يوڪرين جي ڳجهي ايجنسي ايس بي يو جي طرف کان هڪ غير معمولي قسم جي ڊرون حملي ۾ روس جي ڪيترن ئي قيمتي بمبار جهازن جي تباهي واري واقعي کانپوءِ روس يوڪرين جنگ هڪ وڌيڪ نازڪ ۽ خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪي آهي. يوڪرين جي طرف کان روس جي اندر بجلي، ريلوي جي نظام ۽ انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جون ڪارروائيون به ڪيون ويون آهن، انهن حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يوڪرين روس جي مقابلي ۾ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ هن کي وڏين يورپي طاقتن جي حمايت به حاصل آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان قسم جي جنگ ۾ ايٽمي هٿيار به استعمال ڪيا وڃن. هنن سٽن جي لکڻ وقت روس جي طرف کان يوڪرين ۾ ميزائيلن ۽ ڊرون جهازن سان وڏي پيماني تي جوابي حملا ڪيا پيا وڃن. هن وقت جي تازي حملي ۾ روس 500 ڊرون جهازن جو استعمال ڪيو آهي، جيڪو تازي جنگ جي دوران سڀ کان وڏو حملو آهي. جڏهن ته يوڪرين به حملن جو جواب ڏئي رهيو آهي.
جون 2025 جي پهرين هفتي ۾ 120يوڪريني ڊرون جهازن (جن کي ٽرڪن ۾ روس موڪليو ويو هو) جي وسيلي هڪ وڏي منظم ڪارروائي ۾ پنجن روسي هوائي اڏن تي حملو ڪيو ويو هو، جن منجهان ٻه هوائي اڏا يوڪرين کان هزارين ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهن. ان آپريشن کي اسپائيڊر ويب (ڪوريئڙي جو ڄار) جو نالو ڏنو ويو هو، جنهن جي لاءِ يوڪرين اڍائي سالن تائين منصوبابندي ڪئي هئي.
يوڪريني ڳجهي ايجنسي ايس بي يو جي جاري ڪيل وڊيوز ۽ رپورٽ جي مطابق روس جا 40 کان مٿي جنگي ۽ جاسوسي جهاز تباهه ٿيا آهن، جيڪو روس جي بمبار جهازن جو اٽڪل 30 سيڪڙو بڻجي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙين دعوائن ۾ مرچ، صالحو ٿورو وڌيڪ پيل آهي، پر اهو روس جي لاءِ وڏو جهٽڪو ۽ توهين آهي. روسي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن جا درجن کن جهاز باھ جي وڪوڙ ۾ آيل آهن يوڪريني صدر ولاديمير زيلنڪسي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي ان شاندار ڪاميابي جو فخر واري انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته اها “هڪ سال ڇهن مهينن ۽ نون ڏينهن جي ڊگهي منصوبابندي کانپوءِ هڪ ڪامياب ڪارروائي هئي” اهڙيون شاهديون موجود آهن ته نيٽو کي ان ڪارروائي جي اڳ ئي ڄاڻ هئي.
ان قسم جو ڏکيو آپريشن، جنهن کي هڪ ڊگهي وقت ۾ تيار ڪيو ويو هو. مغربي طاقتن کان ڪيل نازڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه هو. يوڪرين ۽ نيٽو جا فوجي ۽ انٽيليجنس حاڪم مسلسل ويجهڙن رابطن ۾ رهن ٿا ۽ صدر زيلنسڪي اٽڪل روزاني جي بنياد تي نيٽو ملڪن جي اڳواڻن سان ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪري ٿو.
بنيادي طور تي ان ڪارروائي جو مقصد روس جي آڪڙ ۽ اعتماد کي ٽوڙڻ ۽ جنگ بندي واري ڳالهين ۾ بهتر بارگينگ پوزيشن حاصل ڪرڻ هو. ٽرمپ پنهنجن سوشل ميڊيا پيغامن ۾ اهڙا اشارا ڏئي چڪو هو ته روس کي نرمي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو نه ته حالتن جي سموري ذميواري پيوٽن تي پوندي. يوڪريني حملي کان هڪ ڏينهن اڳ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ سڌين ڳالهين جو ٻيو مرحلو استنبول ۾ شروع ٿيو هو، جنهن کي محض هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڪنهن بهتر نتيجن نڪرڻ جي ختم ڪيو ويو هو.
ماسڪو ان حملي کي نيٽو جي طرف کان روس جي اسٽريٽيجڪ جڳهين تي حملو قرار ڏنو آهي ۽ ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو اشارو ڪيو آهي. روسي دفاع جي وزير محتاط بيان ڏنو ته ڪجهه هوائي اوزارن ۾ باھ لڳي وئي هئي ۽ اهو ته سمورن دهشتگرد حملن کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ان کانپوءِ پيوٽن تي شديد دٻاءُ هو جنهن تحت شديد جواب ڏيڻ هن جي مجبوري بڻجي وئي هئي. ظاهر آهي ته يوڪرين ۽ نيٽو جي تجربيڪار پاليسي ٺاهيندڙن کي نتيجن جو اڳواٽ اندازو هوندو. حالتون جيڪڏهن وڌيڪ سنگين رخ اختيار ڪن ٿيون ته روس جي طرف کان يوڪرين کان ٻاهر نيٽو جي اسٽريٽيجڪ ٺڪاڻن تي به حملن جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي (خاص طور تي جيڪڏهن مغرب جي طرف کان يوڪرين کي جديد نموني جا پري تائين مار ڪندڙ ميزائيل ڏنا وڃن ٿا). هن وقت جوهري هٿيارن جي استعمال سميت جنگ جي وڌيڪ وڌڻ ۽ پکڙجڻ جو اڳ کان وڌيڪ خطرو موجود آهي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته هي حملو يوڪرين تي آخري حملو ثابت ٿئي.
انهن سڀني ڳالهين منجهان هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته نيٽو کي اهو خطرو کڻڻ جي صلاح ڪنهن ڏني؟ ان جنگ جي تاريخ ۽ پسمنظر ۾ ئي انهيءَ سوال جو جواب لڪل آهي.
مغربي سامراج سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ اوڀر يورپ ۾ پنهنجو اثر وارو دائرو وڌائڻ تي عمل ڪندڙ آهي. يوڪريني عوام ۾ روس (جنهن کي هو تاريخي طور تي هڪ جارح ۽ سامراجي قوت جي طور تي ڏسي ٿو) جي خلاف ڏسڻ واري ڪاوڙ جي تحت مغرب کان يوڪرين ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. ٻئي پاسي سوويت يونين يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ روس وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ کي پنهنجي اثر هيٺ ڏسي ٿو ۽ ڪيترين ئي صورتن ۾ انهن ملڪن کي پنهنجي ڪالوني جيان ڊيل ڪري ٿو، جنهن ۾ يوڪرين سرفهرست آهي، جيڪو اڳ زار شاهي ۽ پوءِ اسٽالن ازم تحت ڪيترائي سئو سال روس جي قيد ۾ رهيو آهي. انهيءَ سامراجي مفادن تحت هينئر تائين هزارين ماڻهو قربان ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ اڪثريت يوڪريني عوام تي مشتمل آهي.
يوڪرين تي 2022 جي روسي حملي جو مقصد به ان کي ٻيهر ماسڪو جي سامراجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ هو. ائين نيٽو ۽ روس ٻئي يوڪرين ۾ سامراجي مفادن جا حامي آهن. ٻئي پاسي زيلنسڪي ۽ نهايت ڪرپٽ قسم جي بورزوازي اڪثريت به پنهنجي ۽ پنهنجن سامراجي آقائن جي مفادن تحت يوڪرين جي محنت ڪش طبقي جو استحصال جاري رکيو آهي. روس جي مافيا سرمائيداري جيڪا روس جي بيشمار اشتراڪي يا رياستي ملڪيتن کي ڦري رات پيٽ ۾ ئي امير ٿي ۽ جن جي مفادن جي نمائندگي پيوٽن ڪري ٿو، سدائين عالمي طاقتن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. روس ۾ سرمائيداري جي بحالي جي باوجود خاص تاريخي سببن جي ڪري ان جو مغربي سامراج سان جوڙ ممڪن نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ انهن منجهان ڪيترن ئي روس کان ڦريل بيشمار دولت مغربي بينڪن ۾ رکي آهي يا ريئل اسٽيٽ جهڙن شعبن ۾ هڻي ڇڏي آهي. وڌندڙ معاشي ۽ مالياتي بحرانن جي پيش نظر ڪچو مال، منڊين ۽ نفعن جي حاصلات جي اها سامراجي ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪندي وئي، پر يوڪرين تي پيوٽن جي حملي ۽ نيٽو کي نه صرف پنهنجو وجود قائم رکڻ بلڪه پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب پڻ مليو، جنهن سان هن کي روس سان ٽڪراءُ کي تيز ڪرڻ ۽ پاڻ کي وڏي پيماني تي مضبوط ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو.
