خاصدنيانئوننيو‍‍ز

هيءَ اڏام ڪار صرف 9 ڪروڙ رپين ۾ توهان جي ٿي سگهي ٿي

گذريل ڏينهن آمريڪا ۾ هڪ اڏام ڪار وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي جنهن جي تعارفي قيمت 6 لک آمريڪي ڊالر (9 ڪروڙ 30 لک پاڪستاني رپيا) آهي. جڏهن ته هيءَ دنيا جي پهرين اڏام ڪار ته نه پر اها پهرين ڪار ضرور آهي جيڪا تجارتي پئماني تي تيار ڪئي پئي وڃي. ان کي “پائنيئر پرسنل لينڊنگ وهيڪل PAL-V))” جو نالو ڏنو ويو آهي. ٽن ڦيٿن واري هيءَ ڪار هالينڊ جي انجنيئرن جي ايجاد آهي، جنهن ۾ خاص طرح اي سي ٽيڪنالاجيز استعمال ڪيون ويون آهن جيڪي ثبوت جوڳيون هجن ۽ جن کي استعمال ڪرڻ جي باري ۾ قانون به واضح هجن، زمين تي هيءَ ڪار، ڪار وانگر هلندي آهي، پر ضرورت پوڻ تي ان کي فقط ڪجهه بٽڻ دٻائي هڪ جائيرو ڪاپٽر (ننڍي هيليڪياپٽر) ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. 6 لک ڊالر جي رقم جيتوڻيڪ وڌيڪ لڳي ٿي، پر تجرباتي اڏام ڪارن جي مقابلي ۾ هيءَ تمام گهٽ آهي. شايد انهيءَ سبب هيستائين ان ڪار جا 70 کان وڌيڪ آرڊر اچي چڪا آهن، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ سوين آرڊرز متوقع آهن. ڪمپني جو ايندڙ سال “پال وي لبرٽي اسپورٽ” جي نالي سان انهيءَ ڪار جو نسبتن گهٽ خرچ ماڊل پيش ڪرڻ جو ارادو آهي، جنهن جي قيمت فقط 3 لک 35 هزار آمريڪي ڊالر تقريبن (5 ڪروڙ 20 لک پاڪستاني رپيا) رکي ويندي. “پال وي” ۾ ٻن ماڻهن جي گنجائش آهي جڏهن ته ان ۾ 230 هارس پاور انجڻ نصب آهي. اهڙي جاندار انجڻ جي باوجود ان جو وزن فقط 1500 پائونڊ (600 ڪلو گرام) آهي. جيڪو هڪ ننڍي گاڏي جي وزن کان ڪجهه خاص مختلف ڪونهي. ان کي هلڪو ڦلڪو ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ ان ۾ ڪاربن فائبر، ٽائٽينيم ۽ الومينم استعمال ڪيا ويا آهن. اڏام ڪرڻ جي لاءِ ان کي 540 فوٽ ڊگهو رن وي گهربل هوندو آهي. جڏهن ته لينڊنگ جي لاءِ فقط 100 فوٽ ڊگهو رن وي ئي ڪافي ٿيندو آهي. ان جو ڊرائيونگ/فلائنگ سسٽم ڪنهن پاور بائيڪ وانگر آهي. هوا ۾ بلند ٿيڻ کانپوءِ ان جا هيليڪاپٽر جهڙا پر کلي ويندا آهن ۽ هيءَ اڏامندي پنهنجي منزل ڏانهن وڌندي آهي. زمين تي ڊوڙندي هيءَ فقط اٺ سيڪنڊن ۾ ٻڙي کان 60 ميل في ڪلاڪ (96 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ) تائين پهچي سگهي ٿي. ان ۾ فيول جي ٽانڪي به ڪافي وڏي آهي جنهن ۾ 27 گيلن (102 ليٽر) گنجائش آهي، جنهن جي ڪري اها 3500 ڪلو ميٽر جو سفر ڪري سگهندي آهي. جڏهن ته زمين تي ڊوڙڻ جي صورت ۾ اها هڪ دفعو فيول ڀرائي 1207 ڪلو ميٽر پري تائين پهچي سگهندي آهي.