بلاگنئون

ٽرمپ پاران ايران کي جوهري معاهدي لاءِ ڳالهين جي دعوت

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي جوهري معاهدي تي ڳالهين لاءِ دعوت ڏني آهي. هي پيشڪش اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايران ۽ اوڀر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا انتهائي مونجهاري جو شڪار  آهن. ان دعوت جي پسمنظر ۾  ايران جو رد عمل، عالمي ۽ داخلي سياسي اثر ۽ ممڪن نتيجا دنيا تي ڪهڙا اثر ڇڏيندا اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پر هي قدم واقعي امن ڏانهن هڪ نئون قدم ثابت ٿي سگهي ٿو يا  ڪنهن نئين تڪرار جو سبب بڻجندو.

5 مارچ 2025 تي، ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سپريم ليڊر کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن جوهري پروگرام تي ڳالهين جي اميد ظاهر ڪئي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران ڳالهين لاءِ تيار ٿي وڃي ته اهو ان لاءِ فائديمند هوندو، نه ته فوجي ڪارروائي ايران لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿي سگهي ٿي. ٽرمپ جي هيءَ دعوت ان خيال تي ٻڌل آهي ته هڪ نئون معاهدو ايران کي پرامن ترقي جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. گذريل سالن ۾ ٽرمپ 2015 جي جوهري معاهدي مان دستبرداري ڪئي ۽ ايران تي سخت پابنديون لڳايون هيون جن جو مقصد ان جي تيل جي پرڏيهه ترسيل کي محدود ڪرڻ هو. ان “وڌ کان وڌ دٻاءُ” واري پاليسي جي باوجود، ايران ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ سپريم ليڊر خامنه اي آمريڪا جي پيشڪش کي “غير عقلمندانه” قرار ڏنو هو.

7 مارچ 2025 تائين، ايران طرفان هن خط جو ڪو به باضابطه جواب سامهون نه آيو هو. ايراني سرڪاري ميڊيا ٽرمپ جي بيان کي ضرور اُٿاريو، پر خامنه اي جي آفيس ان جي تصديق نه ڪئي.گڏيل قومن جي ايران مشن جو چوڻ آهي ته انهن کي ڪو خط وصول نه ٿيو آهي. هيءَ خاموشي ظاهر ڪري ٿي ته ايران جي قيادت هن دعوت بابت احتياط سان سوچ ويچار ڪري رهي آهي. ان کان علاوه، ايران اندر سياسي ڌرين ۾ ورهاست به ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي ڪجهه اصلاح پسند اڳواڻ مغربي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اُتي سپريم ليڊر جي منظوريءَ کانسواءِ ڪنهن به اهم قدم کڻڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

هن دعوت جا اثر صرف آمريڪا ۽ ايران تائين محدود نه آهن. عالمي سطح تي، بين الاقوامي برادري، خاص ڪري يورپي ملڪ ۽ چين، هن سفارتي ڪوشش کي ڌيان ۽ سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيا آهن. ڪجهه عالمي سفارتي ادارا اميد ظاهر ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن گفتگو سنجيدگي سان ٿي سگهي ٿي ته ان سان علائقائي امن ۽ تعاون ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو. خطي جي ٻين اهم ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب ۽ اسرائيل جي پاليسين تي پڻ گهڻي نظر رکي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جا رد عمل هن عمل جي ڪاميابي يا ناڪامي تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. آمريڪا ۾ هن قدم جا سياسي اثر به نمايان ٿي رهيا آهن. ڪجهه سياسي حامي هن دعوت کي بين الاقوامي امن لاءِ مثبت قدم سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته مخالف ان کي عالمي حڪمت عملي ۾ تبديليءَ جي علامت قرار ڏئي رهيا آهن. ايران اندر به سياسي ڌرين جي وچ ۾ اختلاف موجود آهن، ڪجهه اصلاح پسند اڳواڻ هن دعوت کي معيشت جي بحالي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو موقعو سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته سخت رويي وارا عنصر اڳواٽ نتيجن کي ڌمڪي طور ڏسي رهيا آهن.

گذريل سالن جي بين الاقوامي سفارتي ڪوششن مان هي سبق ملي ٿو ته تحمل ۽ سمجھوتي جي فضيلت هميشه اهم رهي آهي. 2015 ۾ جوهري معاهدي جي لاڳو ٿيڻ ۽ پوءِ پابندين جي لاڳو ٿيڻ مان واضح ٿئي ٿو ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي موقف کي سمجهڻ ۽ تاريخي غلطين مان سکڻ جي ضرورت آهي. موجوده دعوت پڻ هن سلسلي ۾ هڪ نئون موقعو آهي ته اڳين تجربن مان سبق حاصل ڪندي ڳالهين کي نئين سر شروع ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايران هن دعوت کي قبول ڪري ٿو ته هيءَ جوهري پروگرام تي هڪ نئين معاهدي جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جنهن سان خطي ۾ استحڪام ۽ امن ۾ اضافو اچي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ايران هن کي رد ڪري ٿو ته تڪرار ۾ واڌ ۽ صورتحال جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، خاص ڪري جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران کي جوهري هٿيارن کان بچائڻ لاءِ فوجي ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏئي چڪا آهن. ٽرمپ جي هيءَ دعوت هڪ اهم سفارتي ڪوشش آهي، پر ان جو نتيجو اڃا تائين غير يقيني آهي. عالمي، علائقائي ۽ داخلي سطح تي هن قدم جا اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن ۽ ماضي جا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ ٻنهي پاسن جي سنجيدگي ضروري آهي. ايران جي قيادت جي آخري فيصلي جو انتظار جاري آهي. ڇا هي قدم واقعي امن ڏانهن هڪ نئون رستو ڳولهي سگهندو يا نئين تڪرارن جو سبب بڻجندو؟  ايندڙ وقت ئي ان جو فيصلو ڪندو.