بلاگنئون

آمريڪا، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ روس جو جنگي جنون پاڙيسري ترقي يافته ملڪن جو امن تباھه ڪري ڇڏيندو

تازوئي آمريڪا ايران مٿان حملا ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ٽئين مهاڀاري جنگ لڳڻ جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا آهن. دنيا جو سڪون برباد ڪندڙ سپر پاور آمريڪا غير مهذب ۽ غير متوازن ماحول پيدا ڪري دنيا جي ملڪن ۾ جنگي ماحول کي هوا ڏئي رهيو آهي. اهڙي ڪشمش واري ماحول ۾ پاڪستان سميت ٻيا ايٽمي صلاحيت رکندڙ ملڪ پنهنجي دفاعي پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن سان بيهندا. هڪطرف سپر پاور ملڪ آمريڪا ۽ ٻئي طرف مسلم ملڪ ايران آهي، جيڪڏهن عوام ايران سان آهي ته رياست کي به يقيني طور ايران سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻو پوندو. ٻئي طرف ڏکڻ ايشيا ۽ خليجي ملڪن ۾ هينئر جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ان جو ڪارڻ سپر پاور سڏرائيندڙ ملڪ آمريڪا، اسرائيل، روس ۽ اتر ڪوريا آهن، جيڪي هن علمي ۽ سائنسي دور ۾ به هٿيار ٺاهڻ ۽ کپائڻ جا دڪان بڻيل آهن. آمريڪا، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ روس دنيا جو سڪون برباد ڪيو ويٺا آهن. ڇا آمريڪا سميت هنن جارحيت پسند ملڪن کي انساني خون وهائڻ ۾ مزو ٿو اچي. آمريڪا اسرائيل کي جنگي گولا بارود مهيا ڪري ٿو ۽ اتر ڪوريا ۽ روس ساڳئي طرح ايران کي. جڏهن ته دنيا جا سڌريل ملڪ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي معاشي ترقي جا نوان رستا ڳولهڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ سهولتن کي ترجيح ڏيڻ تي پنهنجي توجهه مرڪوز ڪري رهيا آهن. ان جي باوجود آمريڪا، اسرائيل اتر ڪوريا ۽ روس انساني جانين جا دشمن بڻيل آهن. ڇا گڏيل قومن جو ادارو ۽ انساني حقن جي تنظيمن جو هنن ملڪن تي زور نٿو هلي يا ٻٽو معيار آهي. بهرحال پنهنجي اصل موضوع طرف اچون ٿا ڪوريا جزيره نما پهريون ڀيرو لوئر پيليوليٿڪ دور ۾ آباد ٿيو هو. ان جي پهرين بادشاهت چيني رڪارڊن ۾ ستين صدي قبل مسيح جي شروعات ۾ چٽي طرح درج ٿيل آهي. ستين صدي جي آخر ۾ ڪوريا جي ٽن بادشاهتن جي سِلا ۽ بالهي ۾ اتحاد کانپوءِ ڪوريا تي گوريو خاندان (918-1392) ۽ جوزون خاندان (1392-1897) جي حڪومت هئي. بعد ۾ ايندڙ ڪورين سلطنت (1897-1910) تائين جاپان جي سلطنت جي تسلط هيٺ رهيا. 1945 ۾ ٻي عالمي جنگ جي آخر ۾ جاپانين جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ ڪوريا کي 38 هين متوازن رياستن جي ڀيٽ سان ٻن علائقن ۾ ورهايو ويو، اتر ڪوريا سوويت يونين جي قبضي ۾ ۽ ڏکڻ ڪوريا آمريڪا جي قبضي هيٺ رهيو. 1948 ۾ ڪوريا ۾ الڳ الڳ حڪومتون قائم ٿيون. اتر ڪوريا ۾ سوشلسٽ ۽ سوويت اتحاد سان لاڳاپيل ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ سرمائيدار مغرب سان لاڳاپيل ريپبلڪ آف ڪوريا 1950 ۾ ڏکڻ ڪوريا تي اتر ڪوريا جي حملي سان ڪوريا ۾ جنگ شروع ٿي وئي هئي. 1953 ۾ ڪورين آرمسٽيس معاهدي تحت جنگ بندي ٿي ۽ هڪ غير فوجي زون (DMZ) قائم ڪيو ويو، پر هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن ڪوبه باضابطا امن معاهدو دستخط نه ڪيو ويو آهي. جنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ٻين اوڀر بلاڪ ملڪن پاران فراهم ڪيل معاشي امداد ۽ ماهرتن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو. بهرحال اتر ڪوريا جي پهرين اڳواڻ ڪِم اِل سُنگ، جوشي جي پنهنجي ذاتي فلسفي کي رياستي نظريي جي طور تي فروغ ڏنو ويو. 1980 جي ڏهاڪي کانپوءِ پيانگ يانگ ۾ بين الاقوامي اڪيلائي تيزي سان وڌندي رهي ۽ اتر ڪوريا دنيا ۾ پنهنجي ناقص پاليسين جي نتيجي ۾ تنهائي جو شڪار ٿي ويو، جيئن ئي سرد جنگ جو خاتمو ٿيو ته 1991 ۾ سوويت يونين جي زوال کانپوءِ اتر ڪوريا جي معيشت ۾ تيزي سان گهٽتائي ايندي رهي. 1994 کان 1998 تائين اتر ڪوريا ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ اتر ڪورين آبادي غذائي کوٽ جي شڪار هيٺ رهي. 2024 ۾ DPRK رسمي طور تي اتر ڪوريا کي امن ۽ ناقص پاليسين جي ڪري ٻيهر متحد ڪرڻ لاءِ ڪوششن تي زور ڏيڻ ڇڏي ڏنو. اتر ڪوريا هڪ آمريت پسندي واري سوچ وارو ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪِم خاندان جي چوڌاري شخصيت جو هڪ جامع فرقو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل اتر ڪوريا کي دنيا ۾ بدترين انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ ملڪ سمجهي ٿو. سرڪاري طور تي اتر ڪوريا هڪ ڪميونسٽ رياست آهي جيڪا پاڻ کي آزاد سوشلسٽ رياست طور نامزد ڪري ٿي، جيڪا جمهوري چونڊون منعقد ڪري ٿي. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن جا مبصر چونڊن کي غير منصفاڻيون ۽ غير مقابلي واريون قرار ڏيندا رهيا آهن ۽ ساڳئي طرح پاڙيسري ملڪن جا مبصر به طئي ٿيل چونڊون قرار ڏيندا رهيا آهن. سوويت يونين جي چونڊن وانگر ڪوريا جي ورڪرز پارٽي (WPK) اتر ڪوريا جي واحد حڪمران پارٽي آهي. آئين جي آرٽيڪل 3 جي مطابق ڪِملسنگزم، ڪِمجونگيلزم اتر ڪوريا جو سرڪاري نظريو آهي. پيداوار جا ذريعا رياست جي ملڪيت آهن، رياست جي هلائيندڙ ادارن ۽ اجتماعي فارمن ذريعي گهڻيون خدمتون ڏيندڙ جهڙوڪ صحت جي سارسنڀال، تعليم، رهائش ۽ کاڌي جي پيداوار ۾ سبسڊي يا رياست جي فنڊ سان مهيا ڪيون وينديون آهن. اتر ڪوريا سونگون (ملٽري سڀ کان اڳ) جي پيروي ڪري ٿو، هڪ فوجي پهرين پاليسي جيڪا رياستي معاملن ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ ڪورين پيپلز آرمي کي ترجيح ڏئي ٿي. ان وٽ ايٽمي هٿيار آهن. 2.38 ملين سپاهين جي ان جي فعال ڊيوٽي فوج دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي. 1991 کان گڏيل قومن جو ميمبر هجڻ کان علاوه، اسرائيل ۽ اتر ڪوريا خطي ۾ غير سنجيده ۽ غير ذميوار رهيا آهن. جنهن سان اوڀر ايشيا ۽ خليجي ملڪن ۾ هميشه توازن غير متوازن رهي ٿو، اهڙي جنگي جنون جي ڪري ترقي ڪندڙ ملڪ پريشاني جي ڪيفيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڇا آمريڪا، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ روس کي اهڙي عمل کان روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري ڪو قانون پاس ڪيو آهي يا ڪو قانون پاس ڪرائي سگهجي ٿو؟ جنگيون هميشه انساني قتل عام ۽ تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه هونديون آهن. اسرائيل، آمريڪا، اتر ڪوريا ۽ روس تي ڪي ضابطا لاڳو ڪري وڌيڪ انساني قتل عام ۽ خوبصورت دنيا کي تباهي کان بچايو وڃي. اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ ڪو امن معاهدو ڪرائي امن پسند ملڪن کي جديد ترقي جا ڪي دروازا کولڻ ڏيو ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن کي به همٿايو وڃي ته جيئن ترقي جي منزل طرف روان دوان ٿي سگهن. ڏکڻ ڪوريا جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندي اتر ڪوريا جي ببلو جي وات مان نپل کسي کيس ترقي جو سبق سيکاريو وڃي. اهڙيءَ ريت اسرائيل جي جنگي جنون کي به ختم ڪرڻ لاءِ خليجي ملڪن کي قوت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اسرائيل ٻيهر هن خطي جو امن برباد نه ڪري سگهي. سپر پاور آمريڪا ۽ روس جي درميان ڪو اهڙو معاهدو عمل ۾ آندو وڃي جنهن نتيجي ۾ هي ٻئي ڪراڙا شينهن گجگوڙن بجاءِ آرام ۾ رهن، هنن ٻنهي شيطانن دنيا جو امن ۽ سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي. بس هاڻي ڪتي جي پڇ کي نڙ ۾ وجهڻ جي ضرورت آهي. ڏکڻ ڪوريا ۽ خليجي ملڪ ترقي ڪندڙ ملڪن جي معيشت ۽ روزگار جو ذريعو بڻيل آهن. آمريڪا، اسرائيل، اتر ڪوريا ۽ روس کي هاڻي اھڙي جنگي جنون وارن عملن کي ختم ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هنن سٽن جيان:

هلو هلو ڪورين نازڪ جنهين جو نيھن،

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه  سکيا.

***