هزارا برادري پاران وزيراعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ

ڪوئيٽا ۾ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي مائٽن جو ڌرڻي کي چار ڏينهن ٿي ويا. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي اچڻ ۽ اسان جي مطالبن تي عملدرآمد جو يقين ڏيارڻ تائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. ياد رهي ته جمعي ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي جي سبزي منڊي ۾ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ 7 ڄڻن جو تعلق هزارا برادري سان هو. جڏهن ته 48 ڄڻا زخمي ٿي ويا هئا. واقعي کانپوءِ هزارا برادري احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ وزيراعظم پاڻ اچي اسان جي مطالبن تي عملدرآمد جو يقين ڏياري ٻي صورت ۾ اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. ڌرڻي تي ويٺلن مظاهرين جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان کي سڄي پارليامينٽ جي مشاورت سان منظور ڪيو ويو هو پر ان جي مختلف نقطن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري هزارا برادري کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن زور ڏيندي چيو ته اسان نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي گهر ڪريون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *