تعليم کاتو تجربي گاھ بڻجي ويو آھي، جنھن ۾ روز نيون نيون پاليسيون ۽ پلاننگون ٿين ٿيون. ڪڏھن چيو ويو ته سپروائيزرن وارو نظام تعليم کي تباھ ڪريو ويٺو آھي، ان کي ختم ڪيو ته وري چيو پيو وڃي ته سپروائيزرن وارو نظام بھتر ھو ان کي وري لاڳو ڪنداسين، سپروائيزري نظام کي خراب قرار ڏئي ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ وري ان نظام جي بحالي جو فيصلو ايئن ٿيندو ته ان وچ ۾ 8 سالن ۾ جيڪو به ٿيو سو سڀ غلط ھو. سپروائيزري نظام ۾ استادن جا گھٽ ۾ گھٽ مسئلا جلد حل ٿيندا ھئا، اسڪولن تي استادن جي لوڪل ايڊجسٽمينٽ به ٿيندي ھئي، امتحان ڪاميٽيون امتحان به وٺنديون ھيون، بايو ميٽرڪ حاضري جو نظام ۽ ڪنٽرول ڪراچي ۾ رکي استادن سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي. انھن جي ھڪ اسڪول تان ٻئي اسڪول تي بدلي ھاڻ ڪراچي مان ٿئي ٿي سا به انتھائي ڏکين مرحلن مان گذري پوءِ ٿئي ٿي، بايو ميٽرڪ وارا به سڀئي ڪي فرشتا ثابت نه ٿيا آھن، انھن جي به اڪثريت سپروائيزرن کان به وڌيڪ ڪرپٽ ثابت ٿي آھي. ھڪ استاد ھڪ جاءِ تي ڪم ڪندو رھي ٿو ته ان کي اچانڪ ٻڌايو ٿو وڃي ته تنھنجي بايو ميٽرڪ ھاڻ ورڙ موري واري اسڪول تي ڪئي وئي آھي، وڃي اتي ڊيوٽي ڪر، نه ڪو آرڊر جو پنو نه ڪا استاد جي بدلي جي درخواست، نه ڪجھ ٻيو، استاد پنھنجي ڳوٺ کان 50-60 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڪنھن پري واري اسڪول تي ايئن اوچتو بدلي ڪيو ٿو وڃي، اھو نٿو ڏٺو ۽ پڇيو وڃي ته ايترو پري واري اسڪول تي استاد ڪيئن پھچندو ۽ ڪيئن موٽندو، ان جي مرضي به نٿي معلوم ڪئي وڃي. ڪراچي مان استادن جي بدلي به رشوت کانسواءِ نٿي ٿئي، وڃ ته وڏو وات ڦاڙيو ويٺا ھوندا آھن. بايو ميٽرڪ ۽ استاد جي بدلي جو نظام ضلعي سطح تي ڇو نٿو آندو وڃي، جتي گھٽ ۾ گھٽ اھا خبر ته آھي ته ڪھڙو استاد ڪٿان ڪٿي پھچي ۽ پڙھائي سگھندو، ان جا 3-4 ڪلاڪ رڳو فاصلو طئي ڪرڻ ۾ ته ضايع نه ٿيندا. ڇا 50-60 ڪلو ميٽرن جي وچ واري فاصلي ۾ ڪو ٻيو استاد نه آھي جيڪو اتان ويجھو ھجي ۽ ان اسڪول تي آساني سان پھچي ۽ موٽي سگھي؟؟ جيڪڏهن سپروائيزري وارو نظام وري لاڳو ٿيو ته 17 گريڊ وارن ھيڊ ماسترن جا 14 يا 16 گريڊ وارا سپروائيزر اسڪول ڪيئن وزٽ ڪندا؟؟ سنڌ جو تعليم کاتو عجيب دنيا ٿيندو پيو وڃي، استادن کان بار بار ساڳي معلومات وٺي انھن کي پڙھائڻ کان کوٽي ڪيو پيو وڃي، رڳو زور حاضري تي آھي، پڙھائي تي ڪوبه ڌيان نه آھي. تعليم جو معيار گذريل 8 سالن ۾ وڌيڪ بري طرح تباھ ٿيو آھي. ڪورونا واري سال پوري کيپ جي تعليم تباھ ڪئي، اسڪولن تي پڙھائي جو معيار ڏينھون ڏينھن ڪرندو پيو وڃي، سال ۾ ڪورس مڪمل نٿا ٿين، معياري انداز ۾ امتحان به نٿا ٿين، مٿان وري استادن جون اوچتيون ۽ انھن جي مرضي خلاف بدليون، ڪڏھن پينشن بند ڪرڻ جون ڳالھيون ته ڪڏھن ته نظام تبديل ڪرڻ ۽ تعليم کاتي کي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪرڻ جون ڳالھيون ٿيون ٿين. ڪراچي مان اکيون پوري پراپر تصديق کانسواءِ ڪڏھن ايئن به ٿيو جو سنڌ جي سوين استادن کي اسڪولن تان بي دخل ڪري ڪراچي موڪليو ويو ۽ پوءِ اهو ڏٺو ويو ته انھن مان ڪي مري ويل آھن ته ڪي رٽائرڊ ٿي ويل آھن، اھڙيون زيادتيون ڏسي ۽ برداشت ڪري ڪافي قابل استاد تنگ ٿي وقت کان اڳ رٽائرڊ ٿي نڪري ويا آھن، انھن رٽائرڊ ۽ قابل استادن جون به خدمتون حاصل ڪجن ته اھو عمل اڃان به بھتر ٿيندو، جن کي قابل استاد سمجھي بغير ٽريننگ جي اسڪولن تي موڪليو ويو آھي سي پڙھائڻ جي مھارت کان محروم آھن، انھن کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال جي پڙھائڻ جي ٽريننگ ته ڏجي ھا، تنھن جو ڪوبه بندوبست نه ٿيو آھي. سمجھيو ويو آھي ته ھوشيار آھي ته پڙھائڻ ۾ به ھوشيار ھوندو، اھو لاجڪ ئي غلط آھي.