ڊرون کي سڃاڻڻ ۽ جيم ڪرڻ واري مشين تيار
جيڪي ڊرون جنگين ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا اهي انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪم اچڻ شروع ٿي ويا آهن پر عام طور تي استعمال ٿيندڙ مشين جو غير قانوني استعمال به ٿي سگهي ٿو ان ئي سبب ڪري ڊينمارڪ جي هڪ ڪمپني پاران هڪ مشين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا غير قانوني طور استعمال ٿيندڙ يا دشمن ملڪ جو موڪليل ڊرون کي سڃاڻي ۽ ان کي جيم ڪري سگهي ٿي. هن کان اڳ ۾ مختلف اوزارن سان ڊرون کي ناڪارا بڻايو ويندو هو. هن قسم جي مشين کي ڊرون ڊٽيڪٽر جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن تي پين بال ڊرون جيمر لڳايا ويا آهن، هي اوزار ڊرون جي اچڻ کانپوءِ ڪارروائي نه ڪندو پر اهو ته ڊرون جي اچڻ کان اڳ ان جي باري ۾ اطلاع ڏيندو ۽ ان کي ناڪارا بڻائيندو. هن ڊرون جيمر اندر حساس قسم جي اينٽينا لڳل آهي جنهن مان نڪرندڙ فريڪيوئنسي هڪ ڪلو ميٽر تائين موڪلي سگهجي ٿي ۽ ان ايريا ۾ موجود دشمن ڊرون کي ناڪارا بڻائي ٿو. هتي هڪ ڳالهه خاص آهي ته ان ساڳئي علائقي اندر موجود پنهنجن ڊرونن کي هن طرح سان ڪوبه نقصان نٿو پهچي سگهي. هن قسم جي مشين جو وزن 700 گرام آهي ۽ هڪ عام سپاهي ان کي کڻي سگهي ٿو ۽ پنهنجي فوجي لباس سان لڳائي رکي سگهي ٿو. هن کي هڪ دفعو چارج ڪري 20 ڪلاڪن تائين هلائي سگهجي ٿو ۽ ان کي مينوئل يا پاڻمرادو ڪم آڻي ڊرون کي جيم ڪري سگهجي ٿو.

