نئون

سنڌ حڪومت وفاق جي ڪراچي تبديلي ڪميٽي کي مسترد ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت وفاق پاران جوڙيل ڪراچي تبديلي ڪميٽي کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اها آئين جي خلاف جوڙي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هن جي حڪومت آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. ۽ اميد رکي ٿي ته وزيراعظم به آئين ۾ لکيل پنهنجي آئيني ڪردار تي عمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گورنر کي ڪراچي ٽرانسفارميشن ڪميٽي جو چيئرمين ٺاهڻ به غير آئيني عمل آهي، جنهن کان علاوه هن وزيراعظم کي لکيل پنهنجي خط ۾ آئين جي آرٽيڪل 97 ۽ 105 جو به حوالو ڏنو ۽ وفاقي حڪومت جي 20 رڪني ڪاميٽي کي آئين خلاف قرار ڏيندي چيو ته اها سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جي اختيارن ۾ مداخلت ڪرڻ برابر آهي ۽ وزيراعظم کان ڪميٽي جي قيام واري نوٽيفڪيشن کي واپس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو.