چين اندر باندر جا ڪلون تيار
چين جي سائنسدانن چيو آهي ته انهن ٻن باندرن جون ڪلون تيار ڪيون آهن. سائنسدانن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو آهي جنهن تحت 1996ع ۾ ڊولي شيپ تيار ڪئي وئي هئي. هنن پنهنجي باندرن جا نالا هوئا هوئا ۽ ذونگ ذونگ رکيا آهن. هنن ٻنهي نالن کي ملائجي ته ذونگ هوئا جو مطلب ٿئي ٿو چين جي قوم يا چين جو ماڻهو ٿئي ٿو. ماهرن چيو آهي ته 1996ع جي ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائيندي هنن ٻنهي باندرن کي تيار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 1996ع ۾ ڊولي کانپوءِ ان جا ٻيا 4 ڪلون به تيار ڪيا ويا هئا پر بعد ۾ ان ڪم تي پابندي لڳائي وئي هئي. چين جي ماهرن چيو آهي ته هن وقت ڪيل تجربي هيٺ ڪل 21 ڪلون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي جنهن مان هي ٻه ڪامياب ڪلون تيار ڪيا ويا آهن، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته هن ڪم ۾ اڃان وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي ۽ اسان هنن ڪلونن جي جسماني ۽ ذهني اوسر کي به ڏسندا رهنداسين ته جيئن آئنده اهڙن تجربن ۾ بهتري آڻي سگهجي. جتي هن تجربي کي ڪجهه حلقا ساراهي رهيا آهن، ڪٿي اهي به سوال به پيدا ٿيا آهن جن ۾ چيو پيو وڃي ته هي عمل هاڻي انسانن تي به ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويندو. واضح رهي ته 20 سال اڳ رڍن جي ڪلوننگ وقت چيو ويو هو ته هن عمل سان انسانن جي مستقبل تي هڪ سوال کڙو ٿي پوندو، جنهن تحت ڪجهه اهڙا انسان به ٺاهي سگهبا جيڪي هڪڙن جا ته هيرو هوندا پر ٻين جا ولن ۽ اهڙا انسان وري خود انسان ذات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا.