سنڌ حڪومت جو ڪووڊ – 19 روڪٿام پروگرام تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻين بيمارين خلاف جاري صحت جي پروگرام وانگر ڪووڊ – 19 روڪٿام پروگرام به تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪووڊ – 19 وائرس کي منھن ڏيڻ ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبي ۾ جاري صحت جي منصوبن جي طرز تي باقاعده انسداد ڪورونا پروگرام به تشڪيل ڏنو پيو وڃي، جنھن ۾ ٻين بيمارين کي به شامل ڪيو ويندو. پروگرام جو مقصد عوام ۾ ڪووڊ – 19 کان بچاءَ لاءِ عوامي آگاھي مھم ھلائڻ آھي. ھيلٿ ايجوڪيشن سميت ٻين وبائي مرضن جا ماھر به شامل ڪيا ويندا. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر درناز جمال ميڊيا کي ٻڌايو ته ھن وقت صوبي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊزيزز جي تعاون سان ڪووڊ – 19 جي مريضن جي حياتي بچائڻ لاءِ پلازما ٿراپي جو عمل ڪاميابي سان جاري آھي. ٿراپي جا مثبت ۽ حوصله افزا نتيجا سامھون اچي رھيا آھن. صوبائي صحت واري وزير جي نگراني ۾ پلازما ٿراپي جا نتيجا ترتيب ڏنا پيا وڃن. ھن ٻڌايو ته پلازما جا عطيا جمع ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ جلد ئي مھم شروع ڪئي ويندي. ھن وقت پلازما جي گھٽتائي ٿي وئي آھي، اسان کي انساني حياتيون بچائڻ لاءِ پلازما جي اشد ضرورت آھي. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي ھيلپ لائن نمبر جاري ڪري ڇڏيو آھي. رضاڪار ھيلپ لائن نمبر 2976390 333 92+ تي رابطو ڪري پنھنجا عطيا ڏئي سگھن ٿا. ڪورونا ھاڻي ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي رھيو آھي، تنھنڪري عوام کي درخواست آھي ته اھي سماجي فاصلي جي فارمولي تي سختي سان عمل ڪن، ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿي رھي آھي.

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments