جون ۾ حالتون خراب ٿيون ته 2 ھزار وينٽيليٽرن جي ضرورت پوندي، اين ڊي ايم اي.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آھي ته وينٽيليٽرن جي حوالي سان اسان جي تياري مڪمل آھي، ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ وينٽيليٽرن جي ضرورت پوندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالھائيندي محمد افضل چيو ته اڃا وڌيڪ شھرن ۾ وينٽيليٽر 50 سيڪڙو کان وڌيڪ استعمال نه ٿيا آھن پر حالتون خراب رھيون ته جون جي آخر تائين 2 ھزار وينٽيليٽر گھربل ھوندا. ھن ٻڌايو ته 31 مئي تائين اسان وٽ وڌيڪ 585 آءِ سي يو وينٽيليٽر موجود ھوندا. اين ڊي ايم اي 1310 وينٽيليٽرن جو آرڊر ڏنو آھي. آمريڪا به 200 وينٽيليٽرن جي فراھمي جي آڇ ڪئي آھي. پبلڪ سيڪٽر جي 365 اسپتالن کي ڪورونا لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. جيڪي وينٽيليٽر اسپتالن ۾ ويندا، اتي اسٽاف جي ٽريننگ معاھدن ۾ شامل آھي. جڏھن ته ٽن سالن تائين وينٽيليٽرن جي مرمت به معاھدي ۾ شامل آھي. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل موجب 30 وينٽيليٽر بنا دير پشاور کي فراھم ڪيا ويندا، فيصل آباد ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ۾ 12 وينٽيليٽر آھن، جن مان 5 تي مريض آھن، جڏھن ته سڄي ملڪ ۾ 128 ماڻھو وينٽيليٽرن تي آھن.

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments