سنڌ اندر هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس ظاهر

ڪراچي اندر ڇهن مهينن جو ٻار پوليو جي ٽئين شڪار طور ظاهر ٿيو آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جو چوڻ آهي ته پوليو خلاف هلندڙ مهم ذريعي عوام ۾ افواهون پکيڙيون وڃن ٿيون. جنهن سبب ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان پاسو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. سنڌ جي صوبائي صحت واري وزارت پاران ٻار جي پوليو کان متاثر ٿيڻ بابت خبرن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته متاثر ٻار جي خاندان پاران بار بار پوليو مهم دوران پوليو خلاف ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ سبب ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي. صوبي اندر ڪم ڪندڙ ايمرجنسي آپريشن سينٽرن جي ترجمان پاران چيو ويو آهي ته پوليو خلاف غلط معلومات ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار سبب هن سال پوليو جا ٽي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. واضح رهي ته هن سال سنڌ اندر پوليو جا ٽي ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان ٻه ڪراچي مان ۽ هڪ لاڙڪاڻي مان ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته پوري ملڪ ۾ هن سال ڪل 17 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *