بلاگنئون

امڙ جي گندي جي خوشبو دنيا ۾ اڻ لڀ خوشبو

جنم ڏيندڙ عورت کي اسان ماءُ چوندا آهيون. ماءُ کي سنڌي مٺي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي نالا ڏنا ويا آھن جھڙوڪ: امان، جيجل، امڙ، ماءُ چيو ويندو آھي. دنيا ۾ هر ٻار جڏھن جنم وٺندو  آھي، پھريون درس پنھنجي ماءُ جي ھنج مان وٺندو آھي. پھرين پنھنجي مٺڙي ماءُ جو چھرو سڃاڻندو آھي پوءِ اھو ٻار پنھنجي پيءُ ۽ ٻين کي ھوريان ھوريان سڃاڻندو آھي. ٻار پنھنجي ماءُ کان پل پري نه رھندو آھي، ماءُ اها ھستي آھي جيڪا بنا درد ٻڌائيندي سمجھي ويندي آھي ته سندس ٻچڙي کي ڪهڙي تڪليف آھي، پر پيءُ  پنھنجي اولاد جي جسماني تڪليف گھٽ سمجھي سگھي ٿو. جڏھن ٻار ڪٿي ڪري پوي ٿو ته ماءُ جيجل جي وات مان اوچتو اھي لفظ نڪرندا آھن منھنجو ٻچڙو الله  ڄڻ ماءُ جو ساھ پيو نڪرندو آھي.  سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آھي، جڏھن ماءُ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ ننڍي ٻار کي مورکڻي ۾ سمھاري ويندي آھي ته اڪثر سندس ڇاتيءَ تي سندس پوتي يعني عام لفظن ۾ گندي چوندا آھيون سو ماءُ اڪثر سندس ڇاتيءَ تي رکي ويندي آھي.

جڏھن ننڍڙو ٻار وک وک ھلڻ لڳندو آھي سندس امڙ جي پوتي اڪثر ڪڇ ۾ ھوندي اٿس، ٻئي ھٿ ۾ کير جي بوتل ھوندي اٿس، تڪليف ۾ ٻار ماءُ کان پل پري نه ٿيندو آهي، کيس پڪ ھوندي آھي سندس امڙ کانسواءِ ڪوبه سندس درد ختم نٿو ڪري سگھي. ماءُ پيءُ  جو پيار ۽ الله  جو پيار بنا مطلب ھوندو آھي. جڏھن انسان وڏو ٿيندو آھي  پوءِ به ماءُ جي پيار ۾ڪو ڪمي نه ٿيندي آھي. جڏھن اسان ماءُ کي پيار مان ڀاڪر پائيندا آھيون ته تمام گھڻو سڪون ملندو آهي. وري جڏھن ماءُ جي پوتي کڻي منھن اگھجي ته ان جي خوشبو الڳ ھوندي آھي، جيڪا خوشبو دنيا جي ڪنھن به دڪان تان اوھان کي نه ملندي.

اگر فرض ڪيو اوھان جي امڙ ٻي ڪنھن شھر ۾ ويل آهي يا اوھان ڪٿي پرديسي آھيو، اوھان اگر ان جي پوتي پنھنجي منھن تي اکين تي رکي سمهندا ته اوھان کي وڏي راحت ملندي، اوھان جي ماءُ جي پوتي جي خوشبو دنيا جي ٻين خوشبوئن کان بلڪل الڳ ھوندي آهي. دنيا ۾ ھر ماءُ جي پوتي جي الڳ خوشبو ھوندي آھي جيڪا اڻ لڀ مھڪ يا خوشبو ھوندي آھي، دنيا ۾ ڀلي اوھان ڪروڙ پتي ڇو نه ھجو اوھين ڀلي ھيرن جواهرن ۽ موتين سان جوڙيل قيمتي پوتي وٺي سگھو ٿا، پر ان ۾ پنھنجي امڙ جھڙي خوشبو واري پوتي ڪٿان به نه ملندي.

اوھان ارب پتي ڇو نه ھجو عظيم ھستي ماءُ جھڙي محبت جھڙي خوشبودار پوتي نٿا وٺي سگھو، اوھان جي دولت ان معاملي ۾ ڄڻ بيڪار آھي، جيڪڏهن اوهان کي ننڊ نٿي اچي ته آزمائي ڏسو ماءُ جي پوتي پنهنجي منهن تي رکي سمهو ان جي خوشبو سان اوهان جي روح کي راحت سڪون ملندو اوھان کي راحت واري ڄڻ ننڊ ايندي. الله سائين سڀني جي مائرن کي سلامت رکي سندن خوشبو ھميشه   قائم رھي. آمين