بلاگنئون

وساريل نوٽ بڪ مان، هٿ آيل ھڪ پراڻي يادگيري: امباني جي پٽ جي شادي ۽ اسان جا ارمان!

66 سالن جو امباني دنيا جو امير ترين ارب پتي شخصيتن مان هڪ آهي. فوربز مطابق ان وٽ 114 ارب ڊالر کان گهڻي ماليت جا اثاثا آهن.

انگن اکرن موجب، دنيا جي ٽيون نمبر شاهوڪار شخص آهي، مڪيش امباني جي پٽ جي شادي ۾ سڄي دنيا جا سيليبرٽيز، اسٽارز ۽ ايڪٽرز شرڪت ڪندا.

مون ۽ مميءَ جي دل ۾ به ڪيئي خواهشون ڪر کڻي جاڳي پيون.

اڻ ڏٺي آنڌ مانڌ من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو، ڪيئن به ڪري پڄون ئي پڄون.

دنيا جي امير ماڻهن ۽ مشهور شخصيتن سان هڪ ئي وقت ملڻ جو وري سنهري موقعو مشڪل سان ملي.

 تنهن جا ڪيترائي سبب آهن. ننڍي کنڊ ۾ امباني کان ڪو امير ماڻهو اسان کي سجهي ئي ڪونه، جي آهي ته اهو شو آف ڪونه ڪري.

ٻيو اسان جي ليکي مڪيش ۽ انيتا کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي ۽ انڪيت پڇاڙي جو پٽ آهي. امباني کان علاوه اهڙو ميلو ڪير نٿو مچائي سگهي.

فيس بُڪ تي ڪوڙ ۽ پل پل جي اپڊيٽس ڏسي وڌيڪ ڀڙڪا ڏيئي اڏامون، پر اها محدود اڏام ڪمري تائين محدود هئي.

هڪڙي پوسٽ هئي، 2800 ڊشز شاديءَ جي رسمن کان پهرين 50000 هزار ماڻهن کي کارايون وينديون. شاديءَ جو ڪل بجيٽ 50 هزار ڪروڙ ڊالر هوندو ۽ سُر آمريڪي ڳائڻي ريحانه جادوگر، ڊيوڊ بلين ۽ بالي ووڊ اداڪار توڙي گلوڪار دلجيت دوسانجھ وکيريندا، جن جو معاوضو ڏسي مون وارو وات ئي پٽجي ويو.

مميءَ چيو، “بوا ديسي ڳائڻن جي انٽري بند آهي ڇا؟”

چيم جي هوندي ته به توکي پنهنجي ڄاڙي بند رکڻي پوندي، پرايو فنڪشن ڦٽائڻو ڪونهي.

وڏي واڪ جتان ڇڏيم، وري اتان پڙهيم. ريلائنس جي جاري ڪيل فهرست مطابق هن تقريب ۾ مائيڪرو سافٽ جو باني بل گيٽس ۽ ميٽا جو سربراھ مارڪ ذڪر برگ، ڊزنيءَ جو سربراھ باب آئيگر سان گڏوگڏ موجوده ۽ سابقه سياسي رهنمائن جي ڊگهي لسٽ شامل آهي.

ايوانڪا ٽرمپ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ڌيءَ (جيڪو ٻيهر آمريڪا جو صدر ٿيو آهي)، سويڊن جو سابق وزيراعظم ڪارل بيلٽ، سابق ڪينيڊين وزيراعظم سٽيفن پارپر ۽ ڀوٽان جو بادشاھ  اسپيشل گيسٽ هوندا. بالي ووڊ هالي ووڊ جا ستارا به شرڪت ڪندا.

ڪرڪيٽ اسٽار، سياستدان، صنعتڪار ۽ ٻيون مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون.

“پر بوا پاڻ ته گمنام آهيون، پنهنجي شهرت ته ڳوٺ جو لوڙهو به ناهي ٽپي سگهي.؟”

هل ٽهڻي، مبهم شرڪت جي اميد کي مشڪوڪ ته نه بڻائي. وري سوچيم ٻار آهي، دلاسو ڏيان.

چري دل ناهي لاهبي، پاڻ جي فن جا فدائي خدا کڻي اتي گڏائيندو.

“پاڻ جي فن جي حيثيت ۽ ڪلا جي قدر، ان جڳمڳاهٽ ۾ مانند نه پئجي وڃي ڪٿي.”

دڙڪو ڏيندي چيومانس، هروڀرو دل جا هول ته نه اٿار.

“پوءِ هيئن ڪر نه بوا…

ارباب نيڪ محمد جي اسٽائيل ۾، ڪي جي ايف يا پشپا ٽائپ ڪو اسڪرپٽ لکج. جنهن جي ڊائريڪشن راج ڪمار ھيراڻي ڏي، آخر ٿري ايڊيٽ ۽ پي ڪي جو خالق آهي.

لڇمڻ ڪومل جي وهي کاتي جي پني ۾ ڪٿي پڙهيو هئم،

آڏواڻي، ھيراڻي، موٽواڻي، نانگواڻي، ٻاٻاڻي، جنهن جي نالي جي آخر ۾ ڻ ۽ ي ڏسين، پڪ سڃاڻج سنڌي آهن ۽ ائين پاڙيسرين جو ڀلو به ٿي ويندو.

اسان به گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان بالي ووڊ جي خاڪ ڇاڻي آهي، ڪا انڊين مووي ڏسڻ ڇڏي آهي ڀلا، ايڪشن، ڪاميڊي، ٿرل، مسٽري، سسپنس، فينٽسي، ڪجھ به ته نه.”

مميءَ نالج جو ڌاڪو ويهاريندي، پنهنجو تشنه دامن، مون بزرگ جي دعائن سان لبريز ڪرايو.

پٺي ٺپري چيومانس، ائين ئي جي گڊ بڪس ۾ رهنديءَ، گهڻو اڳيان وينديي.

اکڙين ۾ حسرت جا ڏيئڙا جلائي، ڪاش…. ڪاش پاڻ کي دعوت هجي.

وري ٻي پوسٽ پڙهيسين، خبر رسان روئٽرز جي مطابق شاديءَ جي مرڪزي تقريب ڄام ننگر ۾ ٿيندي جتي 1200 مهمان شريڪ ٿيندا، مهمانن لاءِ سڄي دنيا مان 100 گهرايل شيفس 500 کاڌا تيار ڪندا. مهمانن کي فراهم ڪرڻ واري دستاويز مطابق، هيئر اسٽائلسٽ، ميڪ آرٽسٽ ۽ انڊين مبلوسات “پهرين اچن پهرين کڻن.” جي بنياد تي دستياب ٿيندا. رسومات لاءِ خاص مندر تعمير ڪيو ويو آهي. شاديءَ ۾ مدعو ٿيلن کي خاص تاڪيد ڪئي ويئي آهي، جانورن وارا ڪاسٽيوم ۽ ڊريس تي جانورن جو پرنٽ پاتل هجي.

راڌيڪا مرچنٽ ۽ انڪيت امباني جي، گڏيل تصوير ڏٺيسين. منهنجو ته پيٽ ئي ٻري ويو، هاڻ رڍ به ٿي، رباب تي ريجھي.

مميءَ منهن مان ٻاڦون ڪڍندي چيو، “بوا هن موٽي ۾ اهڙي ڪھڙي خاص ڳالھ آھي، مرچنٽ جهڙي خوبرو ڇوڪري ٿي لانئون لھي.”

مٿي تي هٿ رکي چيومانس، پتري سڀ پئسي جو ڪمال آهي.

بابا ٻنپهرن جي ماني ٿي کاڌي، اعجاز ٻڪرين لاءِ لوسڻ وڍي اچي رکيو. گهرواري کي چيائين، “ڪپڙن ۾ اڳٺ وجھ.”

ٻٽاڪ هڻندي چيم، ڀائي جان ڄام ننگر وڃين ته مون کي به گڏ وٺي هلجان.

کلي چئين، “بابا کان موڪل وٺ ته هلون.” ممي چئي آئون به هلنديس، اسان جي ٽولي ۾ شميم پهرين ترجيح آهي.

مون چيومانس، تون هلندينءَ ته شميم به هلندي.

چئين، “پوءِ ته رش ۾ انتظار ئي ڪونه ڪرڻو پوندو، چاچيءَ جو پيٽ ڏسي ايمرجنسي سمجهي پاڻهي اڳيان وڃڻ ڏيندا.”

چيم ٺيڪ آهي، ڳالھ تنهنجي قابل غور آهي، پر اهو ته ٻڌائي ڪهڙي پرفارمنس ڪنديءَ.

“بوا مون وٽ اهڙا گاني جا ٻول آهن، اميد ته امباني فئملي کي پسند ايندا.”   چيم گنگنائي ٻڌائي؟

ويئي ورانڊي مان پراڻي ٻهاري کڻي آئي، گٽار کڻڻ واري انداز ۾ جهلي ڳائڻ لڳي. “امباني اوو امباني… خوباني وو خوباني.” چيم لرڪس ته شاندار آهن، بس آرڪيسٽرا تي جي ڌن ٺهي وڃي ته نوجوان جوڙا وجد ۾ اچي ويندا. مميءَ پنهنجي ازلي هٺ ڌرمي سان منهنجي ڳالھ ڪٽيندي، “پر آئون چاهيان ٿي منهنجي سونگ تي بيلي ڊانس ڪئي وڃي.”

 آٿت ڏيندي چيم، نورا فاتيحي انوائٽڊ هوندي باقي پاڻ ته هو جمالو تي ڀنگڙا وجهنداسين.

تيز زبان ۽ حاضر جوابي به، سماعتن ۾ گهوليل شيرين آواز جو رس زائل ڪري نه سگهي.

منهنجي شعور جي ڪنهن غفا ۾ گم ٿيل ذوق، موسيقيت، هن جي بي پناھ سريلي آواز جي طلسم تي ڪر موڙي جاڳي حسرت جو لبادو پهري،  ساڻس مخاطب ٿيو.

ممي خدا ڪيڏو نه مٺي آواز سان نوازيو اٿئي، ڄڻ تنهنجي نڙيءَ ۾ ڪا ڪوئيل دفن هجي. تنهنجي سرن ۽ ٻولن تي منهنجو من ته هينئر کان ئي ڀنگڙا وجهڻ تي مجبور ٿو ڪري، جي ميان تان سين حيات ھجي ھا ته يقينن تنهنجو شاگرد هجي ها.

“بوا فلاسافي ڇڏ، عمل جو وقت آهي ڪري گذرڻ جو وقت آهي.”

گهري سوچ ۾ ٻڏي، لفظ هون کي ايگهائيندي ان ڪيفيت مان نڪتيس.

اهو ته ٻڌائي، تون جهومنديءَ مان ڳائينديس اهو ته سڀ ٺيڪ آهي، پوءِ چاچي ڇا ڪندي.؟”

چيم چاچي دهل وڄائيندي، نج سنڌي ٻهراڙي اسٽائل ۾. “پر بوا سڀ کان پهرين، دادا کان موڪل وٺڻ جو مرحلو آهي؟”

هي ڏکيو مشن مون تي ڇڏيو ۽ پيڪنگ ڪريو.

تيسين ٻئي مسئلي ڪر کنيو، “بوا جيئن ته شاديءَ جو ايونٽ ڏھ ڏينهن تائين هلندو… ڪپڙا.!”

پڇ هر شيءِ کي ٿيندو آهي، ائين مسئلي کي به هوندو. مشورو کڻي سستو ۽ مفت جو ئي ڇو نه هجي، جي وقتائتو هوندو ته وزني ٿئي. نئين اٿاريل مسئلي جي پڇ تي ڳري مشوري جي بار رکي ڇيپاٽيندي چيم، ڳوٺ ۾ تازي شادي ٿي آهي ڪنوار سٺ ستر جوڙا ڏاج ۾ کنيا آهن. تنهن کان هلي ڇڏايون ٿيون، ڪي ٻٽي جوڙا.

منير ٽوڪيو، چئي “انهن ڪپڙن کان ته بهتر انهن جي صفائي وارين ماسين ۽ نوڪراڻين کي پاتل هوندا.”

خيالي پلاءُ پچائيندي پچائيندي، ديڳڙي ٻڦجي ويئي، پر دم نه اچي.

منهن جي پڪائي سان کيس وراڻيم، پٽ اسان لاءِ امباني خاص فلائيٽ موڪلي آهي اهو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ هوائي اڏو ڪونهي، سو اسان کي ڳوٺ کان ڪراچي تائين جو ڪرايو برداشت ڪرڻو پوندو. باقي پرائيويٽ جيٽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بيٺو آهي. رهيو ڪپڙن جو جڳاڙ، ته اهو به ٿي ويندو.

اڄ جي عورت لاءِ ميڪ اپ جو واهپو وڌي ضرورت بڻجي پيو آهي، اسان کي به اهو نئون مسئلو درپيش هو، سو مجبورن مشورو مونکي ڏيڻو پيو.

هوا گهڻي ئي پئي ڌوڙ اڏائي، جي وڌيڪ پائوڊر جي ضرورت پوندي ته اٽي مان ڪم هلائبو.

مميءَ چئي، “بُسو.”

نه چري بُسو ملڻ تي ڪٿي اسڪن خراب نه ٿي پوي، سو مون واري صلاح تي عمل ڪبو.

امان ظهر واري نماز ٿي پڙهي، هٿ دعا لاءِ کنئي. مون به وڃي ڀر جهليس، “امان موڪل ڏي، پلٽن سان گڏ شاديءَ تي وڃڻو آهي.” (ياد رهي تڏهن اسان وارو گلابي گينگ اڃان وجود ۾ ڪونه آيو هو.) موڪل نارمل انداز ۾ گهريم، ڄڻ پاڙي جي شادي تي وڃڻو هجي، ڀارت واسي به پاڙيسري آهن.

امان جي مزاج جي برهمي جي خبر هئم، احتياط سان به احتياط جو دامن ڪونه ڇڏيم. مکڻ کان نرم، ماکيءَ کان مٺي لهجي ۾ چيم. بابا موڪل ڏني آهي، اعجاز ڪبير گڏيا هلندا، سو انڪار جي گنجائش ڪونهي. جھٽ هان ڪر ته شميم ٿيلهو سنڀرائي.

منھنجو ايترو چوڻ، شميم وارن ٻارن ۾ ٻرڙاٽ پئجي ويو. شبو مدرسو وڃڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي، نونيءَ جي وات ۾ جليبي، نڪ ۾ سيڏر، منهن تي مکين جا مانارھ، چون اسين به هلنداسون.

اتي جان ۽ افيءَ ڪن کنيا، چون “اوهين ڪيڏانهن ٿا وڃون هان.؟” چوڻو پيو ماسي ملوڪان جي طبيعت سهي ڪونهي، تنهن کي پڇڻ ٿيون وڃون.

ٻار به وڏا استاد، اسان جي ڳالھ تي اعتبار ئي نه اچين.

وڃي مائرن کان پڇئون، بوا ۽ ممي ڪيڏانهن ٿيون وڃن.

 اڳيي لائحه عمل تي سوچيندي، مميءَ کي پنهنجي سوچن کان باخبر ڪندي، فيصلي ڪن انداز ۾ چيم.

ماني ان ٽيبل تي کائبي، جنهن تي ڀارتي فلم انڊسٽري جو سلطان سلمان خان بيري جا فرائض سرانجام ڏيندو. ائين منهنجي ۽ شهزاد جي پسند جي ايڪٽر سلو ڀائي سان ملاقات ۽ سيلفي ته پڪي، بيري واري گيٽ اپ ۾.

ٻڌو هئوسين، 2018 ۾ ايشيا جي شادي ۾ ڀارتي ايڪٽرن ميزبان جي طرفان ويٽر بڻجي، مهمانن کي بهترين سروسز ڏني. ايشيا امباني جي شادي کي مني ڊيوس سمٽ جو نالو ڏنو ويو. ڇو ته ان ۾ سابق آمريڪي وزير هيلري ڪلنٽن ۽ جان ڪيري شريڪ ٿيا جن سان بالي ووڊ ستارن ملي رقص ڪيو، آمريڪي ڳائڻي بيونسي پرفام ڪيو.

ايشا جي شاديءَ تي 10 هزار ڪروڙ ڊالر خرچ آيو ۽ انڊيا جي منھگي ترين تقريب ليکجي ٿي. انڪيت جي شاديءَ ۾ 50 هزار ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا، ڪا ڳالھ ته هوندي شاديءَ ۾.

وڏي ڀاءُ کي چيم، ڪا خرچڙي ڪرائي،

چيائين “ڇو؟”

ڀاءُ امباني جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ وڃون ٿا، پوئو ڏينداسين، ھلين ته صلاح آهي.

“امباني واري ڇوڪري پرسنلي فون ڪري دعوت ڏني، کيس پيٽ خرابي جو بهانو ڏيئي معذرت ڪيم. اوهان کي اجازت آهي، ڀل وڃو.”

خير ائين انڪيت امباني جي شادي ٿي وئي، اسان جا ارمان ارمان ئي رهجي ويا.

***