4 جون 2025 تي 32 نيٽو ملڪن جي دفاع وارن وزيرن جي برسلز ۾ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ نيٽو اتحاد جي سڀ کان وڏن جنگي خرچن جي منظوري ڏني وئي. نيٽو اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ۽ دفاعي بجيٽ جي ڊي پي جا 2 سيڪڙو کان وڌائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته روس سان سڌي جنگ جو امڪان وڌي ويو آهي، جيڪو هڪ نئين عالمي جنگ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
ٽرمپ جي چريائپ وارين حرڪتن جي سبب يورپي طاقتون هونئن به عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ فوجي سطح تي ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهڻ چاهين ٿيون. ويجهڙائي ۾ جرمني پنهنجن فوجي خرچن کي ٽيڻ ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڻ کي يورپ ۾ مضبوط ترين فوجي طاقت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جرمن فوجون مستقل طور تي هڪ برگيڊ کي ڪنهن ٻئي ملڪ (لٿوينيا)۾ مقرر ڪري رهي آهي. برطانيه، فرانس ۽ پولينڊ وغيره به انهن حالتن ۾ پاڻ کي ٻيهر هٿياربند (ري آرمامنٽ) ڪري رهيون آهن.
ان سان گڏ ئي واپاري جنگين ۽ مختلف مامرن تي آمريڪا ۽ نيٽو جي وچ ۾ اختلاف به موجود آهن. يورپي طاقتون ٽرمپ جي وائٽ هائوس ۾ واپسي کانپوءِ آمريڪا تي پنهنجو فوجي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻ روس سان مقابلي جون تياريون ڪري رهيون آهن. ٽرمپ نيٽو اتحاد کي باءِ پاس ڪري پيوٽن سان جنگ بندي ۽ يوڪرين جي قدرتي وسيلن جي ورهاست تي ڳالهين جي به ڪوشش ڪئي آهي، جنهن تي نيٽو جي ٻين ملڪن جا شديد تحفظ به سامهون آيا هئا.
جيتوڻيڪ ٻين مامرن جيان ان مامري ۾ به ٽرمپ مسلسل يوٽرن وٺي رهيو آهي ۽ پنهنجي ٽون بدلائيندو رهي ٿو. هن وقت في الحال نيٽو جي لاءِ آمريڪا ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو. تمام مشڪل آهي ته روسي هوائي اڏن تي يوڪرين جو حملو واشنگٽن جي طرف کان گرين سگنل جي بنا ڪيو ويو هجي، پر آمريڪي رياست ۾ خاص ٽوڙ ڦوڙ به موجود آهي. ٻئي پاسي روس جنگ بندي جي مامري ۾ ڪنهن قسم جي نرمي ڏيکارڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ نه صرف يوڪرين جي قبضي هيٺ علائقن کي پاڻ ۾ ملائڻ چاهي ٿو، بلڪه يوڪرين جي جي هڪ روسي اسٽيلائٽ رياست جي طور تي حيثيت کي بحال ڪرڻ پڻ چاهي ٿو. ائين اهو سمورو مامرو ڪيترين ئي پرتن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سامراجي طاقتن جي ٽڪراءُ سان گڏوگڏ يوڪريني عوام جي خود مختياري جون خواهشون ۽ روسي جارحيت جي خلاف مزاحمت به خاص عنصر جي طور تي شامل آهي. انهن حالتن ۾ آمريڪي چيني ٽڪراءُ به ڀڙڪي رهيا آهن. مثال طور گذريل هفتي آمريڪي دفاعي وزير اعلان ڪيو آهي ته چين سان تائيوان جي مسئلي تي ممڪن طور تي ستت جنگ ٿي سگهي ٿي، ائين سامراجي سرمائيداري جو بحران ۽ عالمي سطح تي طاقتن جو بدلجندڙ توازن وڌيڪ رتو ڇاڻين ۽ جنگين ڏانهن ڌڪجي رهيو آهي.
آخري تجزيي ۾ انهن جنگي حالتن يا جنگين ۽ ايٽمي ٽڪراءُ جي خطرن کي محنت ڪش طبقي جي آزاداڻي مداخلت سان ئي روڪي سگهجي ٿو. اهي محنت ڪش عوام ئي آهن، جن کي جنگين ۽ فوجي جنونيت جا مالي ۽ جاني نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا ۽ اهي محنت ڪش ئي آهن جيڪي انهن بربادين جي بنيادي سبب يعني سرمائيداري نظام کي پاڙون پٽي امن ڀريي عالم جو رستو صاف ڪري سگهن ٿا.