سُک وندي
ليکڪ: غلام عباس
ميونسپل وارن جو اجلاس وڏي اوج تي ھو. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه ھئي. وري معمول جي خلاف ھڪ ميمبر به غيرحاضر نه ھو. ميونسپل جو بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ ھو ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍجي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.
ميونسپل جو ھڪڙو وزنائتو ميمبر جيڪو ملڪ ۽ قوم جو سچو خير خواھ ۽ دردمند سمجھيو ويندو ھو، ڏاڍي فصيح تقرير ڪري رھيو ھو.
”ٻيو وري منھنجا سائين اوھان ايڏانھن به ڌيان ڏيو ته انھن جي رھائش، شھر جي اھڙي حصي ۾ آھي، جيڪو نه صرف شھر جي وچئون وچ عام وڏي واٽ آھي بلڪه شھر جو سڀ کان وڏو تجارتي مرڪز پڻ آھي. جنھنڪري ھر شريف ماڻھوءَ کي نه چاھيندي به اتان ئي لنگھڻو ٿو پوي. ان کان علاوه اشراف خاندانن جي پاڪ دامن نياڻين سياڻين کي ان بازار جي تجارتي اھميت سبب اتي اچڻ ۽ اتان سودو سلف وٺڻ کانسواءِ ٻي واھ ئي ناھي. منھنجا سائين اھي عزتدار ۽ ست سيل واريون، اڌ اگھاڙين وئشائن جي ٺاھ ٺوھ کي پڻ ڏسن ٿيون ته قدرتي طور تي سندن دل ۾ به ھار سينگار ۽ دلڪشيءَ جا اڻ ڄاتل جذبا ۽ اميدون ڪَرُ کڻن ٿيون. پوءِ اھي پنھنجي مسڪين مڙسن کان ڀانت ڀانت جي پائوڊرن، سرخين، زريءَ تي چمڪندڙ ساڙھين ۽ قيمتي زيورن جون فرمائشون ڪرڻ لڳن ٿيون. نتيجو اھو ٿو نڪري جو سندن خوشين ڀريو آکيرو، سندن سڪون وارو آکاڙو سدا لاءِ جھنم جو نمونو ٿيو وڃي.“
”ٻيو ته منھنجا سائين پوءِ اوھان اھو به ڌيان ڌريو ته اسان جي قوم جا ننڍڙا ٻچڙا جيڪي درسگاھن ۾ علم پيا پرائين ۽ سندن اڳتي جي ترقين ۾ قوم جون اميدون واڳيل آھن ۽ گمان آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن قوم جي ٻيڙي کي ڪُنَ مان ڪڍڻ جو سھرو سندن سر تي سَجندو، انھن کي به صبح شام، انھيءَ بازار منجھان اچڻو وڃڻو ٿو پوي. اھي ڪسبياڻيون ھر وقت سورھن سينگار ڪريو، سندن رستي تي پنھنجن اڻ ڍڪيل نيڻن ۽ پنبڻين جا تير، ترارون ۽ نيزا، مٿن وسائينديون ۽ کين حسن جي دعوت ڏينديون ٿيون رھن. ڇا کين ڏسي اسان جا ٻالا ڀولا، جوانيءَ جي نشي ۾ ڌُت، نفعي نقصان کان بي پرواھ، قوم جا ٻچڙا پنھنجن جذبن، خيالن ۽ اعليٰ سيرت کي گناھ جي قاتل اثرن کان محفوظ رکي سگھندا؟ دوستو! ڇا انھن جو حسن جيڪو زاھدن کي به راھئون رلائي ڇڏي، اسان جي قوم جي ٻچڙن کي سڌي راھ تان ھٽائي، سندن دلين ۾ گناھن جي پر اسرار لذتن جي اڃ پيدا ڪري ھڪ بيچيني، ھڪ بيقراري، ھڪڙو ھيجان پيدا نه ڪري ڇڏيندو ھوندو.“
انھيءَ موقعي تي ھڪڙي بلدياتي ميمبر، جيڪو ڪنھن زماني ۾ استاد رھي چڪو ھو ۽ انگن اکرن سان وڏي دلچسپي رکندو ھو، تنھن چئي ڏنو؛
”دوستو! اھا به خبر ھجيوَ ته امتحانن ۾ ناپاس ٿيڻ وارن شاگردن جو انگ پوين پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ ڏيڍوڻو ٿي ويو آھي.“
ھڪڙو ميمبر، جنھن کي چشمو چڙھيل ھو ۽ ھفتيوار اخبار جو اعزازي ايڊيٽر ھو، تقرير ڪندي چيو؛ ”سائين منھنجا! اسان جي شھر مان ڏينھون ڏينھن غيرت، شرافت، مردانگي، نيڪو ڪاري ۽ پرھيزگاري وڃي ٿي کڄندي ۽ ان جي جاءِ تي بي غيرتي، نامردي، بزدلي، بدمعاشي، چوري ۽ ٺڳي ٺوڙي وڃي ٿي وڌندي. منشيات جو واھپو وڌي ويو آھي. خونريزي ۽ ڌاڙا ڦرون، خودڪشي ۽ ڏيوالي نڪرڻ جون وارداتون وڌنديون ٿيون وڃن. ان جو سبب فقط انھن بازاري عورتن جو پليد وجود آھي. ڇو جو اسان جا ٻالا ڀولا شھري، انھن جي ونگيندڙ زلفن جا اسير ٿي، ھوش ۽ سمجھ وڃائي ٿا ويھن ۽ انھن جي محل سرا تائين پھچڻ جي گھڻي کان گھڻي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ ھر جائز ۽ ناجائز طريقي سان زر حاصل ڪن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ته اھي انھيءَ ڪوشش ۾ ماڻھپي کان ئي ٻاھر نڪري ٿا وڃن ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪري بيھي ٿا رھن. پوءِ نتيجو اھو ٿو نڪري ته اھي پنھنجي پياري جان تان ھٿ ڌوئي ٿا ويھن يا چاوڙين ۾ پيا سڙندا ٿا رھن.“
ھڪڙو پينشن تي لٿل وڏي عمر وارو ميمبر، جيڪو عيالدار ھئڻ سان گڏ دنيا جون گرميون سرديون ڏسيو ويٺو ھو ۽ ھاڻ حياتيءَ جي ڪشمڪش کان ٿڪجي باقي عمر، آرام ڪرڻ ۽ پنھنجي اھل عيال کي پنھنجي ڇپر ڇانوَ ھيٺ پلجندو ڏسڻ جو تمنائي ھو، سو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو.. سندس آواز ۾ ڏڪڻي ھئي ۽ لھجي جو انداز فريادين وارو ھئس. چيائين؛ ”دوستو! سڄي سڄي رات انھن ماڻھن جي طبلن جي وڄت، انھن جا ھوڪرا، سندن عاشقن جي ويڙھاند، گاريون گند، شور شرابو، ھا ھا ھا، ھو ھو ھو، ٻڌي ٻڌي اوسي پاسي ۾ رھڻ وارن شريفن جا ڪن ئي پچي پيا آھن. رات جي ننڊ حرام ته ڏينھن جو سڪون برباد آهي. ان کان علاوه سندن ويجھڙائپ سبب اسان جي نياڻين سياڻين جي اخلاق تي جيڪو اثر پوي ٿو، تنھن جو اندازو ھر ٻچڙيوال پاڻ ڪري سگھي ٿو.“ آخري جملو چوندي، سندس آواز گھوگھرجي ويو ۽ ان کان اڳتي ڪجھ ڳالھائي ئي نه سگھيو. بلديا جي مڙني ميمبرن کي ساڻس ھمدردي ھئي، ڇو جو بدقسمتيءَ سان سندس گھر ان بازارِ حسن جي بلڪل وچ تي ٺھيل ھو. کانئس پوءِ ٻيو بلدياتي ميمبر، جيڪو جھوني تھذيب جو علمبردار ھو ۽ قديم آثارن کي ٻچڙن کان وڌيڪ پيارو سمجھندو ھو، تنھن تقرير ڪندي چيو؛
”سائين منھنجا! ٻاھران جيڪي سياح ۽ اسان جا دوست دڙا ھن مشھور تاريخي شھر کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. جڏھن اھي ھن بازار منجھان گذرندا آھن ۽ ان متعلق پڇا ڪندا آھن ته يقين ڪريو ته اسان جي مٿان مَٽَ پاڻي جا پُريٽجي ويندا آھن.“
ھاڻ بلديا جو صدر، تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڀلي قد ھلڪو ھئس ۽ ھٿ پير ننڍڙا ھئس، مگر مٿو وڏو ھئس. جنھن جي ڪري بردبار ماڻھو پئي لڳو. لھجي ۾ حد کان وڌيڪ ٿڌائپ ھئس. چيائين؛ ”منھنجا سائين! مان ان ڳالھ ۾ اوھان سان بلڪل متفق آھيان ته ان طبقي جو وجود اسان جي شھر ۽ اسان جي تھذيب ۽ رھڻي ڪھڻيءَ جي لاءِ سئو ڀيرا شرمساريءَ جو سبب آھي. ليڪن ڏکيائي اھا آھي ته ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي. اگر انھن ماڻھن کي مجبور ڪجي ته اھي پنھنجو نيچ پيشو ڇڏين ته سوال ٿو پئدا ٿئي ته اھي ماڻھو کائيندا ڪٿان؟“
ھڪڙي ھمراھ چئي ڏنو؛ ”اھي عورتون، پرڻا ڇو نٿيون ڪن؟“
ان تي ھڪڙو وڏو گندو ٽھڪار ٿي ويو ۽ ھال جي ماتمي فضا ۾ ھڪدم کل مذاق جا آثار پيدا ٿي ويا. جڏھن ويٺلن ۾ ٺاپر ٿي ته صدر صاحب ڳالھايو؛ ”منھنجا سائين! اھا تجويز ڪيترائي ڀيرا انھن جي آڏو رکي چڪا آھيون. ان لاءِ انھن جي طرفان ھيءُ جواب ڏنو ٿو وڃي ته آسودا ۽ عزت وارا خانداني ماڻھو، عزت ۽ ناموس جي خيال کان کين گھر ۾ پير پائڻ نه ڏيندا. جڏھن ته ڀينگين ۽ ڪريل طبقي وارن ماڻھن کي جيڪي محض انھن جي دولت لاءِ ساڻن شادي ڪرڻ تي مائل ٿين، ھي عورتون به ويجھو اچڻ ڪو نه ڏينديون.“
ان تي ھڪڙي ھمراھ چيو؛ ”بلديا کي انھن جي ذاتي معاملن ۾ پوڻ جي ضرورت ناھي. بلديا جي آڏو ته ھيءُ مسئلو آھي ته اھي ماڻھو ڀلي کڻي جھنم ۾ وڃن، پر ھن شھر کي خالي ڪري وڃن.“
صدر چيو؛ ”دوستو! اھو به ڪو سولو ڪم ناھي. انھن جو ڳاڻيٽو ڏھ ويھ ناھي بلڪه سوَن تائين پھتل آھي. ٻيو ته منجھانئن ڪيترين ئي عورتن جا ته پنھنجا ذاتي گھر ورتل آھن.“
اھو مسئلو مھينو کن ته بلديا جي بحث ھيٺ رھيو ۽ نيٺ مڙني ميمبرن جي اتفاق راءِ سان اھا ڳالھ بيٺي ته بازارِ حسن جا مملوڪه/والاريل گھر خريد ڪيا وڃن ۽ کين رھڻ لاءِ شھر کان گھڻو پري ڪو الڳ ٿلڳ علائقو ڏنو وڃي. انھن عورتن بلديا جي انھيءَ فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڪيو. ڪن ته نافرماني ڪري وڏا ڏنڊ به ڀريا ۽ قيد به ڪاٽيا، مگر بلديا جي مرضيءَ آڏو سندن ھڪ به نه ھلي ۽ لاچار ٿي صبر ڪري ئي ويھي رھيون.
ان کانپوءِ ڳچ عرصي تائين ته انھن بازاري عورتن جي مملوڪه گھرن جون فھرستون ۽ نقشا تيار ٿيندا رھيا ۽ گھرن جي لاءِ گراھڪ پيدا ڪيا ويندا رھيا. ڪيترن گھرن کي نيلاميءَ ذريعي وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھن عورتن کي ڇھ مھينا پنھنجن پراڻن گھرن ۾ ترسڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ان عرصي ۾ اھي نئين علائقي ۾ گھر وغيره ٺھرائي سگھن.
انھن عورتن لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ڇھ ڪوھ پري ھو. پنجن ڪوھن تائين ته پڪو رستو ھو ۽ ان کان اڳتي ڪوھ کن ڪچو رستو ھو. ڪنھن زماني ۾ اتي ڪا وسندي ھوندي هئي، مگر ھاڻ ته کنڊرن کانسواءِ ڪجھ نه بچيو ھو. جن ۾ نانگن ۽ چمڙن جو واسو ھو ۽ ڏينھن ڏٺي جو ته چٻرا پيا ٻوليندا ھئا. ان علائقي جي پسگردائيءَ ۾ ڪجھ ڪچن گھرن وارا ننڍا ننڍا ڳوٺ ھئا. مگر ڪنھن جو مفاصلو به اتان ٻن اڍائي ميلن کان گھٽ نه ھو. انھن ڳوٺن ۾ رھڻ وارا ھاري ڏينھن جي وقت پوکي راھي ڪندا ھئا يا ايئن ئي گھمندي ڦرندي ھتي به اچي پھچندا ھئا. ورنه ته عام طور تي ھن ويران شھر ۾ آدم ذات جي ڪا صورت به نظر نه ايندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گدڙ به ان علائقي ۾ رلندي ڏٺا ويا ھئا.
پنج سئو کان مٿي وئشائن منجھان فقط چوڏھن اھڙيون ھيون، جيڪي پنھنجن عاشقن جي واسطيداريءَ يا خود پنھنجي دليئون يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري شھر جي ويجھو آزاد رھڻ تي مجبور ھيون ۽ پنھنجي دولتمند چاھيندڙن جي مستقل مالي مدد جي ڀروسي تي نه چاھيندي به انھيءَ علائقي ۾ رھڻ تي مائل ٿي ويون. ورنه ته باقي عورتن اھو سوچي ڇڏيو ھو ته يا ھن ئي شھر جي ھوٽلن تي پنھنجي رھائش رکنديون يا ظاھري طور نيڪن جو لباس پائي شھر جي شريف محلن جي ڪُنڊن پاسن ۾ وڃي لڪنديون يا ته ھن شھر کي ئي مورڳو ڇڏي ڪنھن ٻئي پاسي ھلي وينديون.
اھي چوڏھن ئي وئشائون گھڻيون مالدار ھيون. انھيءَ تي شھر ۾ جيڪي والاريل گھر ھئن تن جو اگھ کين وڏو ملي ويو ھو ۽ ان علائقي ۾ زمين جي قيمت نالي ماتر ھئي. ٻيو ته مڙني کان موچاري اھا ڳالھ ٿي ته وٽن اچڻ وارا، دل ۽ جان سان سندن مالي مدد ڪرڻ لاءِ آتا ھئا. تنھنڪري ھنن انھيءَ علائقي ۾ دل کولي وڏا وڏا عاليشان گھر ٺھرائڻ لاءِ رِٿائون سٽيون. ھڪڙو مٿانھون ۽ ھموار ھنڌ جيڪو ٽٽل ڦٽل قبرن کان پرڀرو ھو سو چونڊيو ويو. زمين جا ٽڪرا صاف ڪرايا ويا ۽ ھوشيار آرڪيٽيڪٽس کان نقشا جوڙايا ويا ۽ ٿورن ڏھاڙن ۾ اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. سڄو ڏھاڙو سرون، مٽي، چونو، شھتير، گارڊر ۽ ٻيو عمارتي سامان گاڏين، ڇڪڙن، خچرن، گڏھن ۽ ماڻھن تي کڄي ھن وسنديءَ ۾ پيو اچي ۽ منشي مڙا حساب ڪتاب جون ڪاپيون بغلن ۾ وجھيو اھو ڳڻائي ۽ ڪاپين ۾ داخل پيا ڪن… انجنيئر، رازن کي ڪم متعلق ھدايتون پيا ڏين. رازا مزدورن کي دڙڪا داٻا پيا ڏين، مزدور وري پيا ھيڏانھن هوڏانهن پيا ڀڄن ڊڪن. هڪٻئي کي رڙيون ڪري پاڻ سان ڪم ڪرڻ لاءِ پيا سڏين. مطلب ته سڄو ڏھاڙو ھڪڙو ھل ھنگامو ھو. وري سڄو ڏھاڙو اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ڳوٺاڻا پنھنجي ٻني ٻاري ۾ ۽ ڳوٺاڻيون پنھنجن گھرن ۾ ھوا جي جھونڪن سان گڏ پري کان ايندڙ کٽ کٽ جا ھلڪا ھلڪا آواز پيا ٻڌن.
انھيءَ وسنديءَ ۾ ھڪ جاءِ تي مسجد جا آثار ھئا ۽ ان جي ويجھو ھڪڙو کوھ ھو جيڪو ڦٽل ھو. اڏيندڙن ھڪ ته پاڻي کڻڻ لاءِ ۽ ٻيو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ۽ ٽيون ٿورو ثواب ڪمائڻ ۽ پنھنجن نمازي ڀائرن جي عبادت ڪرڻ جي خيال کان سڀ کان پھرين ته ان جي مرمت ڪئي. جيئن ته اھو فائدو ڏيندڙ ۽ ثواب جو ڪم ھو جنھن ڪري ڪنھن به اعتراض نه واريو. قصو ڪوتاھ ٻن ٽن ڏينھن ۾ مسجد تيار ٿي وئي.
ڏينھن جو ٻارھين وڳي جيئن ئي مانيءَ جي موڪل ملي ٻه اڍائي سئو رازا، مزدور، انجنيئر، منشي ۽ انھن وئشائن جا مائٽ يا ڪمدار ڪاراوا جيڪي اڏاوت جي سنڀال تي بيٺل ھئا سي ان مسجد جي اوسي پاسي ۾ اچي ڪٺا ٿين ته ڄڻ ميلي وارو رنگ ٿي وڃي.
ھڪ ڏھاڙي ھڪڙي ڳوٺاڻي ڪراڙي جيڪا ڪنھن ويجھي واري ڳوٺ جي رھاڪو ھئي سا ھن وسنديءَ جي سڌ پوڻ تي اچي ھتي پھتي. ساڻس ھڪڙو ننڍو ڇوڪرو به ھو. ٻنھي مسجد جي ويجھو ھڪ وڻ جي ھيٺان سگريٽن، ٻيڙين، ڀڳڙن ۽ ڳڙ مان ٺھيل مٺائين جو ٿالھ اچي رکيو. ڪراڙيءَ کي آئي اڃان ٻه ڏينھن به نه گذريا ھئا جو ھڪڙو ڪراڙو ھاري ڪٿان ھڪڙو مٽ کڻي آيو ۽ کوھ جي پاسي ۾ سرن جو ھڪڙو ننڍڙو ٺيھو اڏي پئسي ۾ ٻه ٻه شربت جا گلاس وڪڻڻ لڳو. ھڪڙي باگڙيءَ جو خبر ٻڌي سو ھڪڙو کارو گدرن جو ڀري آيو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ڀر ۾ ويھي؛ ”وٺو وٺو گدرا! ماکيءَ کان به زور مٺا گدرا“ جا ھوڪا ڏيڻ لڳو. ھڪڙي ھمراھ ڇا ڪيو جو گھران منڍي پاوا رڌائي، ديڳڙيءَ ۾ وجھي، ٿالھ جي مٿان رکي، ٿوريون مانيون، ٺڪر جا ٻه ٽي پيالا ۽ ھڪڙو جستي گلاس کڻي اچي پڳو ۽ انھيءَ وسنديءَ جي ڪَمين کي جھنگ ۾ گھر جي ڪُنيءَ جھڙي وَٽَ وٺائڻ لڳو.
ٻپھريءَ ۽ ٽپھريءَ جي وقت انجنيئر، منشي، رازا ۽ ٻيا ماڻھو، مزدورن کان کوھ منجھان پاڻي ڪڍائي وضوع ڪندي نظر ٿي آيا. ھڪڙو ھمراھ مسجد ۾ وڃي ٻانگ ڏيندو هو، وري ھڪڙي کي امام کڻي ٺاهيو ويو ۽ ٻيا ماڻھو ان جي پويان بيھي نماز پڙھڻ لڳا. ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪڙي مُلي کي جو سڻس پئي ته فلاڻي مسجد ۾ امام جي ضرورت آھي، سو ٻئي ڏينھن ئي صبح مرادن جو ھڪڙي سائي ٿيلھيءَ ۾ قرآن شريف، رحل ۽ مسئلن مسائلن سکڻ جون چوپڙيون کڻي اچي ڪڙڪيو ۽ ھن مسجد جي امامت باقاعدي طور تي سندس حوالي ڪئي وئي.
ڏھاڙي ٽپھريءَ ڌاري ھڪڙو ڪبابي مٿي تي پنھنجو کر جو کارو کڻي ايندو هو ۽ ٿالھ واري ڪراڙيءَ جي ويجھو پٽ تي چلھو ٺاھي ڪباب، جيرا، دل ۽ بڪيون سيخن تي پچائي، وسنديءَ وارن کي ويچيندو هو. ھڪڙي باٺارڻ جو اھو حال ڏٺو ته پنھنجي مڙس کي ساڻ وٺيو مسجد جي سامھون اس کان بچڻ لاءِ گاھ پلال جو ھڪڙو ڇپرو ٺاھي، اچي تندور تپائڻ لڳي. ڪڏھن ڪڏھن ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو نائي ڦاٽل ساٽل پراڻي ڪسبت ڳچيءَ ۾ لڙڪايو بوٽ جي ٿُڏن سان رستي جا پٿر ٿُڏيندو ھتي ڦيراٽا ڏيندو نظر ٿي آيو.
انھن وئشائن جي گھرن جي اڏاوتن جي نگراني سندن مائٽ يا ڪارندا ته ڪندا ئي ھئا، پر ڪنھن ڪنھن ڏينھن تي اھي به ٻپھريءَ جي مانيءَ کان وانديون ٿي پنھنجن عاشقن سان گڏجي پنھنجي سر پاڻ پنھنجن پنھنجن گھرن کي جڙندو ڏسڻ اينديون ۽ سج لڙئي کان اڳي اتان نه موٽنديون هيون. انھيءَ موقعي تي فقيرن ۽ فقيرياڻين جا ٽولن جا ٽولا، الائي ته ڪٿان اچي ٿي سهڙيا ۽ جيستائين خير نٿي ورتن تيستائين ڪھاتن سان وٺي شور ڪن ۽ کين ڳالھائڻ ئي نه ڏين. ڪڏھن ڪڏھن شھر جا رول ۽ واندا ڇورا، واندي ويھڻ کان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي نيت سان شھر کان پيرين پنڌ نڪري وئشائن جي ھن نئينءَ وسنديءَ جو واءُ سواءُ لھڻ ٿي آيا ۽ جي ان ڏينھن تي وئشائون به آيل ھجن ته سندن عيد ٿيو وڃي. اھي کانئن ٿورو پرڀرو ٿي سندن چوڌاري ويٺا چڪر ڏين. گفتا ڪڍن، اڻ ٺھندڙ ٽھڪار ڏين. عجيب عجيب شڪليون ٺاھين ۽ چرين واريون حرڪتون ڪن. ان ڏھاڙي تي ڪبابيءَ جي کپت به ٺاھوڪي ٿي ٿي.
ان علائقي ۾ جتي ڪجھ ڏينھن اڳ پکيءَ پير نه ھوندو ھو ھاڻي چوڌاري ھڪڙي وٺ وٺان ۽ چھل پھل نظر اچڻ لڳي. شروع شروع ۾ ھن علائقي جي ويرانيءَ ۾ انھن وئشائن کي ھتي اچي رھڻ جي حساب سان جيڪا وحشت ٿيندي ھئي سا وڏي حد تائين ھلي وئي. ھاڻ اھي ھر دفعي خوش خوش پنھنجن گھرن جي سينگار ۽ پنھنجي پسند جي رنگن متعلق رازن کي زور ڀري وينديون ھيون.
وسنديءَ ۾ ھڪ ھنڌ ھڪڙي ٽٽل ڦٽل مزار پڻ ھئي، جيڪا آڳاٽي ڪنھن بزرگ جي لڳندي ھئي. جڏھن اھي گھر اڌ کان مٿي جڙي ويا ته ھڪ ڏھاڙي وسنديءَ جي رازن مزورن ڇا ڏٺو ته مزار جي ويجھو دونھون پيو اٿي ۽ ھڪڙو لال لال اکين وارو ڊگھو ڏُوت مست فقير گوڏ ٻڌيو ڀرون به ڪوڙايو ھن مزار جي چوڌاري پيو ڦري ۽ پٿريون کڻي کڻي پيو پري اڇلائي. ٻپھريءَ ڌاري اھو فقير ھڪڙو دلو کڻي کوھ تي آيو ۽ پاڻي ڀري مزار تي کڻي وڃڻ ۽ ان کي ڌوئڻ لڳو. ھڪ دفعي جو آيو ته کوھ تي ٻه ٽي رازا مزدور بيٺا ھئا. ھو اڌ پاڳل ۽ اڌ ھوش جي عالم ۾ کين چوڻ لڳو: ”خبر اٿو! اھا ڪنھن جي مزار آھي؟ پير ڪڙڪ شاھ بادشاھ جي! منھنجا ابا ڏاڏا سندس مجاور ھئا.“ ان کانپوءِ کلي ۽ اکين مان ڳوڙھا ٽمائيندي، پير ڪڙڪ شاھ جون ڪجھ جلالي ڪرامتون پڻ انھن رازن مزدورن کي ٻڌايائين.
شام ڌاري اھو فقير ڪٿان پٽي سٽي، ٺڪر جا ٻه ڏيئا ۽ سرنهن جو تيل وٺي آيو. پير ڪڙڪ شاھ جي قبر جي سيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان ڏيئا ٻاري ڇڏيائين. رات جي پوئين پھر ڪڏھن ڪڏھن ان مزار مان الله ھوءَ جا مست نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
ڇھ مھينا نه گذريا ھوندا جو اھي چوڏھن ئي گھر جڙي راس ٿي ويا. اھي سموري جا سمورا ٻه منزلا ھئا ۽ لڳ ڀڳ ساڳي طرز تي ھئا. ست ھڪ پاسي کان ۽ ست ٻئي پاسي کان. وچ ۾ ويڪرو شاھي رستو ھو. ھر گھر جي ھيٺان چار چار دڪان ھئا. گھر جي مٿين منزل ۾ رستي واري طرف کان ڪشادو ورانڊو ھو. ان جي اڳيان ويھڻ لاءِ ٻيڙي نما بيٺڪ ٺھرايل ھئي. جنھن جي ٻنھي پڇڙن تي يا ته سنگ مرمر جا نچندڙ مور ٺاھيا ويا ھئا يا وري جل پرين جا مجسما تراشي ٺاھيا ويا ھئا، جن جو اڌ ڌڙ مڇيءَ جو ۽ اڌ انسان جو ھو. ورانڊي جي پويان جيڪو وڏو ڪمرو ويھڻ لاءِ ھو ان ۾ سنگ مرمر جا نازڪ نفيس ٿنڀا ٺھيل ھئا. ڀتين تي وڻندڙ چٽسالي ڪيل ھئي. فرش چلڪڻي پٿر جا ٺاھيا ويا ھئا. جڏھن سنگ مرمر جي ٿنڀن جا عڪس انھيءَ بلوري فرش تي پوندا ھئا ته ايئن لڳندو ھو ڄڻ سفيد براق جي پرن وارن ھنس پکين پنھنجون ڊگھيون ڳچيون ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيون آھن.
اربع جو ڀلارو ڏِڻُ، ان وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان ڏھاڙي ان وسنديءَ مڙني وئشائن پاڻ ۾ گڏجي ھڪڙو وڏو نياز ڪرايو. وسنديءَ جي کلئي پٽ تي زمين جي صفائي ڪرائي شاميانا لڳرايا ويا. ديڳين کڙڪڻ جا آواز ۽ گوشت ۽ گيھ جي خوشبوءِ، ويھن ويھن ڪوھن تان فقيرن ۽ ڪتن کي ڇڪي کڻي آئي. ٻپھري ٿيندي پير ڪڙڪ شاھ جي مزار وٽ جتي لنگر ورھايو ويندو ھو، ايترا ته فقير فقراءَ ڪٺا ٿيا جيترا عيد جي ڏھاڙي تي ڪنھن وڏي شھر جي جامع مسجد وٽ به نه ٿيا ھوندا. پير ڪڙڪ شاھ جي مزار جي باقاعدي صفائي ڪرائي وري ڌواريو ويو ۽ ان تي گلن جون چادرون چاڙھيون ويون ۽ ان مست فقير کي نئون جوڙو سبرائي پارايو ويو، جيڪو ھن پائيندي شرط ڦاڙي ڇڏيو.
شام ڌاري شاميانن جي ھيٺان کير جھڙو چلڪندڙ فرش ڪيو ويو. ٽيڪ وھاڻا، پان دان، ٿوڪ دان، ڊگھين نڙين وارا حقا ۽ گلاب ساڻ رکيا ويا ۽ راڳ رنگ جي محفل مچائي وئي. پري پري کان ڪيترين ئي وئشائن کي سڏايو ويو، جيڪي سندن سنگتياڻيون يا برادريءَ جون ھيون. انھن سان گڏ انھن جا ڪيترائي ملڻ وارا پڻ آيا، جن جي لاءِ ھڪڙي جداري شامياني ۾ ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو ۽ انھن جي سامھون واري پاسي کان چِکون لڙڪايون ويون. بيشمار گولن جي روشنيءَ سان ھيءَ جاءِ شمشان وانگر بڻجي وئي ھئي. انھن وئشائن جا ڍِڍَ نڪتل شيدي سازيندا، زري لڳل ۽ ريشمي ڪپڙن جون شيروانيون پائي، عطر ۾ ٻڏل ڪپھ جا ٻڙا ڪنن ۾ رکي، ھيڏي ھيڏي مُڇن کي تاءُ ڏيندا پئي ڦريا ۽ چلڪندڙ لباسن ۽ پوپٽن جي پرن کان به سنھين ساڙھين ۾ اوڙھيل، پائوڊرن ۽ خوشبوئن ۾ وھنتل ناز نينيون آڪڙيون پئي ڦِريون. سڄي رات ناچ ۽ سرود جو ھنگامو برپا رھيو ۽ جنگل ۾ منگل ٿي ويو.
ٻن ٽن ڏھاڙن پڄاڻان، جڏھن انھيءَ جشن جا ٿڪ لٿا ته اھي وئشائون ساز ۽ سامان پھچائڻ ۽ گھرن جي سجاوٽ کي لڳي ويون. شمعدان، فانوس، شيشي جا ٿانوَ، ماڻھوءَ جيڏا آئينا، نھوري کٽون، تصويرون ۽ سونھري قطعا فريمن ۾ بند، آندا ويا ۽ وڏي ٺاھ ٺوھ سان ڪمرن منجھ لڳايا ويا. اٺن ڏھاڙن کن ۾ وڃي اھي گھر، ڪلي ڪوڪي سان سجائجي پورا ٿيا. اھي عورتون ڏينھن جو ڳچ حصو ته استادن کان رقص ۽ سرود جي تعليم پرائڻ، غزل ياد ڪرڻ، ڌُنِ ويھارڻ، سبق پڙھڻ، پٽي لکڻ، سُبڻ پوئڻ، ڀرت ڀرڻ، گرامو فون ٻڌڻ، استادن سان پتي راند ڪرڻ ۽ ڪيرم کيڏڻ، چرچو چٿر، ٽوڪ طنز سان دل وندرائڻ يا سمھڻ ۾ گذارينديون ھيون. پوءِ ڏينھن جي ٽئين پھر ۾ وھنجڻ خانن ۾ وھنجڻ وينديون هيون، جتي سندن نوڪرن نلڪن مان پاڻي ڪڍي ٽپ ڀري رکيا ھوندا. ان کانپوءِ اھي ھار سينگار ۾ لڳي وينديون هيون.
جيئن رات جي اونداھ پر پکيڙيندي، تيئن ئي ھي گھرَ، گولن جي روشنين ۾ چمڪاٽ ڪندا هئا، جيڪي ھنڌ ھنڌ تي سنگ مرمر جي اڌ- ٽڙيل ڪنولن ۾ انتھائي صفائيءَ سان لڪائي رکيل ھوندا هئا. ٻيو ته انھن گھرن جي درين ۽ دروازن جي طاقن جا شيشا، جيڪي گلن ۽ پنن جي نموني تي ڪٽي جوڙيل ھئا، تن جي انڊلٺي رنگن جون روشنيون پري کان جھرمر جھرمر ڪندي، انتھائي سھڻيون پيون لڳنديون هيون. اھي وئشائون، ھار سينگار ڪري ورانڊن ۾ ٽھلنديون، اوسي پاسي وارن سان ڳالھيون ڪنديون، کلنديون، کجڪار ڪنديون هيون. جڏھن بيٺي بيٺي ٿڪجي پونديون هيون ته اندر ڪمري ۾ وڃي چانڊوڪن فرشن تي ٽيڪ وھاڻن سان ٽيڪجي ويھنديون هيون. سندن سازيندا، ساز ملائيندا رھندا هئا ۽ ھيءُ سوپاريون ڪترينديون رھنديون هيون. جڏھن رات ٿوري ٿڌيري ٿيندي هئي ته سندن ملڻ وارا ٽوڪرن ۾ شراب جون بوتلون ۽ ڀانت جا ڦل فروٽ کنيو، پنھنجي دوستن سان موٽر گاڏين يا ٽانگن ۾ ويھي پھچندا هئا. ان وسنديءَ ۾، جن جي پير پائيندي سان ھڪڙي خاص قسم جي گھما گھمي ۽ چھل پھل ٿيڻ لڳندي هئي. نغما ۽ سرود، ساز جا سُرَ، رقص ڪندڙ نازنينن جي گھنگھرن جو آواز، صراحيءَ جي ڳُٽ ڳُٽ ڪندڙ آواز سان ملي ھڪ عجيب سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندا هئا. عيش ۽ مستيءَ جي انھن ھُلَ ھنگامن ۾، خبر به نه پوندي هئي ته رات گذري وئي.
انھن وئشائن کي ان وسنديءَ ۾ آئي ڪجھ ئي ڏينھن ٿيا ھئا جو دڪانن جا ڪرائيدار پيدا ٿي پيا، جن جو ڪرايو ھن وسنديءَ کي وسائڻ جي خيال کان ڏاڍو گھٽ رکيو ويو ھو. سڀني کان پھرين جيڪو دڪاندار آيو، سا اھا ئي ڪراڙي ھئي، جنھن سڀني کان پھرين مسجد جي سامھون وڻ ھيٺان ٿالھ رکيو ھو. دڪان کي ڀرڻ لاءِ ڪراڙي ۽ سندس ڇوڪرو سگريٽن جا گھڻا دٻا کڻي آيا ۽ انھن کي ڏاڪڻ ڪرسيءَ جي خانن ۾ سجائي رکي ڇڏيائون. بوتلن ۾ رنگ ڏنل پاڻي ڀري ڇڏيائون ته جيئن خبر پوي ته شربت جون بوتلون آھن.
ڪراڙيءَ پنھنجي وت آھر ڪاغذ جي گلن ۽ سگريٽ جي پاڪيٽن منجھان جوڙيل زنجيرن سان دڪان جي سجاوٽ به ڪئي، ڪن اداڪارن ۽ اداڪارائن جون تصويرون به پراڻن رسالن مان ڪڍي ڀتين تي لئيءَ سان چنبڙائي ڇڏيون. دڪان جو اصل مال ٻن ٽن قسم جي سگريٽ جي ٽن ٽن پاڪيٽن، ٻيڙين جي اٺ ڏھ جُوڙين يا اگربتين جي اڌ ڊزن پاڪيٽن، مُٺِ پان جي پنن، پيئڻ جي تماڪ جي ٽن چئن ڳوٽين ۽ ميڻ بتين جي اڌ پاڪيٽ کان به وڌيڪ نه ھئس.
ٻي دڪان ۾ ھڪڙو واڻيو، ٽئين ۾ حلوائي ۽ کير وارو، چوٿين ۾ ڪاسائي، پنجين ۾ ڪبابي ۽ ڇھين ۾ باگڙي اچي ويٺا. باگڙي اوسي پاسي جي ڳوٺن مان سستي اگھ تي چئن پنجن قسمن جون سبزيون وٺي اچي ھتي چڱي نفعي تي کپائيندو ھو. ھڪ اڌ ٽوڪرو ڦل فروٽ جو به رکندو ھو، جو دڪان چڱو ڪشادو ھئس. ھڪڙو گلن وارو به سندس ڀائيوار اچي ٿيو. اھو سڄو ڏينھن گلن جا ھار، گجرا ۽ ڀانت ڀانت جا زيور جوڙيندو رھندو ھو ۽ شام ڌاري اھي پنڊي ۾ وجھي ھڪ ھڪ گھر تي کڻي ويندو هو ۽ نه صرف گل ئي کپائي ايندو هو، پر ھر ھنڌ ھڪ ٻه گھڙي ويھي، سازيندن سان ڊاڙون ٺڪاءُ به ھڻي ايندو هو ۽ حقي ڦوڪ به ڀري ايندو هو. جنھن ڏھاڙي تي تماشائين جي ڪو ٽولو سندس موجودگيءَ ۾ ڪوٺي تي چڙھي ايندو هو ۽ گانو بجانو شروع ٿيو ته ھيءُ به سازيندن جي منھن خراب ڪرڻ جي باوجود ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. مزي مزي سان گانن جي سر تي ويٺو ڪنڌ ڌوڻيندو هو ۽ بيوقوفن وانگر ھر ھڪ جو چھرو تڪيندو هو. جنھن ڏھاڙي رات گھڻي گذري وئي هئي ۽ ڪو ھار بچي پيس ته اھو پنھنجي ڳچيءَ ۾ پائيندو هو ۽ وسنديءَ جي ٻاھران نڙي ڦاڙي پيو ڳائيندو وتندو هو.
ھڪ ڏينھن ھڪڙي وئشا جو پيءُ ۽ ڀاءُ، جيڪي درزڪو ڪم ڄاڻندا ھئا ھڪڙي سلائي مشين رکي اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ھڪڙو حجم به اچي ويو ۽ پاڻ سان گڏ ھڪڙي کٽيءَ کي به وٺي آيو. سندس دڪان جي ٻاھران تار تي ٽنگيل طرح طرح جا رنگين روا، ھوا ۾ جھومندي اکين کي ڏاڍا وڻندا ھئا.
ٿورا ڏينھن ئي گذريا ھئا جو ھڪڙو گھٽ موڙيءَ وارو دڪاندار جنھن جو دڪان شھر ۾ نه ھلندو ھو، بلڪه دڪان جو ڪرايو به ڳچيءَ ۾ ھوندو ھئس، تنھن به شھر ڇڏي ھن وسنديءَ جو رخ رکيو. ھتي ته سندس وڏو مان ٿي ويو. نموني نموني جا عطر، ڀانت ڀانت جا پائوڊر، صابڻ، ڪنگا ڦڻيون، بٽڻ، سئي ڌاڳا، ڪھيون، فتيلون، سرھا تيل، رومال، مساڳ وغيره جام وڪامڻ لڳس.
ھن وسنديءَ جي رھاڪن جي سرپرستي ۽ انھن جي پياري سلوڪ جي ڪري ايئن ئي ٻئي ٽئين ڏھاڙي تي ڪو نه ڪو ٿورڙي سيڙپ ڪرڻ وارو دڪاندار، ڪو ڪپڙي جو واپاري، ڪو پنساري، ڪو حقن ٺاھڻ وارو، ڪو نانوائي، ٻاڙائيءَ سبب يا شھر جي وڌندڙ ڪراين کان گھٻرائجي، ھن وسنديءَ ۾ اچي پناھ وٺندو ھو.
ھڪڙو بزرگ جنھن کي حڪمت جي چڱي سڦري ڄاڻ ھئي ۽ سندس دل شھر جي ڳتيل آبادين ۽ دواخانن جي گھڻ کان بيزار ھئي سو پنھنجي شاگردن کي ساڻ وٺي شھر مان لڏي آيو ۽ ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو دڪان مسواڙ تي اچي ورتائين. سڄو ڏھاڙو بزرگ ۽ سندس شاگرد دوائن جي دٻن، شربت جي بوتلن ۽ مربي، چٽڻي، آچار جي برنين کي المارين جي خانن تي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکندا رھيا. ھڪڙي خاني ۾ طب اڪبر، قرابادين قادري ۽ ٻئي ۾ طبي ڪتاب بچائي رکي ڇڏيائون. طاقن جي اندرئين طرف ۽ ڀتين سان جيڪي جڳھيون خالي بچيون هيون تن تي ھنن پنھنجي خاص الخاص مجرباتن جا اشتھار ڪاري مس سان چٽن ۽ وڏن اکرن ۾ لکي گتن تي چنبڙائي ٽنگي ڇڏيا هئا. ھر ڏھاڙي صبح جو وئشائن جا ملازم گلاس کنيو اچي بيھندا ھئا ۽ شربت بزوري، شربت بنفشه، شربت انار ۽ اھڙا ئي ٻيا مزيدار، فرحت بخش شربت ۽ عرق، خميره گائو زبان ۽ طاقت ڏيڻ وارا مربا، نقره جي ورقن سميت وٺي ويندا ھئا.
جيڪي دڪان رھجي ويا هئا تن ۾ وئشائن جي مٽن مائٽن ۽ سازيندن پنھنجون کٽون رکي ڇڏيون هيون. سڄو ڏھاڙو اھي ماڻھو انھن دڪانن ۾ چؤباز پتي راند ۽ شطرنج کيڏندا هئا، بت تي تيل مالش ڪرائيندا هئا، سائڙي گھوٽيندا، ٻٽير ويڙھائيندا هئا، تترن کان ”سبحان تنھنجي قدرت“ جو ورد ڪرائيندا ۽ گھڙا/دلا وڄائي پيا ڳائيندا هئا.
ھڪڙي وئشا جي سازيندي ھڪڙو دڪان خالي ڏسي پنھنجي ڀاءُ کي جيڪو سازن جي مرمت ڄاڻندو ھو کي وٺي اچي ويھاريو. دڪان جي ڀتين تي ھڪ سِڌَ ۾ ڪليون ٺوڪي ٽٽل ڦٽل مرمت طلب سارنگيون، سِتارَ، تنبورا، سُرندا وغيره ٽنگي ڇڏيائين. ھي ھمراھ سِتار وڄائڻ جو به ڪاريگر ھو. شام ڌاري ھو پنھنجي دڪان اندر سِتار وڄائيندو ھو ته ان جي مٺڙي آواز تي اوسي پاسي جا دڪاندار به پنھنجن دڪانن تان اٿي ايندا ھئا ۽ چڱي جھٽ گھڙي بيھي سِتار ٻڌندا ھئا. ان سِتار نواز جو ھڪڙو شاگرد ھو، جيڪو ريلوي جي آفيس ۾ ڪلارڪ ھو. ان کي سِتار سکڻ جو وڏو شوق ھو. جيئن ئي آفيس کان موڪل ٿيندي ھئس، تيئن سائيڪل تي واچ- مينھن ڪندو، سڌو ھن وسنديءَ جو رخ رکندو ھو ۽ ڪلاڪ ڏيڍ دڪان ۾ ويھي مشق ڪندو رھندو ھو. مطلب ته سِتار نواز جي اچڻ سان ھن وسنديءَ ۾ چڱي خاصي رونق پڻ رھڻ لڳي.
مسجد جو ملان جيستائين ھيءَ وسندي اڏاوت ھيٺ رھي رات ڌاري ڳوٺ پنھنجي گھر ھليو ويندو ھو. مگر ھاڻ جڏھن کيس ٻنھي وقتن تي سڻڀيون ٽڪيون ججھائيءَ سان ملڻ لڳيون ته اھو به رات جو اتي ئي رھڻ لڳو. ھلندي ھلندي ڪن وئشائن جي گھرن جا ٻار به مسجد ۾ پڙھڻ لاءِ اچڻ لڳا جنھن سان ملان کي ڏوڪڙ پئسي جي به آوند ٿيڻ لڳي.
ھڪڙي شھر شھر گھمندڙ، ڪريل درجي جي ٿيٽريڪل ڪمپنيءَ کي جڏھن زمين جي چوٽ چڙھندڙ ڪراين ۽ پنھنجي سڃائيءَ سبب شھر اندر ڪٿي به جڳھ نه ملي ته ان به ھن وسنديءَ جو رخ رکيو ۽ انھن وئشائن جي گھرن کان سڏ پنڌ تي ميدان ۾ تنبو طولان کوڙي اچي پَڙاءُ ڪيو. ان جا اداڪار، اداڪاريءَ جي فن کان ڪورا ھئا. سندن ڊريسون پراڻيون ھيون جن جون گھڻيون تڻيون سَتارون به ڇڻي چڪي ھيون ۽ ٻيو اھي ھمراھ تماشو به پراڻي دور جو ڏيکاريندا ھئا. مگر ان جي باوجود به ھيءَ ڪمپني ھلي پئي. ان جو سبب اھو ھو ته ٽڪيٽ سستڙي ھئي. شھر جا مزدور مڙا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ غريب غربا، جيڪي ڏينھن جي ھڻ وٺ واري محنت ۽ مشقت جي ڪسر، شور شغل، خرمستيءَ ۽ ڪريل عياشين مان ڪڍڻ چاھيندا ھئا، پنجن پنجن ڇھن ڇھن جا ٽولا ٺاھي، ڳچيءَ ۾ گلن جا ھار وجھيو، کلندا ڳالھائيندا، بانسريون ۽ بينون وڄائيندا، راھ ويندن تي چرچا چٿرون، گاريون گند ڪندا، شھر مان پيرين پنڌ ھلي ٿيٽر ڏسڻ ايندا ھئا ۽ رونگ ۾ بازارِ حسن جو به چڪر ڏيئي ويندا ھئا. جيستائين کيل شروع نه ٿيندو، تيستائين ٿيٽر جو ھڪڙو مسخرو، تنبوءَ جي ٻاھران ھڪڙي اسٽول تي بيھي ٻنڊڻ پيو لوڏيندو هو، ڪڏھن واڇون پيو ڇڪيندو هو، ڪڏھن اکيون پيو ڦِرڙائيندو هو، عجيب عجيب حياءُ کان نڪتل حرڪتون ڪندو هو، جن کي ڏسي ھي ماڻھو زور زور سان ٽھڪ ڏيندا ۽ گارين جي صورت ۾ داد ڏيندا هئا.
آھستي آھستي ٻيا ماڻھو به ھن وسنديءَ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. اھڙيءَ طرح شھر جي وڏن وڏن چوڪن منجھ ٽانگن وارا به ٻاڪارڻ لڳا؛ ”اچو! ڪي نئين وسنديءَ ڏي!“ شھر کان پنجن ڪوھن تائين جيڪو پڪو روڊ ويندو ھو، ان تائين پھچڻ ۾ ٽانگن وارا سوارين کان انعام حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ يا انھن جي فرمائش تي ٽانگن جي گوءِ ڪرائيندا هئا. وات سان ھارون وڄائيندا هئا ۽ جڏھن ڪو ٽانگو اڳ ڪڍي ويندو هو ته سواريون ھوڪرن سان آسمان مٿي تي کڻي ڏينديون هيون. ان گوءِ ۾ گگدام گھوڙن جو حال برو ٿي ويندو ھو ۽ سندن ڳچين منجھ پيل گلن جي ڳانن منجھان بجاءِ سرھاڻ جي پگھر جي ڌپ پئي ايندي ھئي. رڪشن وارا، ٽانگن وارن کان پوئتي ڪيئن رھن. سي کانئن گھٽ ڪرايي تي سواريون کڻي، ڊيھاڙ ڪندا ۽ گھنگھرو وڄائيندا، ھن وسنديءَ ڏانھن ھلڻ شروع ٿيا. ان کان علاوه ھر ڇنڇر جي شام جو اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ھڪ ھڪ سائيڪل تي ٻه ٻه ڄڻا چڙھيا، ٽولن جا ٽولا ٿيو، ھن پر اسرار بازار جو درشن ڪرڻ ايندا ھئا، جنھن کان سندن خيال جي مطابق ته سندن وڏڙن خوامخواھ کين محروم ڪري ڇڏيو ھو.
آھستي آھستي ھن وسنديءَ جي شھرت چوطرف ڦھلي، گھرن ۽ دڪانن جي ضرورت ٿيڻ لڳي. اھي وئشائون جيڪي اڳي ھن وسنديءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيون، ھاڻ ھن جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ترقي ڏسي، سي به پنھنجي بيوقوفيءَ تي ھٿ ھڻڻ لڳيون. ڪيترين عورتن ته جھٽ پٽ ۾ کڻي زمينون وٺي، انھن وئشائن جي طرز تي مٿس گھر اڏائڻ شروع ڪيا. ان کان علاوه شھر جي ڪن سود خور سيٺين ھن وسنديءَ جي اوسي پاسي ۾ سستي اگھ زمينون وٺي وٺي ڪرايي تي چاڙھڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي جايون جوڙائي ڇڏيون. نتيجو اھو نڪتو جو جيڪي رنڊيون ھوٽلن ۽ شريف محلن ۾ وڃي لڪيون ھيون، سي به تڏين ماڪوڙن وانگر پنھنجن ٻِرن منجھان ٻاھر نڪري آيون ۽ انھن گھرن ۾ اچي آباد ٿيون. ڪن ننڍن گھرن ۾ ھن وسنديءَ جا اھي دڪاندار اچي ويٺا، جيڪي عيالدار ھئا ۽ رات جو دڪانن منجھ سمھي نٿي سگھيا.
ھن وسنديءَ ۾ آبادي ته خاشي ٿي وئي ھئي، مگر اڃان تائين بجليءَ جي روشنيءَ جو انتظام نه ٿيو ھو. جنھنڪري انھن وئشائن ۽ وسنديءَ جي مڙني رھاڪن طرفان سرڪار ڏي بجليءَ لاءِ درخواست موڪلي وئي جيڪا ٿورن ڏھاڙن ۾ منظور ٿي وئي. ان سان گڏوگڏ ھڪڙي پوسٽ آفيس پڻ کولي وئي. ھڪڙو جھونو مڙس پوسٽ آفيس جي ٻاھران ھڪڙي پيتڙيءَ ۾ لفافا، ڪارڊ، قلم ۽ مس ڪُپڙي رکي، اچي وسنديءَ جي ماڻھن جا خط پَٽ لکڻ لڳو.
ھڪ دفعي وسنديءَ ۾ شرابين جي ٻن ٽولن ۾ فساد ٿيو، جنھن ۾ سوڍا واٽر جي بوتلن، چاقن ۽ سِرن جو دل تي استعمال ٿيو، جنھنڪري ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿيا. انھيءَ تي سرڪار کي خيال آيو ته ھن وسنديءَ ۾ ھڪڙو ٿاڻو به کولي ڇڏڻ گھرجي.
