پاڪستاننيو‍‍ز

آمريڪا پاران شام تي ٻيهر حملي جي ڌمڪي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن شام جي حڪومت پنهنجي عوام تي ٻيهر ڪيميائي حملو ڪيو ته آمريڪا ٻيهر ان کي نشانو بڻائيندو. جنهن لاءِ آمريڪا جون تياريون مڪمل آهن. خبرن موجب آمريڪي صدر موجب شامي حڪومت پاران ٻيهر ڪيميائي حملي جي نتيجي ۾ ٻيهر اتحادي فوجين سان حملو ڪري ان تي ميزائل حملا ويا ويندا. جڏهن ته ٻئي طرف برطانوي پارليامينٽ مخالف ڌر جي ميمبرن آمريڪي حملي تي سخت احتجاج ڪيو آهي. هنن اهو به چيو ته برطانيه عراق ۾ جنگ ۾ حصو وٺڻ واري غلطي دهرائي رهيو آهي. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي جي گهر اڳيان احتجاج ڪندي ماڻهن سخت نعريبازي ڪئي ۽ حملي جي سخت مذمت ڪئي. ياد رهي ته 13 ۽ 14 اپريل تي وچ واري رات آمريڪا پنهنجي اتحادين برطانيه ۽ فرانس سان گڏجي شام تي ڪيميائي هٿيارن جي تنصيبن تي حملا ڪيا جنهن بابت چيو ويو هو ته اهي شام جي حڪومت پاران پنهنجي عوام تي ڪيل ڪيميائي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.