خاص

پي ڊي ايم جو هدف تحريڪ انصاف نه سنڌ حڪومت لڳي رهيو آهي

پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ظاهري طور لڳي پيو پي ڊي ايم جو هدف پي ٽي آءِ نه سنڌ حڪومت آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي مسئلن تي به سنڌ حڪومت بهتر قدم کنيا آهن. هن چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ٻين صوبائي حڪومتن کان وڌيڪ متحرڪ آهي. پي ڊي ايم جي حوالي سان شرميلا فاروقي چيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي انهن جو هدف وفاقي حڪومت نه پر سنڌ جي پ پ حڪومت آهي. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي انهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، اميد ته اڳ ۾ استعيفائون ڏيندا. پ پ چيئرمين موجب پي ڊي ايم جي تحريڪ گهڻو پھرين شروع ٿي ھئي، لانگ مارچ جي تياري پھرين به ٿي ھئي، لانگ مارچ نڪرڻ لاءِ تيار ھو، پر پي ڊي ايم جماعتن جي استعيفيٰ ڏيڻ جي مطالبي تي لانگ مارچ ڪينسل ٿيو.