نئون

جاپان ۾ روبوٽ به هاڻي ميئر جي چونڊ ۾ حصو وٺندو

ٽوڪيو جاپان مان خبر آئي آهي ته جاپان ۾ ميئر جي چونڊن ۾ هن سال هڪ روبوٽ به حصو وٺندو. هي روبوٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي سان ٺهيل آهي. هڪ طرف سڄي دنيا ۾ بحث هلي رهيو آهي ته روبوٽ سڄي دنيا ۾ انسانن جون نوڪريون کسي وٺندا جنهن سان بيروزگاري وڌنڌي ۽ هاڻي ميئر جي چونڊن لاءِ روبوٽ جي اميدوار طور بيهڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. جاپان ۾ هن وقت تائين اعليٰ عهدن لاءِ ڪنهن روبوٽ جي بيهڻ لاءِ ڪابه قانون سازي ته ڪونه ڪئي وئي آهي پر جاپان جي هڪ ننڍي ٽائون ٽاما سٽي جي بلدياتي معاملن لاءِ هڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي سان ٺهيل روبوٽ کي ميئر جي اميدوار طور آندو ويو آهي. هن اميدوار کي آرٽيفيشل انٽيليجنس ميئر يا AI Mayor چيو پيو وڃي. جنهن جو هڪ سبب آرٽيفيشل انٽيليجنس کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته هيٺين عهدن تي شفافيت کي آڻي سگهجي، جنهن مان هر شهري فائدو حاصل ڪري سگهي. هن روبوٽ کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ الگورٿم جي حساب ڪتاب تحت فيصلا ڪندو ۽ انهن فيصلن سان ايندڙ وقت ۾ تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيندو. جاپان جي شهر ٽاما سٽي ۾ هر جڳهه تي هن روبوٽ جا اشتهار لڳي ويا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عوام روبوٽ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري.