2018 جون چونڊون کڻي مختلف هيون، ان ڪري ته ان وقت نئين پاڪستان جو منصوبو زير تعمير هو، پر هاڻي ان بانيِ نئين پاڪستان جي آزادي ممڪن ناهي، توڻي جو سمورو ملڪ ووٽن جي صورت کڻي ليٽي به پيو هجي ۽ چپي چپي تي ماڻهن کيس ووٽ ڪيا به هجن، پر هي ريفرينڊم ناهي، يا اهو ووٽ به جيڪو رڳو پنجاب جي انهن علائقن مان پيو آهي جيڪي ڪنهن صورت نوازشريف جي حيثيت کي مڃن نه ٿا. اهي سمجهن ٿا ته ووٽ هاڻي ڪنهن به صورت نوازشريف جو ناهي ۽ اهي ووٽ رڳو پي ٽي آءِ جا آهن، پر جي موازنو ڪجي ته 2024 جون عام چونڊن ۽ 2018 جون عام چونڊون پاڻ ۾ مماثلت ٿيون رکن، ڇو ته ٻئي چونڊون ساڳيا نتيجا کڻي آيون، معنيٰ ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳھه. ان ڪري حڪومت مرڪز ۾ ۽ پنجاب ۾ مخلوط ٺهندي ۽ ان حڪومت جو دور به مشڪل سان ٻه سال ئي هوندو ان ڪري ته نه پاڻ ڪم ڪندا نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندا.
ماڻهن جون سوشل ميڊيا تي فلاسافي واريون ڳالهيون ته هونءَ لکڻ جهڙيون هونديون آهن جيڪي رڳو گارگند کانسواءِ ٻي ڪا وائي وات ناهن آڻيندا ۽ سمجهندا به آهن ته اهي ڳالهيون ڪتابي آهن، جيڪي ممڪن ناهن. ان ڪري ته هي يورپ يا آمريڪا ناهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا ايترو ڪم ڏيکاريندي جو ماڻهو رات کي ڏينهن مڃيندا، پر بصرن وانگي “آپڻا مال هي رونسين ڀي کانسين ڀي” واري ڳالھه آهي جو گارگند به ان کي ۽ ووٽ به ان کي. ان ڪري فلسفي جون ڳالهيون هاڻي ويڙهي رکڻ گهرجن ۽ ڳالھه اها ڪجي جيڪا ٿي به سگهي، اها ڳالھه ورجائڻ واري آهي ته هي ملڪ ڪنهن انقلاب جي نينڍ کڻي اچڻ وارو ناهي، ڇو ته ووٽن واري ڏينهن انهن ماڻهن کي سڃاڻي ڏسي وائسي ووٽ ڪبو آهي، جيڪي اليڪٽورل ڪاليج وانگي هوندا آهن، معنيٰ تَرَ جا وڏيرا، اثر رسوخ وارا ماڻهو، گادي نشين شاھه سيد، وڏا ٽيڪنوڪريٽ ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽ وغيره وغيره، بس انهن کي ووٽ ڏئي پنهنجي جان ڇڏايو. باقي مال مڙئي ڍَنڍَڻ جو آهي. ان ڪري جو هتي اڇي ڪاري جا مالڪ ٻيا آهن، جيڪي طئي ڪندا آهن ته رياست هاڻي ڪيئن هلائجي ان ڪري اهي ئي ٿنڪ ٽئنڪ آهن، جيڪي آمريڪي وانگي هن ملڪ کي هلائڻ چاهين ٿا انهن جي چاهت ۽ عام ماڻهن جي چاهت جي ساڳي هوندي آهي ته سياسي پارٽيون به هلي سگهنديون آهن جي نه ته پوءِ عدم اعتماد جهڙيون شيون سامهون اينديون آهن. ان ڪري سياسي پارٽيون پاڻ کي رياست، اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن سان “سنڪرونائيز” ڪري هلن ٿيون ۽ هلي به وينديون باقي ضد بحث واري سياست ۽ ٽڪراءَ واري سياست ڪم جي ناهي.
