ايڊيٽوريلنئون

‘پنڪ اسڪوٽيز’ سنڌ حڪومت جو عورتن لاءِ هڪ انقلابي قدم

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ حڪومت تي گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ ڪرپشن جي حوالي سان تمام گهڻي تنقيد ڪئي ويندي آهي. جنهن جي ڪري عوام کي مختلف پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن کي گهٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪي به خاطر خواهه اپاءُ نه ورتا آهن، پر ان جي باوجود به سنڌ حڪومت ڪجهه اهڙا قدم کنيا آهن ۽ کڻندي رهي ٿي جيڪي عورت دوست سڏي سگهجن ٿا، جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڀ کان وڏو پروگرام آهي، جنهن عورتن کي معاشي استحڪام ڏنو آهي. هاڻي پنڪ اسڪوٽيز پروگرام سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو عورتن جي ترقيءَ لاءِ کنيل سهڻو قدم آهي.

هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪو عورتن جي روزاني زندگين ۾ تبديلي آڻي انهن کي خود مختيار بنائڻ ڏانهن هڪ قدم آهي. عام طور تي پاليسيون ڪاغذن ۾ ٺاهيون وينديون آهن، پر جيڪڏهن ان پروگرام تي عملي طور تي ڪم ڪيو ويندو ته اهو هڪ اهڙو پروگرام هوندو جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوان عورتن کي خود مختياري طرف وڃڻ لاءِ پنهنجي سواري ملي ويندي، جنهن سان هو نه صرف پنهنجين يونيورسٽين تائين، پر پنهنجي ملازمت واري هنڌ آرام سان پهچي سگهنديون.

سنڌ حڪومت هلندڙ هفتي دوران خواتين کي اليڪٽرڪ پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي اسڪوٽيز خاص طور تي انهن خواتين لاءِ آهن جيڪي روزانو پنهنجي تعليمي ادارن يا ڪنهن جاءِ تي ملازمت ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرن ٿيون يا پبلڪ ٽرانسپورٽ تي انحصار ڪن ٿيون. درخواست ڏيندڙ خواتين ۽ شاگردياڻين جو رڪارڊ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ذريعي مرتب ڪيو ويو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ جي چوڻ مطابق اهي اسڪوٽيز خواتين کي شفاف مڪينزم تحت ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي ڏنيون وينديون. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ حڪومت خواتين جي بهبود ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ هميشه مدد ڏني آهي ۽ موقعا فراهم ڪيا آهن. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته هن اسڪيم جي ذريعي به نوجوان خواتين پنهنجن شعبن ۾ خود مختيار هجن ۽ هن سهولت مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن. خواتين کي بااختيار بنائڻ لاءِ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي منصوبي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

ابتدائي طور صنعتن ۾ ڪم ڪرڻ واري خواتين کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ بائيڪون ڏنيون وينديون، جنهن جي لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي مطابق اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڊجيٽل قرعه اندازي سان ڪيو ويندو. 20 کان 45 سالن جون مزدور خواتين هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري سگهنديون. اڃان تائين ان ڳالهه جو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ان پروگرام ۾ اسڪوٽيز ملڻ جي لاءِ ڪهڙيون شرطون ۽ ورڇ جو طريقو مڪمل طور تي ڇا هوندو، ڇا خواتين کي اهي اسڪوٽيز سئو سيڪڙو مفت ڏنيون وينديون يا انهن کي ڪجهه سيڪڙو قسط طور ادا ڪرڻو پوندو، انهن اسڪوٽرن جي سارسنڀال، بجلي يا هلائڻ جا ٻيا خرچ ڪير برداشت ڪندو جيڪي اڃان واضح ناهن.

پنڪ اسڪوٽيز پروگرام صرف خواتين کي پنڪ اسڪوٽي ڏيڻ سان مڪمل نٿو ٿئي. هي پروگرام ان وقت ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي سگهندو جڏهن سنڌ جا روڊ، رستا ۽ انفرااسٽرڪچر مضبوط ۽ جٽادار هوندو ۽ ان کان علاوه جڏهن عورتون پنڪ اسڪوٽيز کڻي ٻاهر نڪرنديون ته انهن جي لاءِ ٻاهر جو ماحول به اوترو ئي محفوظ هجڻ گهرجي جو هو اڪيليون جڏهن سفر ڪري سگهن ته انهن کي تحفظ جو احساس رهي ۽ بغير ڪنهن خوف جي هو روڊن ۽ رستن تي نڪري سگهن. جڏهن اهو پروگرام شروع ڪيو وڃي ته عورتن جي لاءِ پنڪ اسڪوٽيز جي هلائڻ جي لاءِ روڊن تي محفوظ لينز جو هجڻ به لازمي آهي. هي لينز ٽريفڪ کان ڌار هجن ته جيئن عورتون بغير ڪنهن خوف جي آرام سان سواري ڪري سگهن.

اسان وٽ سنڌ جا ڪيترائي علائقا يا شهرن جي اندر روڊ تمام گهڻي بري حالت ۾ ٽٽل ۽ خطرناڪ صورت ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ ڪا خاتون رات جي وقت اسڪوٽر هلائڻ لاءِ اسٽريٽ لائٽنگ جي انتظام نه هجڻ جي ڪري يا خطرناڪ روڊ جي ڪري ڪنهن حادثي جو شڪار ٿئي ٿي ته ان پروگرام کي وڏو ڌڪ لڳي سگهي ٿو. سڀ کان اهم سوال جيڪو هن اسڪوٽيز جي ورهاست کان پهرين ذهن ۾ اچي ٿو اهو آهي ته هي اسڪوٽيز چارجنگ اسٽيشن تي چارج ٿينديون، ڇا سنڌ حڪومت اهڙيون چارجنگ اسٽيشنون لڳائي ان سهولت کي استعمال ڪرڻ لاءِ مڪمل ڍانچو تيار ڪيو آهي يا نه؟ اسڪوٽيز جي پارڪنگ لاءِ خاص هنڌ مخصوص ڪيا ويندا يا نه. جيڪو تمام اهم سوال آهي.

جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ سائيڪل بيهارڻ جي لاءِ مخصوص پارڪنگ موجود هوندي آهي ۽ پوءِ ان کي هڪ خاص طريقي سان لاڪ ۽ ان لاڪ ڪري ڪڍيو ويندو آهي. ان کان علاوه عورتن جي تحفظ لاءِ پنڪ اسڪوٽيز رائيڊرز جي خبرداري وارا بورڊ لڳايا وڃن ته جيئن عورتن جي اندر اسپيشل سيفٽي سگنلز ۽ روڊ جي نشانن جو نظام به متعارف ٿي سگهي. گڏوگڏ ان پروگرام کي سپورٽ ڏيڻ جي لاءِ قانون سازي ۽ پاليسين جي به ضرورت پوندي. هجڻ ته ايئن کپي ته روڊ سيڪيورٽي بل فارم وومين آڻڻ گهرجي، جنهن سان عورتن کي روڊن ۽ رستن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري يا پيڇو ڪري يا خطرناڪ رويو ڏيکاري ته ان کي سي سي ٽي وي ڪيمرا جي ذريعي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ان کان علاوه پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جي لاءِ 7/24 هيلپ لائين هجڻ گهرجي. ان کان علاوه موبائيل ايپ به متعارف ڪرائي وڃي جنهن ۾ عورت ڪنهن به صورت ۾ ان ايپ کي استعمال ڪري پنهنجو تحفظ ڪري سگهي. ان کان علاوه پوليس جي اندر خاص طور تي وومين سيڪيورٽي يونٽ قائم ڪجي جيڪو عورتن جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ مقرر هجي. پوليس کي جينڊر سينزٽيوٽي ٽريننگ ڏني وڃي.

بهرحال سنڌ حڪومت جو اهو احسن قدم آهي جنهن کي ساراهيو وڃي ٿو، پر اهو هڪ مڪمل پئڪيج جي صورت ۾ ئي عمل ۾ آندو وڃي ته ان جا نتيجا سنڌ حڪومت جي لاءِ تمام ڪارائتا ثابت ٿي سگهندا. جيڪڏهن سنڌ حڪومت صرف نمائشي طور تي پنڪ اسڪوٽيز پروگرام کي پنهنجي شهرت لاءِ استعمال ڪندي ته پوءِ ان جو حشر نواز شريف جي پيلي ٽيڪسي وارو به نڪري سگهي ٿو.