ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: سنڌي بنيادي گرامر مستقبل جو ضامن آهي

هن وقت منهنجي هٿيار کڻندڙ هٿن ۾ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو هر عمر جي انسان مرد توڙي عورت ۽ ننڍي توڙي وڏي جي لاءِ بنيادي ڪتاب آهي، ڇو ته جنهنجو بنياد مضبوط هوندو آهي، اهو انسان ڪڏهن به ناڪام ناهي ٿيندو ۽ اهڙي ڪتاب جو لائبريرين ۾ به هجڻ گهرجي ته جيئن جيڪي علم جا خواهشمند آهن اتي اچي پنهنجي آئيندي خاطر مختلف ڪتابن جو جائزو وٺي اندر جي اڃ اجهائڻ سان گڏ پنهنجي جيون ۾ علم جي جوت جلائي اهو ثابت ڪندا آهن ته جيڪڏهن پنهنجي پڇاڙيءَ کي سرهو ۽ مضبوط ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ سنڌي بنيادي گرامر پڙهو ۽ انهيءَ تي عمل ڪريو .
سنڌ جي نهايت ئي پياري ۽ جاکوڙي ليکڪ شيراز نواز شيخ جي محنت جو هڪ اهڙو گل آهي جتان اوهان کي خوشبوءِ ئي خوشبوءِ ملندي، ڇو ته هي شاعري ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب ناهي، ڇاڪاڻ ته شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ واندن جي وندر، خيالي، خالي، هٿ ٺوڪيون تشبيهون، گمراهي جو گس، ڪوڙ ۽ اگهاڙپ طرف ڌڪي پڇاڙي خراب ڪنديون آهن (شاعر لطيف سرڪار ئي ڪافي آهي باقي ٻيا ته ڏمر آهن)، جڏهن ته گرامر زندگي ۾ سنوار ۽ سندرتا پيدا ڪندو آهي. گرامر ايئن آهي جيئن سنڌ ۾ وهندڙ سنڌو جيڪو پوري سنڌ کي بئراجن، ڪئنالن، واهن ۽ واهين رستي پاڻي پهچائي زمينون زرخيز ڪندو آهي ۽ هاري زمين کيڙي ان اپائيندا آهن ڇو ته ان ايمان آهي ايئن ئي گرامر به علم جو حصو آهي.
سنڌي بنيادي گرامر جو هي ڪتاب پوسٽ وسيلي مونکي مليو آهي جنهن جو فرصت سان جائزو ورتو اٿم جنهن ۾ هر اها شيءِ شامل آهي جيڪو هڪ پڙهندڙ طلبي ٿو ۽ هونئن به گرامر کان بغير زندگي ايئن آهي جيئن ڇت کان بغير گهر يا جيئن هوا کان بغير گاڏي. سو دل چيو ته شيراز صاحب جي هن محنت تي ڪجھه لکجي ته جيئن پڙهندڙن کي به هن ڪتاب بابت ڄاڻ ملي ۽ ليکڪ جي به ڪجھه اصلاح ڪجي ڇو ته ڪتاب ۾ ڪجھه اوڻايون يعني غلطيون به آهن سو ٿي سگهي ٿو ته ليکڪ جون غلطيون آهن يا وري ڪمپوزر جي تڪڙ آهي يا وري آئون غلط آهيان.
اول ته ڪتاب جي ارپنا ۾ سچ ته ليکڪ دل جي ڳالھه لکي آهي، واقعي ئي والدين سڀ ڪجھه آهن ۽ والدين کي ياد رکڻ به ضروري آهي ڇو ته اهي ئي هڪ اهڙو اسڪول آهن جتان ٻار جي تربيت جو آغاز ٿئي ٿو ۽ اها تربيت ٻار کي زندگي جي هر موڙ تي رهنمائي ڪري ٿي ۽ اهو ٻار ڪڏهن به ناڪام نٿو ٿي، سو هتي ارپنا به والدين جي نالي تي آهي.
ڪتاب مجموعي طور تي شاندار ۽ شاهڪار آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، پر هتي ايترو واضع ڪرڻ به ضروري آهي ته لڳي ٿو هي ڪتاب تڙتڪڙ ۾ تيار ڪيو ويو آهي يا وري ڪمپوزنگ دوران پروفنگ طرف ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي يا وري ليکڪ جو پهريون ڪتاب آهي جنهن ڪري ڪو خاص تجربو نه اٿس، ڪيئن به، پر اميد ٿي ڪجي ته ليکڪ هن ڪتاب جي ٻي ڇاپي وقت انهن ڪوتاهين ۽ غلطين جو ازالو ضرور ڪندو .
ڪتاب جي فهرست ڊگهي آهي ان ڪري اها فهرست هتي مڪمل لکڻ سان تبصرو ڊگهو ٿي ويندو جڏهن ته فهرست ۾ گهڻو ڪجھه آهي جهڙوڪ: ڳالهائڻ جا لفظ، اسم جا قسم، حالتون، فعل جا قسم، زمان، صفت، حرف، محاورا، واحد جمع، ملڪن جي گادين جا هنڌ، قرآن شريف بابت معلومات، مهينن، پکين، جانورن، بيمارين وغيره جا نالا، جاميٽري، شاهه لطيف بابت معلومات، جنرل ناليج، اسلاميات، سنڌي لفظ ۽ انگريزي اچار، سنڌي کوڙا ۽ رومن عدد وغيره، مطلب ته ليکڪ ٻارن جي تربيت خاطر وس آهر هر مواد شامل ڪيو آهي ته جيئن ٻار باآساني پڙهي ۽ ياد ڪري سگهي.
ڪتاب جي فهرست ۾ جيڪي به شيون شامل آهن انهن جا صفحا به لکيا ويا آهن ته جيئن گهربل شيءِ ڳولهڻ ۾ پريشاني نه ٿئي، پر فهرست ۾ سيريل نمبر به هجڻ گهرجي ها ته ويتر ڪتاب بهتر لڳي ها اميد ته اڳتي اها غلطي نه ٿيندي ڪتاب منجھه ڇو ته ننڍيون ننڍيون غلطيون به ڪتاب جي سونهن کي بگاڙي ڇڏينديون آهن ته وري گڏوگڏ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي رواني کي به متاثر ڪنديون آهن تنهنڪري ليکڪ ۽ ڪمپوزر کي ان طرف هر صورت ۾ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڪتاب جي صفحي نمبر 36 تي بيهڪ جون نشانيون آهن ۽ اهي نشانيون گرامر جي مطابق وڏي اهميت رکن ٿيون ۽ لکڻ يا پڙهڻ جي مناسبت سان سولائي مهيا ڪن ٿيون جنهن سان جملي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي جيڪي هن ڪتاب ۾ هن ريت آهن جيئن دم جي نشاني هن طرح ڏنل آهي (.) يا وري عجب جي نشاني (!) پر جيڪڏهن اهي نشانيون هن طرح هجن ها ته بهتر لڳي ها جهڙوڪ دم جي نشاني . ۽ عجب جي نشاني ! وڌيڪ پڙهندڙ دوست رهنمائي ڪندا ته ٿورا ٿيندا.
ڪتاب جي ورقن کي ورائيندي اڳتي پڙهجي ٿو ته ڪتاب منجهان اسان کي بهترين ڄاڻ ميسر ٿئي ٿي، پر ڪتاب جي صفحي نمبر 50 تي لفظ ۽ انهن جا ضد آهن جنهن ۾ لفظ اوٽ جو ضد موت آهي جڏهن ته ان ئي صفحي تي موت جو ضد حياتي آهي، هن صفحي ۾ سمت نه، پر سست هجڻ گهرجي جنهن جو ضد چست آهي، ٻيو مفره آهي سو سمجهھ ۾ نٿو اچي سو ليکڪ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، لفظ ترقي جو ضد تنزلي جيڪو اردو لفظ آهي ان جو سنڌي لفظ شايد تباهي ٿيندو، سفيد ۽ سياه بجاءِ اڇو ۽ ڪارو وڌيڪ مناسب لڳندو.
ڪتاب جي صفحي نمبر 56 تي آهن ڀاڄيون، ڀاڄين ۾ جيڪڏهن پٽاٽو ۽ ٽماٽو بجاءِ ٻٽالو ۽ چماٽو هجي ها ته سٺو لڳي ها ڇو ته سنڌيءَ ۾ انهن کي عام زبان ۾ ٻٽالو ۽ چماٽو چيو ويندو آهي، پر هاڻي جيئن ته ٻوليءَ ۾ لفظن جي ملاوٽ ٿي وئي آهي ان ڪري به اڪثر لکندڙن جي لکڻين ۾ ڌاريا لفظ به شامل ٿين پيا جيڪو به خالص ٻولي جو بگاڙ ۽ قتل آهي، ايئن ئي صفحي نمبر 57 تي ميون ۾ ڇانهين بجاءِ هنداڻو مناسب رهي ها. اميد ته ڪتاب جو مصنف ان طرف ڌيان ڌريندو ۽ ناراض نه ٿيندو. اهڙي طرح سنڌي لفظن جا انگريزي لفظ ۽ اچار به ڏنل آهي، جيڪو ليکڪ جي شعور ۽ مشاهدي کي اجاگر ڪري ٿو ته هن ڪتاب جي تياري ۾ ڪيتري نه محنت ڪئي آهي .
ڪتاب جي آخر ۾ 75هين صفحي تي کوڙا ۽ رومن انگ به ٻارن جي لاءِ نهايت ضروري آهن ۽ اهي شيون ٻارن کانسواءِ هر انسان جي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون ۽ هر وقت انهن جي ضرورت رهي ٿي، پر منهنجي سوچ تحت خاص ڪري کوڙن جي ترتيب غلط آهي، جيئن ته هي ڪتاب سنڌي ۾ لکيل آهي ان ڪري اول ٻي جو، پوءِ ٽين جو ايئن کوڙن جي ترتيب هجڻ گهرجي ها. مطلب ته کوڙن جي ڇپائي انگريزي ڪتاب وانگر رکيل آهي سو هجڻ ايئن گهرجي ها ته سنڌي ڪتاب جي مناسبت سان اول ٻن، پوءِ ٽن، وري چئن ۽ پنجن جو کوڙو هجي ها، پر هتي اها ترتيب نه رکي وئي آهي، اهڙي ريت انگريزي مهينن جا نالا به انگريزي ڪتاب جي مناسبت سان لکيا ويا آهن سو ان طرف ليکڪ کي ڌيان ڏئي درستگي ڪرڻ گهرجي.
هن مهانگي دور ۾ ڏسجي ته هر شيءِ مهانگي آهي ۽ اهو اثر ڪاغذ ۽ ڇپائيءَ تي به پوي ٿو ان هوندي به هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي جيڪا صفا سستي آهي، پر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت کي نظر ۾ رکندي اها قيمت ڪجھه به ڪونهي ڪا، هي ڪتاب اوهان کي ڪٿان ملي سگهندو ان بابت به ليکڪ سنڌ جي بهترين ڪتاب گهرن جا نالا شامل ڪيا آهن.
هلندي هلندي ايترو ته هر سنڌيءَ کي هي ڪتاب خريد ڪري ٻارن جي هٿن ۾ ڏيڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ منهنجي به رهنمائي ڪرڻ گهرجي.