ايڊيٽوريلنئون

ٽي ٽي پي افغانستان ۾ سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم: منير اڪرم

تحريڪ طالبان پاڪستان 2007ع ۾ وجود ۾ آئي. بيت الله محسود هن گروهه کي منظم ڪرڻ ۾ گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ 2007ع ۾ ٽي ٽي پي جي وجود جو باقائده اعلان ڪيو ويو. جڏهن پاڪستان آرمي دهشتگرديءَ جي خلاف فاٽا جي مٿان مليٽري آپريشن ڪري رهي هئي، ان وقت هي گروهه تمام گهڻو مضبوط ٿي اڳيان آيو، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ئي اسلامي نظرياتي گروهن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. خاص طور تي هن گروهه ۾ شامل ماڻهن فاٽا آپريشن جي خلاف جدوجهد ۾ گڏ ٿي پنهنجو هڪ ڌار گروهه منظم ڪيو.

جڏهن کان وٺي طالبان حڪومت افغانستان جي حڪمرانيءَ جون واڳون سنڀاليون آهن تڏهن کان وٺي افغانستان مان دهشتگرد پاڪستان اندر ڪيتريون ئي دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري پاڪستان جي سيڪيورٽي اهلڪارن مٿان حملا ڪري چڪا آهن. پاڪستان سيڪيورٽي رپورٽ 2024ع مطابق جيڪا پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز (PIPS) شايع ڪئي، ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم طور آپريشن ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ٽي ٽي پي جي ڪيل سڀني حملن ۽ ان ۾ مارجي ويل ماڻهن جا انگ اکر به ڏنل آهن. ان کان علاوه سائوٿ ايشيا ٽيرر ازم پورٽل (SATP) پڻ پنهنجي ڊيٽابيس ۾ اهي سڀ شيون مينٽين ڪندو آيو آهي ۽ دهشتگرديءَ جي سرگرمين بابت انفارميشن ڏيندو رهيو آهي. ان رپورٽ ۾ پڻ ٽي ٽي پي جي حملن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. طالبان جيئن ئي حڪومت سنڀالي ٽي ٽي پي جي حملن ۾ تيزي اچي وئي. ان کان علاوه 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي ڪيل حملو به ٽي ٽي پي جي کاتي ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي ٻار پنهنجون قيمتي زندگيون وڃائي ويٺا. 11 مارچ 2025 تي گڏيل قومن جي اداري پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم واضح لفظن ۾ اهي ڳالهه ڪئي آهي ته منسوخ ٿيل تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان ۾ هينئر سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ وڏي دهشتگرد تنظيم آهي ۽ ان کي سرحد پار (افغانستان) محفوظ سرحدي پناهه گاهون مليل آهن. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪابل حڪام انهن حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. سلامتي ڪائونسل جي خطاب ۾ منير اڪرم چيو ته هن وقت افغانستان ۾ 20 دهشتگرد تنظيمون متحرڪ آهن، منسوخ ٿيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) سي پيڪ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ شاهديون مليون آهن ته افغان حڪام انهن حملن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ مطابق ٽي ٽي پي ڇهه هزار دهشتگردن تي ٻڌل هڪ وڏي تنظيم آهي جيڪا افغانستان کان آپريٽ ڪري رهي آهي، جيڪا عام ماڻهن ۽ پاڪستاني سر زمين تي فوجين مٿان ڪيترائي حملا ڪري قيمتي جانيون وٺي چڪي آهي. ٽي ٽي پي افغانستان ۾ بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي پڻ مدد ڏيئي رهي آهي ۽ هنن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي، جن جو ڪم پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ پاڪ- چين اقتصادي تعاون کي ڪمزور ڪرڻ آهي.

هن وقت پاڪستان دهشتگرديءَ کي تمام سنجيدگيءَ سان منهن ڏيئي رهيو آهي، پر پاڪستان کي اڃان به وڌيڪ حفاظتي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم اهو آهي ته پاڪ- افغان سرحد کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي انتهائي حساس ٿيڻو پوندو ته جيئن ٽي ٽي پي جا دهشتگرد ۽ اتان کان ايندڙ اسلحو پاڪستان ۾ منتقل نه ٿي سگهي. سرحدن کي صرف انساني وسيلن ذريعي نه، بلڪه ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهه گيرن کي جلد کان جلد پنهنجي وطن واپس اماڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هن وقت ٽي ٽي پي جي سهولتڪاريءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ملوث نظر اچن ٿا.

ان کان علاوه پاڪستان کي پنهنجي اندرونيءَ سيڪيورٽيءَ کي به وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو، فاٽا جي اندر قبائلي سردارن سان گڏجي حفاظتي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، هتان جي عام ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ روزگار، تعليم، صحت ۽ تفريح جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻون پونديون ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجي حڪومت تي ڀروسو ڪري پنهنجي ملڪ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏين، ڇو ته غربت جي ڪري عام غريب ماڻهو اهڙن دهشتگردن جي ور آرام سان چڙهي سگهن ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا اسان جي پاليسي سازن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي سا پاڪستان جي سرحدن کان وٺي پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر تائين انتها پسندي ۽ دهشتگردي واري نظرئي کي تبديل ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي، جنهن جي شروعات پرائمري اسڪولن کان ٿيڻ گهرجي. هن وقت اسان جي ٻارن کان وٺي نوجوان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي تعليم يافته ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ٻار پنهنجي ملڪ جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان علاوه پاڪستان کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي به بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي زميني طور تي اسان ٻيا قدم کڻنداسين ۽ سفارتي لاڳاپن کي جيڪڏهن نظر انداز ڪيو ويندو ته نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا. نه صرف افغانستان سان بلڪه خطي اندر جيترا به پاڙيسري ملڪ آهن انهن سڀني سان امن امان جي صورتحال تي گڏجي ڊائيلاگ ڪرڻ جي به اشد ضرورت آهي. پرامن افغانستان، پرامن سرحدون پاڪستان جي امن امان ۽ ترقي جي ضمانت آهن.