ٿيٽريڪل ڪمپني ٻن مھينن تائين رھي ۽ پنھنجي وس آھر، خاشي ڪمائي ڪري وئي. ان شھر جي ھڪڙي سئنيما مالڪ سوچيو؛ ڇو نه ھن وسنديءَ ۾ به ھڪ سئنيما ھال کولجي. اھو خيال اچڻ جي دير ھئي جو ھن جھٽ ۾ ھڪڙو موقعي جو پَٽُ تاڙي خريد ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو مٿس اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيائين. چند مھينن ۾ سئنيما ھال جڙي ويو. ان جي اندر ھڪڙو ننڍو باغيچو پڻ لڳرايائين ته جيئن تماشبين اگر فلم شروع ٿيڻ کان اڳ پھچن ته آرام سان باغ ۾ ويھي سگھن. ان کان علاوه ماڻھو ايئن ئي دل وندرائڻ يا ديدار درشن ڪرڻ جي ارادي سان به اچي ويھڻ لڳا. اھو باغيچو به خاشو تفريح جو ھنڌ بڻجي ويو. آھستي آھستي بھشتي به ڪٽورو کڙڪائيندو ھن باغ ۾ اچڻ ۽ اڃين جي اڃ اجھائڻ لڳو. مٿي جي تيل مالش وارا انتھائي سادي قسم جي تيز خوشبو واري تيل جون شيشيون واسڪوٽيءَ جي کيسن ۾ ٽُنبيو ڪلھن تي ميرا سيرا ٽوال رکيو، دلپسند ۽ دلبھار مالش جا ھوڪا ڏيندا، مٿي جي سور جي مريضن کي پنھنجون خدمتون پيش ڪرڻ لڳا.
سئنيما جي مالڪ سئنيما ھال جي ٻاھرئين طرف کان ھڪ ٻه گھر ۽ ڪيترائي دڪان پڻ ٺھرائي ڇڏيا. گھر ۾ ته ھوٽل کلي وئي، جنھن ۾ رات جو ترسڻ جي لاءِ ڪمرا پڻ ملي سگھيا ٿي ۽ دڪانن ۾ ھڪڙو سوڍا واٽر جي فيڪٽريءَ وارو، ھڪڙو فوٽوگرافر، ھڪڙو سائيڪلن جي مرمت وارو، ھڪڙو ڌوٻي، ٻه پان وڪڻڻ وار، ھڪڙو بوٽن جو دڪاندار ۽ ھڪڙو ڊاڪٽر پنھنجي دواخاني سميت اچي ويٺا. ٿيندي ٿيندي ويجھي ئي ھڪڙي دڪان ۾ گُھتي کولڻ جي پرمٽ ملي وئي. فوٽوگرافر جي دڪان جي ٻاھران ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪڙي گھڙين جي مرمت واري مستريءَ اچي ٺيھو ٺاھيو ۽ ھر وقت آرتي شيشو اکين تي چاڙھيو گھڙين جي ڪل پرزن جي کولڻ بند ڪرڻ ۾ غرق رھڻ لڳو.
ان کان ٿورن ڏينھن پڄاڻان وسنديءَ ۾ نلڪن، روشنيءَ ۽ صفائيءَ جي باقاعده انتظام ڏانھن ڌيان ڏنو وڃڻ لڳو. سرڪاري عملدار ڳاڙھيون جھنڊيون، دستانا ۽ ھيٺ مٿانھين ڏسڻ وارا اوزار کڻي اچي پھتا، ماپون ڪري رستن ۽ گھٽين کي سڌو ڪيائون ۽ وسنديءَ جي ڪچن رستن تي پٿرن کي پريس ڪرڻ وارا رولر ھلڻ لڳا.
ان واقعي کي ويھارو سال گذري چڪا آھن. ھيءَ وسندي ھاڻ ھڪ ڀريل تريل شھر ٿي پئي آھي، جنھن کي پنھنجي ريلوي ٽيشڻ به آھي ۽ ٽائون ھال به، ڪورٽ به ۽ جيل به. آبادي اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. شھر ۾ ھڪڙو ڪاليج، ٻه ھاءِ اسڪول، ھڪڙو ڇوڪرن جي لاءِ ته ھڪڙو ڇوڪرين جي لاءِ ۽ اٺ پرائمري اسڪول آھن جن ۾ ميونسپل جي طرفان مفت تعليم ڏني ويندي آھي. ڇھ سئنيمائون آھن ۽ چار بئنڪون جن مان ٻه ته دنيا جي وڏين وڏين بئنڪن جون شاخون آھن.
شھر مان ٻه ڏھاڙي، ٽي ھفتيوار ۽ ڏھ ماھوار رسالا ۽ ڊائجسٽ شايع ٿيندا آھن. انھن ۾ چار ادبي، ٻه اخلاقي ۽ معاشرتي و مذھبي، ھڪ صنعتي، ھڪ طبي، ھڪ عورتن لاءِ ۽ ھڪ ٻارن جو رسالو آھن. شھر جي مختلف حصن ۾ ويھ مسجدون، پندرھن مندر ۽ ڌرم شالائون، ڇھ يتيم خانا، پنج گمشده ٻارن جا ادارا ۽ ٽي وڏيون سرڪاري اسپتالون آھن، جن مان ھڪ ته صرف عورتن لاءِ خاص آھي.
منڍ منڍ ۾ ڪيترن سالن تائين ھيءُ شھر پنھنجي رھڻ وارن جي نالي جي نسبت جي ڪري ”حُسن آباد“ جي نالي سان سڏيو ويندو ھو. مگر بعد ۾ ان کي نامناسب سمجھي، منجھس ٿورڙي ترميم ڪئي وئي. يعني بجاءِ ”حُسن آباد“ جي ”حَسن آباد“ سڏرائڻ لڳو. مگر اھو نالو جٽاءُ ڪري نه سگھيو، ڇو جو عام ماڻھو حُسن ۽ حَسن ۾ فرق نه ڪري سگھندا ھئا. آخر وڏن وڏن جھونن ڪتابن جا پنا اٿلايا ويا ۽ پراڻين لکيتن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ان جو اصلي نالو ڳولهي لڌو ويو، جنھن سان ھيءَ وسندي اڄ کان سوين سال اڳ ڦٽڻ کان پھرين سڏبي ھئي ۽ اھو نالو ھو ”سُکَ وندي.“
ھونئن ته سڄو شھر ڀريل تريل، صاف سٿرو ۽ وڻندڙ آھي، مگر مڙني کان خوبصورت، مڙني کان رونق وارو ۽ تجارتي مرڪز، اھا ئي بازار آھي، جنھن ۾ بازاري عورتون رھن ٿيون.
سُکَ ونديءَ ميونسپل جو اجلاس وڏي اوج تي آھي. ھال ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به نه آھي. وري معمول جي خلاف، ھڪ ميمبر به غيرحاضر نه آھي. ميونسپل جي بحث ھيٺ مسئلو ھيءُ آھي ته بازاري عورتن کي شھر مان تڙي ڪڍيو وڃي، ڇو جو انھن جو وجود، انسانيت، شرافت ۽ تھذيب جي دامن تي ھڪڙو بدنما چُٽو آھي.
ھڪڙو فصيح البيان مقرر، تقرير ڪري رھيو آھي؛ ”خبر ناھي اھا ڪھڙي مصلحت ھئي، جنھن جي اثر ھيٺ، ھن ناپاڪ طبقي کي اسان جي آڳاٽي ۽ تاريخي شھر جي بلڪل وچ ۾رھڻ جي اجازت ڏني وئي.“
ھن دفعي انھن عورتن جي لاءِ جيڪو علائقو چونڊيو ويو، سو شھر کان ٻارھن ڪوھ پري ھو.
***


