سنڌ اندر ڪوبه ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم نه ڪري رهيو آهي

سپريم ڪورٽ پاران پاڻي جي صورتحال تي قائم ڪيل ڪميٽيءَ ايپڪس ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي ته سنڌ اندر جوڙيل 750 ٽريٽمينٽ پلانٽن مان ڪوبه ڪم نه ڪري رهيو آهي. سڄي صوبي اندر موجود واٽر سپلاءِ اسڪيمون غير فعال آهن جنهن ذريعي بغير ٽريٽ ٿيل ۽ گندو پاڻي سپلاءِ ٿي رهيو آهي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سڄي سنڌ اندر پاڻي جي معاملي تي 6 مسئلا موجود آهن (1) سڄي صوبي ۾ پاڻي جي صاف ڪرڻ جون ڪل اسڪيمون غير فعال آهن. (2) انهن جي بنيادي ڊزائين ۾ نقصَ آهن. (3) صوبي اندر هڪ به سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم نه پيو ڪري. (4) هنن سببن ڪارڻ ڪچو مٽيريل پاڻي سان گڏ عوام کي پاڻي ۾ ملي رهيو آهي. (5) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ ايترا ته غير فعال آهن جو اهي معيار جوڳو پاڻي مهيا نه ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽريٽمينٽ کان بنا سيوريج جو پاڻي ڪينالن ۾ ڪري رهيو آهي جيڪو بعد ۾ پيئڻ ۽ زراعت لاءِ ڪتب آندو ٿو وڃي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments