بنيادي طرح اسان سياسي لاڳاپا ٺاهيندا ئي تڏهن آهيون جڏهن اسان کي وڏي پيماني تي اتان ڪجهه ملڻ جو آسرو هوندو آهي، معنيٰ اسان انهن سياسي ماڻهن سان سياسي لڳ لاڳاپا ۽ ڳانڍاپا رکندا ايندا آهيون، وڌائيندا به آهيون جيڪي اسان جي ذاتي پسند جا هوندا آهن، اسان جي ڪم جا ثابت ٿيندا يا هوندا به آهن، اهي اسان جا نظرياتي مخالف هجن يا اهي سياسي طرح ڀلي موزون به نه هجن. مثال طور: اسان ڪڏهن نواز شريف جي لاءِ به ووٽ ڪيو هوندو، ڪڏهن پ پ جي لاءِ به ورڪنگ ڪئي هوندي. اها ٻي ڳالھه آهي ته اسان جي تَرَ جا پ پ جا حمايتي به ته سياسي وفاداريون مٽائي ڪڏهن (ن) ليگ ڏانهن لڙي ٿا وڃن يا هاڻي وري پي ٽي آءِ جا حمايتي به ٿيو وڃن، اهو انهن جو ذاتي مفاد هوندو، اهي پنهنجي مفاد جي ڳولها ۾ رهندا ايندا آهن. اهي پهرين ته اهو ڏسندا آهن ته انهن جي ذات کي ڪيترو فائدو رسي ٿو، جي انهن کي ڪنهن وزارت جو آسرو هوندو آهي ته اهي پهرين “هاٽ فيوِرِٽ” پارٽي ڳولهيندا آهن يا پاڻ ۾ “پوٽينشل” ڏسندا آهن، اتي اهي ان سياسي ٽولي مان ڪيترو لاڀ وٺي سگهندا، اتي ڪيترو هلي سگهندا يا فٽ فڪس ٿي سگهندا ته پوءِ ڏسي وائسي اهي اڳتي وک وڌائيندا آهن. ان سڄي وارتا ۾ انهن کي نه نظرياتي سياست جي لوڙھ هوندي آهي، نه ڪا فڪر ڦرهي، جنهن جي بنياد تي ڪا آڊيالاجي کڻي لهندا هجن، نه ڪنهن قومي مفاد جي ڪا چُرچ، نه ڪا ضرورت به هوندي اٿن، نه ڪا ڪنهن قسم جي لوڙھ، بس اهي پنهنجا ذاتي ۽ سياسي رستا گهڙيندا ٺاهنيدا هلندا ايندا آهن، پنهنجا فائدا ڏسندا ايندا آهن.
هتي ڀلا جيڪي به ننڍڙيون ننڍڙيون سياسي پارٽيون يا ورڪر آهن انهن کي ڀلي اسان نون ليگ ۾ ”فِٽ فڪس“ ڪيون يا پ پ ۾ ڏسون يا اهي ڪنهن يوٿيي جي ڀَرِ به وٺن، پر ڪندا ته پوءِ به قومي ڌاري جي سياست. گهڻائي يا اڪثريت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن پ پ پنهنجي فائدي جي ڪري اسان جي قومي فائدي جي ڳالھه به ڪري وٺندي آهي، (هاڻي ڪينالن جي معاملي تي صدارتي آرڊيننس جاري ڪري هيٺئين ليول تي وري ٻه چاپڙائپ وري سياست ٿي ڪري، جنهن کي اسان قومپرست “ٽَچ” ڏيون يا سنڌ ڪارڊ چئون. وري پ پ وانگي جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي مستي يا گهڻائي ۾ هونديون آهن تڏهن اهڙي ارڙهين ترميم به پاس ڪرائي وٺنديون آهن. پي ٽي آءِ وري جڏهن مرڪز ۾ گهڻائي ۾ هئي، تڏهن سنڌي ٻولي جي بل کي نامنظور ڪرائي وئي. هنن ”63 ون سي“ پاس ڪرائي ٻٽي شهريت جي ڳالھه ڪري ورتي هئي. نون ليگ کي جي وارو مليو ته هن ”58 ٽو بي“ منظور ڪرائي ورتي، ڇو ته اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح فائدي جون ترميمون آهن، پر ڪڏهن به انهن آئيني ترميمن ۾ اسان سنڌين جو ڪو فائدو ناهي ٿيو، سڀ پارٽيون پنجاب جي فائدي واري ڳالھه ڪري ٿيون وٺن. ماضيءَ ۾ ٻيٽن واري بل يا آرڊيننس جي منظوري، وري اسٽيل مل جي ملازمن کي ڌڪي ڪڍڻ کان وٺي انهن جي لاءِ 11 بلين جو بل پاس ڪرائڻ ۽ انهن 4500 ملازمن کي 2 کان ٽي ملين رپيا ڏئي ادارا کپائڻ واري ڳالھه، ڪهڙي سياست هئي اها؟
وري ٻئي پاسي ڏسون ته اسان جي وسيلن تي قبضا، اسان جي زمينن تي قبضا، اسان جي درياءَ تي ڌاڙا، اسان جي نوڪرين تي قبضا، اسان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضا. وري بلدياتي نظام اهڙو ڄڻ صوبي جي ورهاڱي جي ڳالھه هجي، پوءِ آخر ڇا ڪجي؟ ڪيئن ٿيندو اهو سڀ ڪجھه؟ ڀلا ضلعا به ته انتظامي يونٽ آهن نه، اها ڳالھه ماڻهن يا حڪمرانن کي سمجھه ۾ نٿي اچي. هاڻي ته ”ڪلڪ“ ۽ ”سويپ“ جي پيڪيجن تحت ڪراچي ۾ ڪم هليا. پر رياست جو وس پڄي ته سڀ وڏا شهر چائنا کي لکي ڏئي. حيرت اها به آهي ته اسان جي احتجاجن ۾ ته ڪو اثر ئي ناهي. اسان جي ماڻهن اسٽيل مل جي لاءِ احتجاج ڪيو، ماڻهو ميڙيا پر وفاق تي ته ڪو اثر نه پيو. اسان جي روڊ رستا بلاڪ ڪيا، ٽريفڪ جام ڪرائي ته ڪورٽ ڪهڙو “سوئوموٽو“ (پاڻ مرادو) نوٽيس ورتو. هونئن ته سياستدانن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ايڏا پاڻ مرادا نوٽيس ٿا وٺن جو حيرت ٿي وٺي، ۽ لڳندو آ ته ڪورٽون واقعي ئي ڪم ٿيون ڪن. ڳوٺاڻن علائقن مان پاڻي ۽ گيس جون لائينون گذري وڏن شهرن ڏي اچن ٿيون، پر انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي صاف پاڻي جو ڍڪ نٿو ملي. انهن کي ٻارڻ لاءِ گيس نٿي ملي، وري انهن ماڻهن تي پابندي آهي ته اهي ٻيلي مان وڻ ۽ سڪل ڪاٺيون ڪٽي به گهر جو چلهو ٻاري نٿا سگهن، ڇو وڻ ڪٽڻ سان ماحولياتي آلودگي وڌي ٿي، پر انهن جو چلهو نه ٻري ماحول تي ڪو اثر نٿو پئي. اتي حڪومتي ڌريون نه انهن کي روزگار ڏينديون، نه انهن کي صاف پاڻي ملندو، نه انهن کي روڊ رستا، نه زندگي جي ڪا آسائش، ماڻهو ڇا ڪن ڀلا؟
وري اها ڳالهھ به سمجهڻ ضرري آهي ته ضلعي انتظام ته ڊي سي ٿو هلائي يا ضلعي پوليس جو انتظام به ته الڳ ٿلڳ آهي، جيئن انهن نظامن کي گڏيل طور ته صوبائي ۽ وفاق سرشتن تائين ڇڪي يا ڳنڍي سگهجي ٿو. بنگلاديش جي 1971 ۾ ڏنل 6 نقطن مان هڪ نقطو ڏاڍو زبردست هو ته ”وفاق پاڻ وٽ صرف ٻه وزارتون رکي، هڪ دفاع ۽ ٻيو خارجا پاليسي جي وزارت، باقي سڀ جا سڀ انتظام صوبا پاڻ هلائيندا. ٻيو ته صوبي جي جيڪا به اپت ٿيندي، ان تي وفاق جو ڪو به دخل نه هوندو، صوبا جيڪو ڪمائيندا اهي پاڻ تي خرچ ڪندا“ (اهي نقطا بلڪل صحيح هئا) وري وفاق هر صوبي جي ڪمائي تي ڀلي پنهنجي مخصوص ٽيڪس يا ڍل رکي، پر سڀ جا سڀ ٽيڪس ۽ ڍلون هڙپ نٿو ڪري سگهي. وڏن شهرن جي آبادي ۾ سڀني ننڍن ننڍن شهرن جي ڪمائي جو حصو يعني ”ڪنٽريبيوشن“ به هجي ٿو. ملڪي آباديون ته ٻين شهرن جي واپارن تي ”ڊپينڊ“ ٿيون ڪن، ڇو ته ”سروس سيڪٽر“ ڳنڍيل رهي ٿو، معنيٰ سروس ڏيو ۽ سروس وٺو. پوءِ انهن ڪمايل ٽيڪسز تي به شهر جي سڀني ماڻهن وانگي صوبي جي هر ماڻهو جو به حق آهي. رياست اهو ڏسي ته جيڪو صوبو جيترو ڪمائي اوترو ان جو پنهنجن وسيلن تي حق هجي ٿو، پر انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا.
ٻولي جو وڏو مسئلو آهي، وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ڳالهائڻ وارا ڪيترا هوندا؟ (يا آهستي آهستي وڌن ٿا) عرب، ارغون ۽ ايراني نسل به اسان وٽ اسان جي ٻولي ڳالهائي اسان جا ٿي ويا، پر هي ته اسان جي ٻولي ڳالهائڻ کي عيب ٿا سمجهن. پوءِ انهن ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏسن جيڪي انهن صوبن ۾ لڏپلاڻ جي بهاني آيا اهي اتان جا ٿي ويا، پر هي ڪهڙي ثقافت جي مالڪ آهن جيڪي پنهنجي تهذيب جي ڳالھه ٿا ڪن، سڄي لڏپلاڻ کانپوءِ به شهر جي هاڻوڪي آبادي ۾ هنن جو حصو ايترو ناهي پر ٻولي جي “ڊوميننسي“ جي ڪري هي ملڪ جي ماڻهن تي حاوي ٿا ٿين. ايم ڪيو ايم ته اهڙي پارٽي آهي جيڪا فوج ٺاهي ۽ هر حڪومت جي جهولي ۾ ويهڻ وارا آهن اهي ته رڳو ”سرڪاري ڀتن“ تي گذارو ڪرڻ وارا، سدائين ان آسري ۾ هوندا آهن ته من نه من حڪومت هنن جي فائدي جي ڳالهھ ڪري، هي ته ڪڏهن به مخالفت جي سياست ڪندا ئي ناهن. ڪڏهن به مخالفت ۾ اچي هي عوام جي ڳالھه ناهن ڪندا، ماضيءَ ۾ پاڻ کي ”نفيس“ ثابت ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم جي خلاف ٿي بيٺا. ڪاش جي اسان جا ماڻهو هنن جي سياست کي سمجهن ڇو ته ”ڪوڙن“ ڊوميسائيلن تي ٻيا ماڻهو ٻين صوبن جا ماڻهو اسان جي نوڪرين جي ڪوٽا تي ويهاري اسان جن ماڻهن کي نوڪرين کان محروم ٿا ڪن. هاءِ ڪورٽن ۾ ڪيس هلائي ڪوڙا به پاڻ ٿابت ٿا ٿين، پر نڪ جا پڪا آهن، ڇو ته هنن ڀلي ڀَتِ خبر آهي ته رڳو ”ڪراچي ۽ مهاجر“ سياست ڪري هي “حڪومتي ڀتا“ کائڻ جا ماهر آهن ۽ اهوئي ڪري سگهن ٿا، باقي قومي سياست هنن جي وس جي ڳالهھ ناهي. هنن ته سدائين غداري واري سياست ڪئي آهي، هي سدائين ٻين ملڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارا ڪهڙي صوبي يا ملڪ جي سياست ڪندا، پر حيرت اها آهي ته صدر به هنن جي ٻولي ٿو ڳالهائي، سپريم ڪورٽ جو جسٽس، پاڪستان جو اٽارني جنرل، وفاقي قانون جو وزير ۽ اسان جو گورنر به هنن جو، پر پوءِ به هي مظلوم، اسان جي ڌرتي ۽ حقن لاءِ هي وڙھن ئي نه ٿا هي ته ابتو اسان سان ٿا وڙهن. پنهنجا مقصد پاسي تي رکي ٻيٽن جي لاءِ ڪو جلوس يا جلسو ڪڍي ڏيکارين، پاڻي جي لاءِ ڪو احتجاج ڪري ڏيکارن، معنيٰ ”سنڌو جي پاڻي تي راتاها“ ٿا لڳن، پنجاب ڪينال ٿو ٺاهي ۽ رهيو کهيو پاڻي کڻي اسان جون لکين ايڪڙ زمينون غيرآباد ڪندو، پر هنن کي پنهنجي گهر جي ٽنڪيءَ ۾ پاڻي کپي، باقي اسان جا درياءَ سڪن، بحريا ٽائون ٺهن، ڪمانڊر سٽي، اي ايس ايف سٽي، ڊفينس جا نوان فيز ٺهن، ڌاريا آباد ٿين، هنن جي ته جونءَ به ننڊ آهي. اسان کي به ترقي ڏاڍي وڻندي آهي، پر ٻيٽن تي ائين قبضا ڪري ڪهڙي ترقي چئبي، اسان جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي به هنن جي لوڌيل ليڊرن کي هاڻي پنهنجو ٿا سمجهن، جن مان چڱائي جا ڪا اميد ڪرڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي، پوءِ جيڪو آزمايل کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي.