اها رقم وڏي سود سان وصول ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ته قدرتي آفتون اينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ٻوڏون، ڪڏهن غير موسمي برساتون ۽ ڪڏهن ٻيون آفتون، پاڪستانين کي انهن آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به تياري ناهي. جيڪڏهن پاڪستان جي معيشت هميشه قرضن تي هلي ته پوءِ هي ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندو. پاڪستان کي جڏهن به قرض ملندو آهي ته شرط مٿان شرط رائج ڪيا ويندا آهن جيڪي حڪمران خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا آهن. موجوده شرطون پڻ توانائي جي سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. خرچن کي گهٽائڻ لاءِ مراعات يافته طبقي جي مراعات کي گهٽائڻ ضروري آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان جو سمورو نقصان عوام کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو. بجلي تمام مهانگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 200 کان 300 يونٽ بجلي مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بجلي جا بل عوام لاءِ مهانگا بڻجي ويا آهن.

آءِ ايم ايف پاران اهو شرط به رکيو ويو آهي ته پهرين جولاءِ 2025ع کان زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي وصولي کي يقيني بڻايو ويندو، هن وقت زراعت جو شعبو بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان ڪري زراعت جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن زراعت ۽ بجلي يا ٻين شعبن کي سبسڊي ڏني وڃي ته ان سبسڊي مان عوام کي فائدو حاصل ڪرڻ جو خيال رکڻ ضروري آهي. پاڪستان جلد آءِ ايم ايف مان قرض وٺڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. اهو به اڪثر ٻڌڻ ۾اچي ٿو ته پاڪستان ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي. عام ماڻهو سوچيندا رهندا آهن ته ڏيوالپڻو شايد ايترو نقصانڪار نه هجي جيترو هاڻي آهي. ٽيڪس لڳائڻ به ضروري آهن ڇو ته ڪنهن به ملڪ جو نظام ٽيڪس مان حاصل ڪيل پئسن سان هلندو آهي، پر ٽيڪس جو پئسو ڪرپشن جو ذريعو نه هجڻ گهرجي ۽ امير ٽئڪس مان آجا نه هجن. پاڪستان قرض تي قرض وٺي رهيو آهي ۽ ان جو فائدو پاڪستاني عوام کي نه پر حڪمرانن کي پئجي رهيو آهي. ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ زراعت ۽ ٻين شعبن تي فوري توجهه ڏيڻ گهرجي. عوام حيران آهي ته جڏهن قرض ورتو ويو ته اهو ڪٿي خرچ ٿيو؟ جيڪڏهن سڄو پاڪستان قرضن تي هلي رهيو آهي ته اهو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو؟ قرض پاڪستاني قوم جو رت نچوڙي رهيو آهي، ان ڪري قرضن مان نجات حاصل ڪري ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.