يا اها ڳالهھ به ڪيون ته 2016 کانپوءِ رياستي سيٽ اپ کي “ري سيٽ” لڳي ويو آهي، رياست هاڻي “هائيبرڊ” ٿي وئي آهي، معني پسمنظر ۾ هڪڙو ۽ پيشمنظر ۾ ٻيو ڏسڻ ۾ ٿو اچي يا سمجھه ۾ ٿو اچي، ان ڪري رياست جو سول نظام ڏانهن موٽڻ انتهائي دشوار به آهي ته اهي ادارا جيڪي ايوان، عدالتون ۽ ادارا آهن، اهي “مڪسڊ ميٿڊ” واري سياست ڪري ٿا هلن، جنهن ۾ رياست، اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن جو “ڪانسينٽ” شامل هوندو آهي ته حڪومتون به دير تائين هلي سگهنديون آهن نه ته نه. ٻي ڳالھه اها به آهي ته جيتري تيزي ۽ همت ماڻهو ووٽ جي ڏينهن يا ان کان اڳ جلسن جلوسن ۾ ڏيکارين ٿا اها جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڏيکارين ته ڀلو، ان ڪري ته ماڻهو هش تي خوش لڳا پيا هوندا آهن، اهي جي ڀَتَ جي پيلٽ ۽ مفت جي گاڏين تي چڙهي ڀلي ووٽ ڪن، پر انهن مسئلن جي لاءِ نه ٿا نڪرن جيڪي عام خلق جي ڀلائي ۾ هجن، اهي ڪڏهن تعيلم جي مسئلن جي لاءِ هِڪ ٿين، ڪڏهن پيئڻ جي پاڻيءَ جي لاءِ اٿي کڙا ٿين، ڪڏهن صحت جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري جلسا جلوس ڪن، پر هتي اهو آهي ته “جٿي باھه لڳي اهو هنڌ سڙي” معنيٰ هر ڪو پاڻ ڄاڻي ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري يا جي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون حڪومت نه ڏئي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت بندوبست ڪن.
وري ڳالھه اها به آهي ته هتي ووٽ رڳو بيزاريءَ جو آهي، معنيٰ ماڻهو “حُبِ علي ۽ بغض معاويه” تحت ووٽ ٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا جي زرداري کي ووٽ ناهي ڪرڻو ۽ نوازشريف به ڪنهن ڪم جو ناهي، هي شخص هاڻي واپس لنڊن موٽي ويندو. هي ڪڏهن به اپوزيشن جي سيٽن تي ويهي سياست ڪرڻ جي ڳالھه نه ڪندو ۽ اها ڳالھه هن جي وس جي ڳالهھ ناهي. ان ڪري ووٽ پي ٽي آءِ جو آهي، توڻي جو هنن کان پچ ۽ بيٽ به کسي وئي، پر ماڻهن وري به ان تيش ۾ ووٽ ڪيو جيڪو انهن جي وس جي ڳالھه هئي، پر هيل وارو پي ٽي آءِ کي ڏنل ووٽ وائي آني (انڊي – بيضي) وانگي آهي جنهن جو فائدو پي ٽي آءِ جي اڳواڻ کي ناهي ٿيڻو، توڻي جو هن جون غلطيون ۽ سياسي موڳايون ڪنهن صورت ٽاري نه ٿيون سگهجن، پر شڪر آهي ته اليڪشن ٿي وئي يا جيتري هٿرادو “هائيپ” بڻائي وئي هئي اوتري ڏسڻ ۾ نه آئي، ماسوا ڪجھه علائقن جي جنهن ۾ ڪراچيءَ جي اين اي 249 جتي مصطفيٰ ڪمال پاڻ پنهنجي ٽيم سميت ڪاوڙ ۾ اچي پولنگ اسٽيشن ۾ ڪاهي پيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪري جان ڇڏائي ويهي رهيو. ان ڪري ته انهن ماڻهن ۾ ٺپا مافيا واري ڳالهھ اڃان تائين انهن جي دماغ ۾ ويٺل آهي، پر هن ڀيري ايتري نفسياتي دٻاءَ جي باوجود به ماڻهو گهرن مان نڪري ووٽ وجهڻ آيا.
صوبن جي صورتحال به ساڳي رهندي، پر رڳو مرڪز مخلوط رهندو سدائين وانگي ته صوبن ۾ به مسئلو رڳو پنجاب ۾ ٿيڻو آهي، ان ڪري جيتري ڄنڊا پٽَ 2018 کان هئي سا هاڻي به ٿيندي. هڪ حقيقت مڃون ٿا ته آمريڪي صدر پنهنجون پارٽيون ٺاهي وري پاڻ کي ناهن جيئاريندا، ان ڪري ته انهن جي ڪانگريس جيڪا ملڪ جي ٿنڪ ٽئينڪ آهي، اها جيڪو فيصلو ڪري اها جنهن به اڪابر کي سيٽ تي ويهاري ته ويهاري سگهي ٿي، پر اهو صدراتي سيٽ تان وڃڻ کانپوءِ پنهنجي پارٽي ٺاهي پنهنجا جهنڊا ناهي کوڙيندو. اهو مثال ائين به آهي ته اسان وٽ ڪو به ماڻهو جڏهن درزي وٽ، ڪنهن گيريج تي، ڪنهن دوڪان تي جي ڪم سکندو آهي ته اتان کان نڪري وري پنهنجو ڪاروبار ضرور شروع ڪندو آهي. اسان وارا صدر، وزيراعظم ۽ عسڪري سربراھه به ساڳي ڳالهھ ڪندا آهن، اهي جڏهن رٽائر ٿيندا ٿا ته سياست کي وري اهڙو ڪاروبار ڪري هلائيندا آهن جو اهي اها ڳالهھ ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڇا ڪنداسين؟ ان ڪري اها سياست ئي ڀلي آهي ۽ ڪيو. ٻيو مثال اهو به آهي ته ڪنهن کي جي روزگار ناهي ملندو ته سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري به ڪندو آهي، يا شهري ڇوڪرين جي جيستائين شادي ناهي ٿيندي تيستائين ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ ماستري ضرور ڪنديون آهن. ان ڪري اسان وٽ سياست به ٽائيم پاس آهي ۽ ڪير به ان شعبي ۾ ڪا ڊگري کڻي نه ٿو اچي ان ڪري سياست هتي به گذارو ئي آهي پوءِ سياست ائين ئي هلندي ۽ رياست به ائين ئي پئي ڪم ڪڍندي.
هن ڀيري رڳو اهو هو ته پي ٽي آءِ جو جهنڊو اسڪرين تي نظر نه آيو، پر ماڻهن جي اکين ۾ اها شيءِ محفوظ هئي تي اهي جيڪي به آزاد آهن اهي سڀ ان همراه جي پارٽيءَ جا ماڻهو آهن جيڪو پاڻ آزاد ناهي، ان ڪري ان کي ئي ووٽ ڪيو، پر اها ڳالھه ته مڃون ٿا ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي ايوريج کڻي 40 سيڪڙو به هجن جن 12 ڪروڙ ماڻهن مان 25 سيڪڙو ٽرن آئوٽ به نه هو، پر اهي سڀ ووٽر ۽ پي ٽي آءِ جي بغير جهنڊي جي ڪاميابي ان ڳالهھ جي ضمانت ناهن ته عمران خان هاڻي آجو ٿي ويندو يا سڀ گناهھ ڌوپي ويندس، پر ان ڳالھه جي ضمانت ضرور آهن ته اهي سڀ هاڻي آزاد آهن، انهن جي مرضي آهي ته اهي هاڻي ڪنهن سان به ڪوليشن (ڳانڍاپو) ڪري پنهنجا اگهھ مقرر ڪري وڃي سگهن ٿا. ان ڪري جو هيل به راند ساڳي آهي ۽ رانديگر به ساڳيا آهن، اهي هاڻي به اهو ئي ڪندا جيڪو پهرين ڪري ويا، پر نوازشريف جي سياست ٻوٽو نه ٻاري سگهي، ڇو جو هو جيتري تياري ڪري آيو هو ۽ جنهن اسپيڊ سان ڪورٽن هن کي سپورٽ ڪيو اوتري پزيرائي نه ملي سگهيس. ان ڪري اها ڳالھه هاڻي ڪيئن ڪيون ته ووٽ پنجاب جي ترقي کي مليو يا جنهن ترقي نه ڪئي ۽ ڪرائي ان کي ووٽ نه مليو، پر اها ڳالھه ورجائي ڪجي ته جيتري سڪون واري سياست سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ٿي يا ڪئي وڃي اوتري وري پنجاب ۾ ڏڦيڙ واري سياست رهي ٿي، جو حمزا شهباز کي هڪ ڏينهن جي لاءِ وزيراعليٰ ڪري وري ساڳيو چوڌري پرويزالاهيءَ کي ڪين ۽ چوڌري جڏهن اسيمبليءَ ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ آيو ته ڄنگهون ٻانهون ڀڃرائي واپس ويو ۽ ايتري ته ڇتڪتائي پنجاب اسيمبليءَ ۾ رهي اوتري ڪنهن ٻي اسيمبليءَ ۾ نه هئي، سو هاڻي به ساڳي ڪار هوندي ان ڪري ته جهاگيرترين پي ٽي آءِ جا ووٽ نه کاري سگهيو ۽ پي ٽي آءِ جي ووٽرن آزاد به 9 مئي واري ڪسر وري ووٽ ڏئي ظاهر ڪئي جو 9 مئي ماڻهن کان وسري وئي ۽ 8 فيبروري کانپوءِ وري صورتحال پي ٽي آءِ جي حق ۾ ته نه چئجي، پر آزاد اميدوارن جو ميلو مچي ويندو.