بنيادي طرح اسان سياسي لاڳاپا ٺاهيندا ئي تڏهن آهيون جڏهن اسان کي وڏي پيماني تي اتان ڪجهه ملڻ جو آسرو هوندو آهي، معنيٰ اسان انهن سياسي ماڻهن سان سياسي لڳ لاڳاپا ۽ ڳانڍاپا رکندا ايندا آهيون، وڌائيندا به آهيون جيڪي اسان جي ذاتي پسند جا هوندا آهن، اسان جي ڪم جا ثابت ٿيندا يا هوندا به آهن، اهي اسان جا نظرياتي مخالف هجن يا اهي سياسي طرح ڀلي موزون به نه هجن. مثال طور: اسان ڪڏهن نواز شريف جي لاءِ به ووٽ ڪيو هوندو، ڪڏهن پ پ جي لاءِ به ورڪنگ ڪئي هوندي. اها ٻي ڳالھه آهي ته اسان جي تَرَ جا پ پ جا حمايتي به ته سياسي وفاداريون مٽائي ڪڏهن (ن) ليگ ڏانهن لڙي ٿا وڃن يا هاڻي وري پي ٽي آءِ جا حمايتي به ٿيو وڃن، اهو انهن جو ذاتي مفاد هوندو، اهي پنهنجي مفاد جي ڳولها ۾ رهندا ايندا آهن. اهي پهرين ته اهو ڏسندا آهن ته انهن جي ذات کي ڪيترو فائدو رسي ٿو، جي انهن کي ڪنهن وزارت جو آسرو هوندو آهي ته اهي پهرين “هاٽ فيوِرِٽ” پارٽي ڳولهيندا آهن يا پاڻ ۾ “پوٽينشل” ڏسندا آهن، اتي اهي ان سياسي ٽولي مان ڪيترو لاڀ وٺي سگهندا، اتي ڪيترو هلي سگهندا يا فٽ فڪس ٿي سگهندا ته پوءِ ڏسي وائسي اهي اڳتي وک وڌائيندا آهن. ان سڄي وارتا ۾ انهن کي نه نظرياتي سياست جي لوڙھ هوندي آهي، نه ڪا فڪر ڦرهي، جنهن جي بنياد تي ڪا آڊيالاجي کڻي لهندا هجن، نه ڪنهن قومي مفاد جي ڪا چُرچ، نه ڪا ضرورت به هوندي اٿن، نه ڪا ڪنهن قسم جي لوڙھ، بس اهي پنهنجا ذاتي ۽ سياسي رستا گهڙيندا ٺاهنيدا هلندا ايندا آهن، پنهنجا فائدا ڏسندا ايندا آهن.