ادب

ڊائري جا ورق ڀون سنڌي  

ڪنهن نظريي جي بغير آزادي ايئن آهي جيئن خوبصورت ۽ خوشبودار گلن جو بيابان ۾ ٽڙڻ، اهي خوشبوءِ ته ڏيندا، پر واس وٺڻ وارو ڪوبه نه هوندو.

***

اسين عام طور تي وڏين غلطين جا حل ڪڍي وٺندا آهيون، پر ننڍڙين غلطين کي درگذر ڪري ڇڏيندا آهيون، نتيجتن اهي وڌي اسان ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ سماج کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏينديون آهن.

***

هو مون تي الزام ٿا هڻن ته آئون پوڄا نٿو ڪريان.

مون وراڻيو: توهين پنڊت جي واڻي ٻڌو ٿا ۽ آئون خوبصورت پکين جون مٺڙيون مٺڙيون لاتيون. سمهڻ وقت توهان هٿ مٿي کڻي پراٿنا ڪريو ٿا ۽ آئون خوبصورت خوابن ۾ گم ٿي وڃان ٿو.

پوءِ به مون تي الزام آهي مان پوڄا نٿو ڪريان؟

***

هن ڪائنات تي ٻه شيون سڀ کان وڌيڪ سگهاريون آهن ۽ آدجڳاد کان ڇانيل آهن ۽ ڇانيل رهنديون هڪ سونهن ۽ ٻيو سچ.

***

هن چيو ته جيڪڏهن مان تخليقڪار هجان ها ته خوشبودار گل بنا ڪنڊن جي پيدا ڪريان ها. هر گهڙي خوشين ۽ مرڪن جي بنايان ها ۽ هر چهرو ايشوريا راءِ جهڙو سندر…

مون مسڪرائي ڏنو ۽ چيو: توکي خبر ئي ناهي ته تخليق لاءِ ڪيڏو درد ۽ ڪرب ڀوڳڻو پوندو آهي.

***

ڪڏهن ڪڏهن هڪ عام ماڻهو به اهڙي ڳالهه ڪري ويندو آهي جيڪا اُٺ ڪتابن جا پڙهيل ڏاهن ۽ اڪابرن جي عقل ۽ ڏاهپ کان به مٿئين درجي جي هوندي آهي.

تڏهن ته مان چوندو آهيان ته خيال جي اڏار ۽ گهرائي ڄاڻ کان وڌيڪ سگهاري آهي.

***

ادب ۾ انورٽيڊ ڪاما (“ ”) جو استعمال صحيح لڳي ٿو، پر اصل زندگيءَ ۾ آئون انورٽيڊ ڪاما کي حدن ۾ باندي جيان تصور ڪريان ٿو، جنهن جي پڇاڙي زندگيءَ جو خاتمو يعني موت آهي.

***

سنڌ ۾ مختلف محاذن تي تمام وڏيون ۽ عظيم شخصيتون آهن. مثال: شاعرن ۾ ڀٽائي، سچل، سامي، اياز… بهادريءَ ۾ دودو، دولهه، هيمون…

پر فڪري رهبري ۾ فقط هڪڙو ئي ڪردار آهي جيڪو سنڌو جي ساڃاهه، سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جو روح آهي اهو آهي، سائين جي ايم سيد دي گريٽ.

***

هن چيو: ”مان تنهنجي لکڻين سان متفق ناهيان“

مون چيو: مان تيستائين لکندو رهندس جيستائين تون مون جيان سوچڻ شروع نٿو ڪرين.

***

جيڪي ٻين تي گنهگار هجڻ جو الزام هڻندا آهن، منهنجي نظر ۾ انهن کان وڏو ٻيو ڪو گنهگار هوندو ئي ناهي.

***

هڪ عام چوڻي آهي ته خالي (ڪورو) دماغ شيطان لاءِ ڪارخانو هوندو آهي.

آئون ان سان متفق ناهيان منهنجي خيال ۾ جي ان ۾ پهرين داخلا ڪنهن فرشتي جي ڪئي وڃي ته اهو سٺن خيالن جي درسگاهه ٿي سگهي ٿو.

***

محبت ۽ نفرت هڪٻئي جي برابر (پور وڇوٽ) هلن ٿيون، هيل تائين انهن مان ڪير به ٻئي کي شڪست ڏيئي نه سگهي آهي، پر پوءِ به محبت بادشاهن جو ڇٽ رهي آهي ۽ نفرت فقير جو خالي ڪشڪول.

***

انسان جيڪڏهن  شروع کان وٺي خيالي سهارن، ديوين، ديوتان ۽ ٻين غيبي قوتن ۾ آسرو ۽ اميد نه رکي ها ۽ پاڻ تي ڀاڙي ها ته هيل تائين هو پنهنجن مسئلن کي ڪافي حد تائين حل ڪري چڪو هجي ها ۽ ڪائنات جي اسرارن تائين ذري گهٽ پهچي چڪو هجي ها.

***

هن چيو: توکي سمجهڻ لاءِ شايد ٻيو جنم وٺڻو پوي.

مون چيو: جي ٻئي جنم ۾ سالم دماغ سان پيدا ٿئين ته ٺيڪ نه ته ڳالهه مڙئي ساڳي ٿيندي. جيئن عام چوڻي آهي گڏهه ڀلي سئو دفعا ڪاشيءَ جي تيرٿ ياترا ڪري اچي، پر رهندو ته گڏهه جو گڏهه.

***

اسان جو ماڻهو غير تهذيب يافته ۽ اڻ سڌريل قدامت پسندن ۽ تهذيب يافته ۽ سڌريل چورائيندڙ آمريڪي سامراج جي وچ ۾ سئنڊوچ بڻيل آهي.

***