ڊسٽرڪٽ جيل ميرپورخاص جي ڪوارٽر مان ليڊي پوليس اهلڪاره مهوش جروار جو لاش پوليس يونيفارم ۾ ڦاھي تي ٽنگيل مليو. اهو منظر نه رڳو سندس خاندان، پر پوري سماج جي ضمير ۽ هانءُ ۾ لڳل هڪ ڇُرو آهي. هڪ اهڙي عورت، جيڪا قانون جي رکوالن مان هئي، سا پاڻ قانون جي قلعي اندر ئي موت جي ور چڙهي وئي ته پوءِ عام انسان ڪوبه هن ڌرتيءَ تي محفوظ ناهي! مهوش جو ورديءَ ۾ ٽنگيل لاش ۽ ان جي تصوير پوري پوليس جي اداري ۽ سماج کان هڪ سوال پڇي رهيو آهي. سندس بيدرديءَ سان ٿيل قتل خاموش سڏڪا بڻجي هر دل تي وار ڪري رهيو آهي. سندس مائٽن پاران قتل جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ سوال اٿاريو ويو آهي ته “ڇا اها واقعي خودڪشي هئي؟ يا خودڪشي جي پردي ۾ لڪيل ڪو منظم ظلم؟” جتي تحفظ جو قلعو هجي، اتي ئي رت وهڻ لڳي ته سمجهو ته قانون جي ڀتين اندر به قانون موجود نه آهي. اهڙي حساس جاءِ، جتي سيڪيورٽي، نگراني ۽ ڪيمرائن جو ڄار هجي، اتي ڪنهن عورت جو وردي سميت ڦاھي تي ٽنگجڻ، خودڪشي کان وڌيڪ ڪنهن سازش جو پڙاڏو بڻجي گونجي رهيو آهي. اها سازش، جيڪا شايد ڊيوٽي جي نالي تي تذليل، جبر، يا ڪنهن طاقتور جي خاموش انتقام ۾ ويڙهيل لڳي ٿي.
ايئن ڇو ٿو ٿئي ته عورت جڏهن به پنهنجن پيرن تي بيهي باوقار بڻجي بااختيار ٿي سماج اڳيان بيهي ٿي ته سماج لاءِ خطرو بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس ڪونه ڪو طاقتور هٿ منظر تان غائب ڪري ڇڏي ٿو. قاتل ڪير آهي؟ اهو جيڪو رسيءَ جي ڦندي کي ڳنڍيندڙ هو؟ يا اهو نظام، جيڪو سندس تڪليفن، مسئلن ۽ خطرن کي نظرانداز ڪندو رهيو؟ جيل جي انتظاميا، جنهن وٽ سڀني جوابن جو دروازو آهي، سا اڄ خاموش آهي ۽ اها خاموشي ئي سڀ کان وڏو شڪ آهي. اڄ وقت جي گهرج آهي ته مهوش جروار جي موت جي مڪمل، اڻ ڌري ۽ ٽيڪنيڪل جاچ ڪئي وڃي، جتي سي سي ٽي وي فوٽيج، فون رڪارڊ، ڊي اين اي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ سان سچ کي بي نقاب ڪيو وڃي. ڇو ته جيڪڏهن سچ دفن ٿي ويو ته سڀاڻي ڪنهن ٻي مهوش لاءِ به ڪو آواز نه رهندو. هي عورت جي سڃاڻ، وردي جي عزت ۽ انسانيت جي ڌڪ لڳل تصوير هئي. سوال اٿندو رهي ٿو ته ڇا مهوش جروار واقعي پاڻ کي ختم ڪيو؟ يا کيس ختم ڪيو ويو؟ اهو سوال هاڻ صرف سندس گهر وارن جو ناهي، اها پڪار آهي، هر ان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي، جيڪي هن معاشري ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرن ٿيون، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي گهروارن جي لاءِ ترقيءَ جا خواب کڻي اڳتي وڌن ٿيون ۽ پوليس جهڙي محڪمي تائين به پهچي وڃن ٿيون جتي قانون جي رکوالي ڪئي ويندي آهي، پر پوءِ پاڻ بي انصافيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.
جڏهن به ڪو خواب سجايون ٿا ته دل اندر هڪ آس هوندي آهي ته اهو خواب ضرور پورو ٿيندو. مهوش جروار به اهڙين ئي اميدن، خواهشن ۽ ارادن سان وردي پاتي هئي. 26 سالن جي ڄمار ۾، جڏهن ماڻهو زندگيءَ کي سمجهڻ لڳي ٿو، مستقبل جي رٿابندي ڪري ٿو، تڏهن مهوش جروار پنهنجي فرض جي ادائگي دوران ميرپورخاص جيل جي اندرين ڀتين پويان پر اسرار انداز ۾ ڦاهيءَ جي ڦندي ۾ ٽنگيل ملي. هي صرف هڪ واقعو نه، پر تحفظ فراهم ڪرڻ وارن ادارن ڏانهن هڪ سوالنامو به آهي، جنهن جي هر سطح تي شفافيت سان جاچ ٿيڻ کپي ته جيئن پوليس جي اداري مٿان اڀا ٿيل سوال ختم ٿي سگهن. هڪ عورت، جيڪا پوليس ۾ شامل ٿي، جيل جهڙي محفوظ جاءِ تي ڊيوٽي تي موجود هئي، اُها اوچتو ائين هن دنيا مان هلي وڃي؟ بغير ڪنهن وضاحت جي، بنا پوسٽ مارٽم جي؟ ڇا هي واقعي آپگهات آهي!؟ مهوش جي ماءُ جي خاموش اکين مان ڪرندڙ لڙڪ ڪو عام ڏک ناهن، اُهي انصاف جي تڙپ، بيوسي ۽ بيوسيءَ جا پيغام ڏين ٿا. اڄ هن نياڻي جي ماءُ کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. رياست جي ذميواري آهي ته هوءَ صرف تقريرن ۾ نه، عملي طور تي انصاف فراهم ڪري. ڇا هڪ فرض شناس پوليس آفيسر جي زندگي ايتري سستي ٿي چڪي آهي جو ان تي پڇا ڳاڇا به نه ٿئي؟ اسان صرف انصاف ٿا گهرون. آءِ جي سنڌ کان مطالبو آهي ته فوري پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وڃي؛ جاچ کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻايو وڃي؛ جيڪڏهن قتل ٿيو آهي ته قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي؛ مهوش جي ماءُ کي تحفظ، مالي مدد ۽ قانوني سپورٽ ڏني وڃي. هڪ مثال قائم ڪيو وڃي ته جيئن والدين هن شعبي ۾ پنهنجين نياڻين کي موڪليندي ڪو ڊپ ڊاءُ محسوس نه ڪن. مهوش جروار جو وڇوڙي صرف سندس ماءُ ۽ خاندان جو ڏک نه آهي، پر اهو اسان سڀني جو اجتماعي ڏک آهي. اميد آهي ته پوليس جو ادارو پنهنجي هڪ فرض شناس آفيسر جي موت کي ايئن بغير ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي لڙهي وڃڻ نه ڏيندو.