جيستائين نظر وئي ٿي تيستائين انگلستان جي سرحد River Humber تائين پکڙيل هئي ان جي سطح تي چانديءَ جهڙيون چتيون لڳل هيون- منهنجي ڀر ۾ شيرين هئي- هٿ سان لکيل نسخو اسان جي سامان ۾ هو- اسان هڪ غير متوقع هجوم ۾ گهيريل هئاسين جيڪو مڪمل طور تي مشرقي هو-
“ٽائٽينڪ” تي جيڪي نامور ۽ خوش قسمت روانا ٿيڻا هئا انهن بابت ايترو ڪجهه چيو ويو هو جو اسان انهن ماڻهن کي لڳ ڀڳ وساري ويٺا هئاسين جن جي لاءِ اهو ديو جهڙو جهاز تعمير ٿيو هو: مهاجر، اهي لکين مرد عورتون ۽ ٻار جن کي ڪوبه ملڪ کارائڻ پيارڻ لاءِ تيار نه هو ۽ جيڪي آمريڪا جا خواب ڏسندا هئا ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻو هو: سائوٿمپٽن کان انگريزن ۽ اسڪينڊي نيوين کي ڪوئنز ٽائون کان آئرش ماڻهن کي شير بورگ کان ٻين ڏورانهن هنڌن کان اچڻ وارن کي: يوناني، شامي، ارميني، اناطوليه کان يهودي سالونيڪا يا بيسيربيا (اوڀر يورپ) کان پروئٽيس، سرب ۽ ايراني- بحري اڏي سان اهي اوڀر وارا ماڻهو هئا جن کي مان ڏسي رهيو هئس، پنهنجي رحم جوڳي سامان جي چوڌاري جمع، ڪنهن ٻي جاءِ تي جلد کان جلد پهچڻ لاءِ ۽ ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪندي، اوچتو ئي ڪنهن گم ٿيل فارم جي ڳولها ۾، ڪنهن ٻار جي ڳولها ۾ جنهن کي ڪٿي ويهڻ ئي نٿي آيو يا ڪنهن ڳٺڙيءَ کي ڪلهي تي سنڀاليندي مشڪل ۾ جيڪا هيڏانهن هوڏانهن ٿيندي ڪنهن بينچ جي هيٺ وڃي ڪري هجي- هر چهري تي خوف ۽ خطرو لکيل هو، سختي يا بدمزگي نظر ٿي آئي اولهه ۾ داخل ٿيندي ئي اهي سڀ اهو محسوس ڪري رهيا هئا ته سڀ کان وڌيڪ مضبوط، جديد ترين ۽ اعتماد جوڳو ٻاڦ تي هلڻ وارو جهاز جنهن کي انساني ذهن ڪڏهن تصور ڪيو هو پهرين سفر ۾ هنن جي شرڪت سندن لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي-
خود منهنجا احساس به ان کان مختلف نه هئا- ٽي هفتا پهرين پئرس ۾ شادي ڪرڻ کانپوءِ مون پنهنجي روانگي ۾ صرف ان واحد مقصد سبب دير ڪئي هئي ته پنهنجي شريڪ حيات کي هڪ اهڙو سفر جو تحفو پيش ڪريان جو سندس مشرقي شان ۽ شوڪت جوڳو هجي، جنهن ۾ هن سڄي زندگي گذاري هئي- اهو صرف ڪو خالي خيال نه هو- گهڻي عرصي تائين شيرين آمريڪا ۾ رهڻ جي خيال کان نابري واريندي رهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها ته هو ايران جي ناڪام حالتن کان دل شڪسته ٿي وئي هئي ته هوءَ ڪڏهن به مون سان هلڻ نه قبولي ها- منهنجو عزم هو ته سندس چوڌاري ان دنيا کان وڌيڪ سحر انگيز دنيا تعمير ڪريان جنهن کي ڇڏي کيس اچڻو پيو آهي-
“ٽائٽينڪ” منهنجو ڪم شاندار طريقي سان سرانجام ڏنو- لڳي ٿو ته ان کي ٺاهڻ جو خيال انهن ماڻهن کي آيو جيڪي ان هلندڙ محل تي زمين جي ڪنهن پر تڪلف ۽ تمام گهڻي خوبصورت ۽ عمده مشرق جي مسرتن کي لطف اندوز ٿيڻ جا خواهشمند هئا: ترڪي حمام، ايترائي سست رفتار جيترا قسطنطنيه يا قاهره جا حمام هوندا آهن، ورانڊن ۾ پام جا وڻ لڳل هئا ۽ ورزش لاءِ ڌار ڪمرا، ڀرسان وارن جمناسٽڪ ۽ ورزشي گهوڙي جي وچ ۾ هڪ بجليءَ سان هلندڙ اٺ جيڪو بٽڻ دٻائيندي ئي سوار کي ريگستان ۾ ڊوڙائيندڙ سواريءَ جو مزو ڏئي ڇڏي-
تڏهن به “ٽائٽينڪ” جو جائزو وٺندي اسان رڳو عجيب شين جو جائزو نه پئي ورتو اسان خالص اولهه جي لذتن کان لطف اندوز ٿياسين، خاص قسم جو هرڻ جو گوشت کاڌوسين، جنهن جي دُن ۾ مشڪ ٿيندي آهي ۽ ان کانپوءِ ليون جيڪو فرانس جو هڪ شهر آهي ان جي طرز تي پڪل هڪ ڪڪڙ جيڪو وائن ۾ پچايو ويندو آهي جيڪو رئيس طباخين موسيو پروڪتور جو خاص پڪوان هو ۽ ان کي 1887ع جي “ڪوس ديتور ميل” شراب جي ڍُڪ سان پنهنجي نڙيءَ کان هيٺ لاٿو، ۽ انهيءَ مهل نيري ٽڪسي ڊو ۾ ملبوس آرڪيسٽرا کي “ٽيلز آف هوف مان”، “گيشا” يا لوڌرڪا “مغل اعطم” وڄائيندي ٻڌو-
اهي لمحا شيرين ۽ مون کي انتهائي قيمتي معلوم ٿيا ڇو ته ايران ۾ اسان جيڪو وقت گذاريو ان سڄي وقت ۾ اسان کي پنهنجي عشق کي لڪائي رکڻو پيو- تبريز، زرقنده ۽ تهران ۾ شهزاديءَ جي رهائشگاهن جي فراخي ۽ صلاحيت جي باوجود مان مسلسل ان تڪليف واري احساس ۾ هوندو هئس ته اسان جي محبت صرف انهن ڀتين تائين محدود رهجي وئي هئي ۽ شايد انهن جا شاهد صرف ڪجهه نقش و نگار وارا آئينه ۽ اوچتي نظر وجهندڙ ڪجهه ملازم ئي هئا- هاڻي اسان هڪٻئي سان گڏ هجڻ جي احساس سان حاصل ٿيل خوشيءَ کي محسوس ڪري سگهياسين ٿي، هڪ مرد ۽ هڪ عورت ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي، هڪ ئي وقت اجنبي نگاهن جو مرڪز- اسان جيستائين تمام گهڻي رات نه ٿي ويندي هئي تيستائين پنهنجي ڪئبن ۾ واپس ورڻ کان لنوائيندا هئاسين، جيتوڻيڪ مون جهاز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪشادي ڪئبن جي چونڊ ڪئي هئي-
ڏينهن جي آخري لذت شام جي چهل قدمي هوندي هئي- ڊنر ختم ڪرڻ کانپوءِ، اسان ڪنهن آفيسر جي تلاش ۾ نڪري پوندا هئاسين، هميشه هڪڙو ئي آفيسر جيڪو اسان کي ٽجوڙيءَ وٽ وٺي ايندو هو ۽ اسان هٿ سان لکيل نسخي کي ڪڍي ان کي ڏاڍي احتياط سان پُلين ۽ رستن جي دوري تي کڻي نڪرندا هئاسين- “پيريزين ڪيفي” ۾ بيد جي هٿئي وارين ڪرسين تي ويهي بنا ڪنهن ترتيب جي ڪجهه ربائيون ٿي پڙهيون، پوءِ لفٽ ذريعي مٿئين راهداري تي ٿي وياسين ۽ ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان بنا ته اسان کي ڪير ڏسي رهيو آهي يا نه ۽ کليل هوا ۾ هڪٻئي کي ڏاڍي شوق سان ٿي چميو- تمام دير سان رات جو ان هٿ سان لکيل نسخي کي کڻي پنهنجي ڪمري ۾ ٿي آياسين جتي اهو ٻئي ڏينهن صبح جو انهيءَ آفيسر جي هٿان ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏڻ لاءِ اسان وٽ رکيل هو- اها ڄڻ هڪ رسم ٿي وئي هئي جيڪا شيرين کي خوش ڪري ڇڏيندي هئي- ايتري وڏي رسم جو مان هن جي ننڍي ننڍي تفصيل کي ذهن تي نقش ڪرڻ لڳس ته جيئن ٺيڪ هڪ سال کانپوءِ ان کي بيان ڪري سگهان-
جيتوڻيڪ ساڳئي ريت، چوٿين شام جو مون ان هٿ سان لکيل نسخي کي ان صفحي تي کوليو جنهن تي خيام پنهنجي وقت ۾ لکيو هو:
You ask what is this life so frail, so vain.
Tis long to tell, yet will I make it plain:
Tis but a breath blown from the vast deeps,
And then blown back to those same deeps again!
سمنڊ طرف اشاري مون کي مزو ڏنو: مون ان کي هوريان هوريان ٻيهر پڙهڻ چاهيو ٿي، پر شيرين خلل وڌو-
“جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو اهڙو جهاز آهي جنهن تي ماڻهو بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي سفر ڪري سگهن ٿا ته هي اهوئي جهاز آهي- جيئن ڪئپٽن اسمٿ جو چوڻ آهي، خود خدا به ان کي ٻوڙي نٿو سگهي!”
جيڪڏهن انهن لفظن ۽ پنهنجي لهجي جي نرمي مان منهنجي منشا کيس اطمينان ڏيارڻ هو ته اثر بلڪل ابتو ٿيو، هن جهٽ وجهي منهنجي ٻانهن کي پڪڙي ورتو ۽ چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي: “وري ائين نه چئجين! ڪڏهن به نه!”
“مان جتان اچي رهي آهيان، اتي هڪ لادين ماڻهوءَ جي وات مان به اهڙا لفظ نٿا نڪري سگهن-”
مٿس ڏڪڻي تاري ٿي وئي هئي- منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته سندس رد عمل ايترو شديد ڇو هو- مون ڪئبن موٽڻ جي صلاح ڏني ۽ کيس سهارو ڏنو ته ڪٿي اها رستي ۾ ئي چڪرائجي ڪري نه پوي-
ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي معمولي حالت تي واپس اچي چڪي هئي- مان سندس ذهن کي مشغول رکڻ لاءِ ساڻ ڪري جهاز جي عجيب شين کي تلاش ڪرڻ لاءِ نڪتس- ايتري تائين جو ان جي جهٽڪي واري بجليءَ جي اٺ تي به چڙهيس هينري سليپر هارپر جي ٺٺول جو خطرو به کنيم جيڪو ساڳئي نالي واري اخبار جو ايڊيٽر هو- اهو ٿوري دير جي لاءِ اسان سان گڏ رهيو، اسان کي چانهه پياري ۽ پنهنجي اوڀر واري دوري بابت ڳالهيون ٻڌايون، جنهن کانپوءِ هن ڏاڍي رسمي، پرتڪلف ۽ گرم جوشيءَ سان پنهنجي پيڪني ڪتي سان ملايو جنهن جو نالو هن سن يات سين جنهن چين کي شاهي نظام کان آزاد ڪرايو هو ان جي عقيدت مان مٿس رکيو هو، پر ڪابه ڳالهه شيرين کي خوش نه ڪري سگهي-
ان شام، ڊنر تي هن تمام گهٽ ڳالهايو، هوءَ ڪمزور نظر اچي رهي هئي- مون روز وانگر مٽر گشتيءَ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اسان ان هٿ سان لکيل نسخي کي ٽجوڙيءَ ۾ رکي آياسين ۽ سمهڻ لاءِ ڪئبن ۾ موٽياسين- هوءَ هڪدم غير پرسڪون ننڊ ۾ هلي وئي- ٻئي پاسي مان سندس باري ۾ سوچي پريشان ٿي رهيو هئس، جيئن ته مون کي جلدي سمهڻ جي عادت نه هئي، ان لاءِ اڌ رات تائين مان کيس ڏسندو رهيس ۽ جاڳندو رهيس-
ڪوڙ ڇو ڳالهايان؟ جڏهن جهاز برف جي ڇپ سان ٽڪرايو ته مون کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر ئي نه پئي- ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ جڏهن مون کي ٻڌايو ويو ته اهو ڪهڙو لمحو هو ته مون کي خيال آيو ته اهو اڌ رات جو اهو حصو هو جڏهن مون هڪ آواز ٻڌو هو مون کي لڳو ڄڻ ڪنهن ويجهي ڪئبن ۾ ڪنهن چادر پئي ڦاڙي- بس، وڌيڪ ڪجهه نه- مون کي ڪنهن ڌٻڪي جو احساس ڪونه ٿيو ۽ مان سمهي رهيس ته دروازي تي ڪنهن دستڪ ڏئي مون کي جاڳايو، ڪو رڙيون ڪري رهيو هو جنهن کي سمجهي نه سگهيس- مون گهڙي ڏٺي هڪ وڄڻ ۾ ڏهه منٽ باقي هئا- مون ڊريسنگ گائون پاتو ۽ دروازو کوليو راهداري خالي هئي، پر پري کان زور زور سان آواز اچي رهيا هئا، ۽ ايتري رات جو اها ڳالهه معمول جي خلاف هئي- پريشان ٿيڻ کان بغير ارادو ڪيم ته وڃي ڏسان ته ڇا ٿي رهيو آهي ظاهر آهي مون شيرين کي اٿارڻ جي ڪوشش نه ڪئي-
چاڙهين تي مون کي جهاز جو ڪو منتظم نظر آيو جنهن “ڪجهه معمولي مشڪلاتن” جو جلديءَ سان ذڪر ڪيو هن مطابق جيڪي اجهو اجهو پيدا ٿيون آهن- هن چيو ته ڪپتان پهرين درجي جي سڀني مسافرن کي جهاز جي مٿئين حصي آفتاب پل تي جمع ٿيڻ لاءِ چيو آهي-
“ڇا پنهنجي زال کي به اٿاريان؟ ڏينهن جو سندس طبيعت ڪجهه ناساز هئي-”
“ڪپتان چيو آهي هرهڪ،” منتظم تکو ٿيندي جواب ڏنو جنهن ۾ شڪ جي گنجائش نه هئي- پٺيان ڪئبن ۾ مون شيرين کي تمام نرميءَ سان جاڳايو جيڪا ان موقعي جي تقاضا هئي، سندس پيشانيءَ تي هلڪي ٿپڪي ڏني ۽ پوءِ سندس ڀِرن کي- پوءِ پنهنجا چپ سندس ڪنن جي مٿان رکي کيس سڏ ڪيو- جڏهن هن هلڪو آواز ڪيو ته مون کيس آهستگيءَ سان چيو:
“اٿ اسان کي مٿي پل تي وڃڻو آهي-”
“اڄ رات نه، مون کي سخت سردي پئي لڳي-”
“اسان کي سير جي لاءِ ناهي وڃڻو اهو ڪپتان جو حڪم آهي-” آخري ٻن لفظن جو اثر جاودئي هو، هوءَ هڪدم ٽپ ڏئي هنڌ مان ٻاهر نڪتي ۽ رڙ ڪيائين: “خدايا!”
هن ڏاڍو بي ترتيبيءَ سان جلدي جلدي ڪپڙا مٽايا مان مسلسل کيس پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس، کيس آهستگي سان ڪپڙا بدلائڻ لاءِ چيم کيس چيم ته اسان جلدي ۾ ناهيون- ان هوندي به جڏهن اسان مٿي پل تي پهتاسين ته اتي افراتفري واري صورتحال هئي ۽ مسافرن کي بچائڻ وارن ٻيڙن طرف وڃڻ جي هدايت ڪئي پئي وئي-
اهو منتظم جنهن سان پهرين ملاقات ٿي هئي اهو به اتي موجود هو مان وٽس ويس سندس خوشدلي اڃان به قائم هئي-
“وڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،” منتظم وچ ۾ ڳالهايو- “اسان مسافرن کي جهاز کان صرف ڪلاڪ ٻن لاءِ ٻاهر وٺي وڃي رهيا آهيون جيڪڏهن مون کان پڇجي ته اهو به غير ضروري آهي- پر ڪپتان، بحرڪيف جهاز جو مالڪ آهي…!”
مان اهو ته نٿو چئي سگهان ته هوءَ ان جواب مان مطمئن ٿي وئي هئي، پر اهو ضرور هو ته بنا ڪنهن مزاحمت جي هن پنهنجو هٿ پڪڙڻ ڏنو ۽ ڇڪجندي هلي آئي- جهاز جي اڳئين حصي تائين جتي هڪ آفيسر مون کي سڏ ڪيو-
هن مطمئن ٿي مون کي ٻيڙيءَ ۾ لهڻ لاءِ چيو ۽ شيرين کي لهڻ ۾ مدد ڪئي- ان ۾ لڳ ڀڳ ٽيهه ماڻهو هئا ۽ ايتريون ئي جڳهيون اڃان خالي هيون، پر حڪم صرف عورتن کي ئي سوار ڪرڻ جو هو ۽ ٻين ڪجهه چند آزموده ناکئن کي-
چرخيءَ ذريعي ٻيڙي ايتري اچانڪ طريقي سان سمنڊ ۾ لاٿي وئي جو مون کي ڏاڍو برو لڳو، پر مون ٻيڙيءَ کي هيٺ مٿي ٿيڻ نه ڏنو ۽ هلائڻ شروع ڪيو- پر ڪهڙي طرف وڃجي، يا ان ڪاري رات ۾ ڪهڙي نقطي طرف وڌجي؟ مون کي ڪو اندازو نه هو ۽ نه انهن ماڻهن کي جيڪي ماڻهن کي اتان ڪڍڻ تي مامور هئا- مون بس جهاز کان پري ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ جهاز کان ڪو اڌ ميل پري بيهي وري واپسيءَ جي اشاري جو انتظار ڪرڻ لڳس-
شروع وارن چند ڪلاڪن ۾ هر ماڻهو کي بس ان ڳالهه جو فڪر هو ته ٿڌ خلاف ڪيئن وڙهجي برف جهڙيون هوائون هلي رهيون هيون جن اسان جي ڪنن تائين ان ڌن يا راڳ کي پهچڻ نٿي ڏنو جيڪو جهاز جو آرڪيسٽرا اڃان تائين وڄائي رهيو هو- پر، جڏهن اسان سمنڊ جي سطح تي بلڪل پرسڪون ٿي وياسين جيڪو مون کي مناسب فاصلو لڳو، هڪدم اسان تي حقيقت ظاهر ٿي پئي: “ٽائيٽينڪ” صاف طور تي اڳيان جهڪي رهيو هو ۽ ان جون روشنيون آهستي آهستي وسامي رهيون هيون- اسان سڀني جا حواس خطا ٿي چڪا هئا، اوچتو هڪ ترندڙ ماڻهو جو آواز آيو، مون ٻيڙيءَ جو رخ سندس طرف ڪيو شيرين ۽ ٻين مسافرن ان کي پاڻيءَ مان ڪڍڻ لاءِ منهنجي مدد ڪئي جلد ئي ٻيا به ڪيترائي اهڙا ماڻهو جيڪي جان بچائي سگهيا هئا اسان ڏانهن اشارا ڪري رهيا هئا ته کين بچايو وڃي اسان اڃان انهيءَ ۾ مصروف هئاسين ته شيرين هڪ زور سان رڙ ڪئي- ٽائيٽينڪ هاڻي اڀي شڪل ۾ هو ۽ ان جون بتيون وسامي چڪيون هيون پنجن منٽن تائين هو انهيءَ حالت ۾ بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڏاڍي وقار ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي تقدير سان هم آغوش ٿي ويو-
اسين اڪيلا اڪيلا ٿڪل ۽ لاچار چهرن جي وچ ۾ گهيريل هئاسين جو 15 اپريل جو سج اسان مٿان اڀريو- اسان “ڪارپيٿيا” نالي جهاز ۾ سوار هئاسين جيڪو خطري جو اشارو ملندي ئي تباهه ٿيل جهاز جي زنده بچي وڃڻ وارن مسافرن کي کڻڻ لاءِ تيزي سان پهچي ويو هو-
شيرين منهنجي ڀرسان ويٺل هئي مٿس ڄڻ سڪتو طاري ٿي چڪو هو- جڏهن کان اسان ٽائيٽينڪ کي ٻڏندي ڏٺو هو ان وات مان هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو ۽ هوءَ پنهنجون اکيون منهنجي اکين سان ملائڻ کان پرهيز ڪري رهي هئي- مان کيس لوڏي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته اسان معجزاتي طور تي بچي نڪتا آهيون، ڪيترائي مسافر ان جهاز ۾ ٻڏي ويا ۽ هن وقت اسان جي چئني طرفن اهي عورتون آهن جن جا مڙس اجهو اجهو فنا ٿي چڪا آهن ۽ اهي ٻار جيڪي يتيم ٿي ويا آهن-
پر مون کيس اهو واعظ ڏيڻ مناسب نه سمجهيو- مون کي خبر هئي ته اهو هٿ سان لکيل نسخو سندس لاءِ جيئن منهنجي لاءِ هڪ هيرو هو اهو بيش قيمت نادر نمونو يا ان کان به وڌيڪ قيمتي جيڪو اسان جي ميلاپ جو سبب هو ان جي وڃائجڻ جو ايترين بدقسمتين کانپوءِ شيرين مٿان ڪافي اثر ته ٿيڻو هو- مون کي احساس ٿيو ته عقلمنديءَ جي ڳالهه اها ٿيندي ته انهن شين کي وقت مٿان ڇڏيو وڃي-
جڏهن اسان نيويارڪ جي بندرگاهه جي ويجهو هئاسين، 18 اپريل جي شام چڱي خاصي دير ٿي وئي هئي، هڪ پرجوش گروهه اسان جو منتظر هو: ڪرائي جون ٻيڙيون ڪرائي رپورٽر اسان سان ملڻ لاءِ پهتل هئا ۽ ميگا فونن جي مدد سان رڙيون ڪندي ڪندي اسان کان سوال پڇي رهيا هئا ۽ ڪيترائي مسافر وات تي هٿ رکي ڄڻ پيالي جي زور تي انهن کي جواب ڏئي رهيا هئا-
جڏهن “ڪارپيٿيا” گوديءَ اندر لنگر انداز ٿي ويو ته ٻيا رپورٽر انهن مسافرن وٽ اچي پهتا جيڪي جان بچائي اتي پهتا هئا- سڀ انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۾ پورا هئا ته ڪنهن جو بيان سڀ کان وڌيڪ سچو ۽ سنسني ڦهلائيندڙ ٿي سگهي ٿو- هي ايوننگ سَن جو هڪ نهايت ئي نوجوان لکڻ وارو هو جنهن منهنجو انتخاب ڪيو- سندس خاص دلچسپي حادثي جي وقت ڪئپٽن سمٿ ۽ عملي جي رڪنن جي ورتاءُ بابت هئي- ڇا هو افراتفري ۾ مبتلا هئا؟ مسافرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ انهن حقيقت جي پرده پوشي ڪئي هئي؟ ڇا اهو درست آهي ته پهرئين درجي جي مسافرن کي پهرين بچايو ويو؟ سندس هر سوال تي مون کي پنهنجي ذهن تي زور ڏئي پنهنجي ياد کي کوٽي ڪڍي اچڻو پيو، اسان ڪافي دير تائين گفتگو ڪندا رهياسين، پهرين جڏهن جهاز مان لهي رهيا هئاسين، پوءِ جڏهن بندرگاهه تي بيٺا هئاسين- شيرين ٿوري دير جي لاءِ منهنجي ڀرسان بيٺي هئي، ان کانپوءِ بغير ڪجهه چوڻ جي اتان کسڪي وئي- مون وٽ پريشان ٿيڻ جو ڪو سبب نه هو هوءَ پري نٿي وڃي سگهي يقينن هوءَ هتي ئي ڪٿي موجود هئي، ان فوٽوگرافر جي پٺيان جيڪو هڪ اکين کي انڌو ڪرڻ وارو فليش منهنجي مٿان کنيو بيٺو هو- موڪلائڻ وقت صحافي منهنجي ڪهاڻيءَ جي تعريف ڪئي ۽ بعد ۾ رابطو ڪرڻ لاءِ منهنجي ايڊريس ورتي- پوءِ مون چئني طرف نظر ڊوڙائي ۽ زور زور سان رڙيون ڪري سڏڻ لڳس- شيرين اتي ڪونه هئي مون اتان کان نه هٽڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هوءَ ٻيهر مون کي ملي سگهي مون هڪ ڪلاڪ انتظار ڪيو، ٻه ڪلاڪ انتظار ڪيو- گودي آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳي-
ڪٿي ڏسانس؟ سڀ کان پهريان مان “ٽائيٽينڪ” جي مالڪ ڪمپني “وائٽ اسٽار” جي آفيس ويس- مون اتي سڀئي هوٽل ڳولهي ڏٺا جن ۾ بچي وڃڻ وارن جي رات جي رهائش جو بندوبست ٿيل هو ان جي باوجود مون کي پنهنجي زال جو ڪو پتو نه ملي سگهيو مان وري ساڳي جاءِ تي موٽي آيس جيڪا ويران لڳي پئي هئي-
پوءِ مون ان واحد جاءِ طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جي خبر کيس هئي ۽ جتي پرسڪون ٿيندي ئي هوءَ مون کي ڳولهي وٺندي: اناپولس ۾ منهنجي گهر-
مان ڊگهي وقت تائين شيرين جي ڪنهن علامت جي ملڻ جو منتظر هئس، پر هوءَ ڪڏهن به نه آئي- هن مون کي خط به نه لکيو- منهنجي سامهون ڪو سندس نالو به نه کڻندو هو-
اڄ مان سوچيان ٿو ته ڇا سندس ڪو وجود هو؟ يا هوءَ منهنجي لاءِ مشرق جي سامان جي ثمر کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه هئي؟ رات جو مان پنهنجي بيحد وسيع سمهڻ واري ڪمري ۾، جڏهن منهنجي اندران شڪ اڀرندو آهي، جڏهن منهنجي يادن ۾ ڌنڌ ڇانئجي ويندي آهي ۽ منهنجو عقل انتشار ۽ پريشانيءَ جو شڪار بڻجي ويندو آهي ته مان اٿي سڄيون بتيون ٻاري ڇڏيندو آهيان- جلدي سان وڃي گذريل سالن جا خط ڪڍندو آهيان ۽ انهن کي ايئن کوليندو آهيان ڄڻ پهريون ڀيرو کوليا هجن- مان انهن مان ايندڙ خوشبو سونگهيندو آهيان ۽ چند صفحه ٻيهر پڙهندو آهيان، خطن جي لهجي جي سرد مهري مون کي دلاسو ڏيندي آهي ۽ اهو وهم جهڙو خيال ته محبت جي ٻيهر جنم وٺڻ جو تجربو ڪري رهيو آهيان- تڏهن ٿوري تسلي حاصل ڪري وري انهن کي ترتيبوار رکندو آهيان ۽ پوءِ اونداهي ۾ ٽٻي هڻندو آهيان، ۽ ڪنهن خوف کان بغير پنهنجو پاڻ کي روشن ماضيءَ جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار: هڪ جملو جيڪو قسطنطنيه جي هڪ نشست گاهه ۾ ادا ڪيو ويو هو، تبريز جون ٻه اوجاڳي واريون راتيون، زرقنده ۾ سياري ۾ هڪ بخاري- ۽ اسان جي آخري سفر جو هي منظر: اسان مٿي واڪ وي تي ويل هئاسين هڪ اونداهي ۽ ويران ڪنڊ ۾ جتي اسان هڪ طويل چميءَ جي ڏي وٺ ڪئي- هن جي چهري کي پنهنجن هٿن ۾ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش، مون هٿ سان لکيل نسخي کي هڪ ڪنڍي ۾ ٽنگي ڇڏيو- جڏهن شيرين اهو ڏٺو ته ڏاڍو کلي هئي- هوءَ مون کان پري ٿي وئي هئي ۽ ڏاڍي ناٽڪي انداز ۾ آسمان طرف ڏسي رڙ ڪئي هئائين:
“‘ٽائيٽينڪ’ تي رباعيون! اوڀر جو گل جنهن کي اولهه جو نگينو کنيو پيو وڃي: خيام، ڪاش تون ڏسي سگهين ها ته اسان کي ڪيترو نه حسين لمحو عطا ڪيو ويو آهي!”