هندستاني وزيراعظم نريندر مودي جي اقليتن خلاف تشدد ڀريل بيان ۽ تشدد واري پاليسي هندستان ۾ مسلمانن جي مخالف رهي آهي، ڪيترائي هندستان ۾ رهندڙ هندو، مسلمانن جي تذليل ۽ قتل عام ڪري مسلمانن جي خلاف پنهنجي نفرت جو کلي عام ثبوت ڏئي رهيا آهن. هندستان ۾ جڏهن اهڙو قانون منظور ڪيو ويو هو ته جيئن هو موثر طور تي مسلمان پناهگيرن کي آساني سان ڳولهي سگهجي، آسام مان لکين مسلمان بنگالين کي نيڪالي ڏيئي جلا وطن ڪرڻ جا امڪان چٽا نظر پئي آيا. جڏهن ته ملڪ جي زرعي آمدني جو 86 سيڪڙو حصو متاثر ٿي ويو ۽ مڊل آمدني هنديان جي نتيجي ۾ هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلمان متاثر ٿيا، پر هاڻي مودي سرڪار مسلمان سياسي اڳواڻن کي نظربند ڪري مسلمانن کي هندستان ۾ ڪچلڻ جي غير اخلاقي، غير سياسي حرڪت ڪري ڪشمير سميت مسلمانن جي اڪثريت وارين رياستن ۾ خون جي هولي کيڏي رهيو آهي. پاڪستان جي سرحد تي فوجي ڪارروايون ڪري بيگناھ انسانن جو خون وهائي رهيو آهي، هندستان ۾ مودي سرڪار پر تشدد تنگ نظر سوچ رائج ڪري پوري خطي ۾ جنگي جنون برپا ڪري ڇڏيو آهي.
بين الاقوامي قانون موجب هندستان غير اخلاقي، غير جمهوري بنا جواز ڪشميرين سميت هندستان ۾ مسلمانن تي تشدد واري سوچ رائج ڪرڻ جي ناجائز ڪوشش ڪري خطي ۾ جنگي ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. ان دور جي هندستاني گهرو وزير اميت شاهه اعلان ڪيو ته هن هندستان جي آئين جي آرٽيڪل 370 کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن شق ۾ ڪشمير کي خاص حيثيت ڏني وئي هئي. جنهن ۾ رياست دفاع، مواصلات ۽ خارجي پاليسي تي پنهنجي قاعدن کي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. 1947ع ۾ ڪشمير کي مڪمل سياحتي مقام حاصل هجڻ سان گڏوگڏ آزاد حيثيت جو درجو به مليل هو، جيڪو ڄمون ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير رياست کي مرڪزي علائقن کي ورهايو ويو آهي، جن مان هڪ رياست ساز نه هوندي. اهو ڏسڻ ڏسجي ته ڪشمير، هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ هن خطي جو مطلب ڇا آهي. اهو اعلان ڪشمير جي تنگ توازن ۽ تباهي وارو نتيجو ٿي سگهي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت مسلمانن جي علائقن، ريتن رسمن، مذهبي آزادي تي پابند مڙهڻ جو مرتڪب رهيو آهي. جتي جتي مسلمانن جي اڪثريت وارا علائقا آهن، ڀارت اتي اتي مسلمانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو پابند آهي، پر ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪشمير سميت ڪيترن ئي مسلمانن جي حق خود اراديت کي تسليم نه ڪرڻ ۽ مسلمانن جو بيگناھ خون وهائڻ جي ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ جو حامي رهيو آهي. ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي ڪچلڻ جي ناجائز ڪوشش ڪري لکين ڪشميرين جو قتل عام ڪري بين الاقوامي قانون جي هينئر به ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هندستان جي تاريخ رجعت پسندي، قتل عام ۽ اختلافن سان ڀري پئي آهي. اقوام متحده ۽ بين الاقوامي ميڊيا هندستان ۾ مسلمانن جي قتل عام تي خاموش تماشائي ڇو بڻيل آهن. اقوام متحده ڪشمير سميت هندستان ۾ مسلمانن جي قتل عام جو نوٽيس ڇو نٿو وٺي ۽ هندستان کي رياستي دهشتگردي کان ڇو نٿو روڪيو وڃي ته جيئن خطي ۾ امن بحال ٿي سگھي، پوري خطي کي مستحڪم ڪري ترقي طرف تيزي سان وڌڻ گهرجي، ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ سان خطي ۾ امن بحال ٿي ويندو، هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت هجڻ سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ تجارتي مرڪز جي حيثيت به رکن ٿا، هاڻي هندستان کي اخلاقي جرئت جو مظاھرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان، ڪشميرين کي آزاد ڪري کين خطي جي واڳ ڪشميرين حوالي ڪري دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪشمير هڪ آزاد خود مختار رياست آهي، هندستان کي به اهڙي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪشميري پنهنجي منفرد سڃاڻپ جيڪا ڪشميرين جو بنيادي حق آهي دنيا جي نقشي تي ظاهر ڪري سگهن. هندستان ۾ مودي سرڪار رجعت پسند سوچ کي ترڪ ڪري بين الاقوامي قانون موجب ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي تسليم ڪري ڪشمير کي آزاد رياست جو درجو ڏئي خطي مان جنگي جنون واري سوچ کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏي. هندستاني فوج ڪشمير جي مختلف علائقن مان بيگناھ ڪشميرين کي پڪڙي انهن مٿان انسانيت سوز تشدد روز جو معمول بڻجي ويو آهي، هندستاني فوج ڪشمير کي عالمي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي هندستان پنهنجي ظالماڻي ڪارروائين ذريعي عالمي دهشتگرد بڻجي چڪو آهي، ڪشمير ۾ پالما تي فيبروري ۾ حملا ڪرڻ کانپوءِ حڪومت مزدورن کي گرفتار ڪري انهن کي قتل ڪيو ۽ دنيا ۾ ڪشميرين مٿان دهشتگردي جو الزام مڙهي رھيو آهي، ڪشميرين کي اقوام متحده جي قرار دادن مطابق پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار مليل آهي، ڪنھن به قوم جي آزادي کي گهڻي دير ڪچلي نٿو سگهجي، هندستان پنهنجي رجعت پسندي واري سوچ جي ڪري دنيا ۾ رسوا ٿي رهيو آهي، هندستان ۾ رهندڙ هندو فوج ۾ وڃڻ لاءِ ڪوبه هندستاني تيار ناهي، مثبت سوچ ۽ واپاري هندو هندستان جي دهشتگردي واري پاليسين کان بيزار ٿي ويا آهن، هندستان ۾ نسلي فسادن جي ڪري هندستان ۾ رهندڙ خود هندو واپاري طبقو، سياسي، سماجي ۽ صحافي به محفوظ نه آهن، اڻ ڄاتل ۽ غلط فڪر جي ڀارت کي هاڻي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڪشميرين جو بيگناھ خون ضرور رنگ لائيندو.
جمهوريت ۽ سيڪيولر ازم جو ڪوڙو دعويدار هندستان اصل ۾ عالمي دهشتگرد آهي، 2014ع ۾ مودي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي هينئر تائين هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن خلاف پنهنجي ظالمانا ڪارروائين جو محاذ بڻائي هندو، مسلم فساد ڪرائي مسلمانن جو بيگناھ خون وهائي رهيو آهي، مودي جي ڀارتيتا جنتا پارٽي جو مينيفيسٽو پرتشدد، بيڪاريت، تنگ نظريي تي مشتمل آهي، ڪشميرين تي سخت مظالم ڪري هندستان ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائي نٿو سگهي، ڪشمير کي هن خطي ۾ خاص تاريخي حيثيت حاصل آهي، هندستاني حڪمران جماعت کي گهرجي ته منصفانه راءِ شماري ڪرائي ڪشمير جي خود اراديت کي تسليم ڪري اقوام متحده جي چارٽر مطابق ڪشمير کي هڪ آزاد رياست طور تسليم ڪري، هندستان سڪيولر ازم وارو خطاب بحال ڪرڻ جي همت پيدا ڪري ته جيئن هندستان ۾ جمهوري احتساب شروع ٿي سگهي. مودي انتظاميه مرڪزي حڪومت مخالفين جي خلاف ڪارروائي ڪري، ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي نٿي روڪي سگھي، هندستان کي اندروني مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪيترائي ماڻهو مودي جي اڀار کي هندستان ۾ امن جي لاءِ نقصان ڪار سمجهن ٿا.