بلاگنئون

لساني حق ۽ سنڌي ٻولي کي قوميائڻ وارو سوال

ٻولي ماڻهوءَ جي خيال، سوچ ۽ جذبي جي سفير ٿئي ٿي، ٻولي اسان جي ثقافت، اقتصاديات، واپار ۽ تعليم جو اهم ذريعو هوندي آهي.
نباتات، چرند پرند، چراگاهه، ميدان، کيت ۽ انهن سان سلهاڙيل ماڻهوءَ جو سنٻنڌ سڀ ٻولي جي ڪارڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. خواب ڏسڻ، گيت جهونگارڻ جذبن جو اظهار ڪرڻ، خوشي ۽ ڏک جي ونڊ ڪرڻ لاءِ اسين سڀ ٻولي ئي ڪتب آڻيندا آهيون.
ٻولي اسان جي جذبن جي ترجمان ٿئي ٿي. زراعت کان وٺي هاڻوڪي سائنسي، ٽيڪنالاجي واري دور تائين ماڻهو ٻولين جي جهولين ۾ لوليون وٺندو آهي، ٻولي هڏ ۽ ماس کان به تمام وڏي اهميت واري ٿئي ٿي.
ٻولي جو مطلب صِرف اِهي ٻوليون ڪو نه آهن، جن کي لپي يا نشانيونSign Language آهن. هي جيڪا موسيقي ٻڌون ٿا، ان بابت جيڪا موسيقي جي ڌن ترتيب ڏبي آهي، جنهن لاءِ نوٽيشن، موسيقي جي زبان استعمال ڪبي آهي، اِها به ته ٻولي آهي، جيڪا ڪڏهن مَن ۾ مانڌاڻ مچائي ٿي ته ڪڏهن ڪنن ۾ ٻُري ٿي.
حساب ڪتاب، رياضي ۾ استعمال ٿيندڙ ڏنگيون واڌو، ڪاٽو، ضرب ۽ ونڊ، اڻپور ۽ الجبرا جاميٽري ۽ رنکا ڳڻت، ٽرگناميٽري، سڀ هڪ زبان جو نالو آهي. انڌن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪتاب تيار ڪيا ويندا آهن، جن جا اکر اُڀريلBrail books هوندا آهن، هُو انهن کي ڇهندا، انهن کي مَن جي اکين سان پڙهندا ويندا آهن.
دنيا ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر اِها ڪٿ به حقيقي ڪونه آهي جو دنيا ۾ 225 ملڪ آهن، هر هڪ ملڪ جي پنهنجي ثقافت ۽ وري انهيءَ ثقافت جي اندر ٻيو ڪو ثقافتي اهڃاڻ موجود هوندو آهي. دنيا جي ٻولين ۾ به ائين آهي جو ڪي ٻوليون آهن، وري انهن جا لهجا آهن. لهجن جي ڄاڻ رکندڙ اهڙا لسانياتي ماهر به دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ان جي علائقي تائين محدود رکڻ ۽ اِهو ٻڌائڻ ته فلاڻو ماڻهو فلاڻي علائقي سان واسطو رکي ٿو.
ٻولين جي هِڪ پنهنجي دنيا ۽ پنهنجو جهان ٿئي ٿو. دنيا ۾ ائين ٿيندو آيو آهي ته لڏپلاڻ، ڪاهن، جبر ڏاڍ ۽ قبضن جي ڪري جيئن مُلڪن جا ملڪ، سلطنتن جون سطنتون قبضي هيٺ اچي ويون، مفتوح بڻجي ويون ۽ فاتح انهن مٿان هر ظلم ۽ جبر ڪيو، مقامي ماڻهن کي غلام بڻايو، مقامي وسيلن تي قبضو ڪيو، انهن جي ڦرلٽ ڪئي، انهي سڀ ڪجهه سان گڏوگڏ هُن پاڻ سان آندل پنهنجي وحشي سامراجيت ثقافت جي روپ ۾ اِها مفتوح علائقن مٿان مڙهي ڇڏي. نتيجي ۾ انهن علائقن جي ٻولي، ثقافت ڪلچر ۽ اهڃاڻ سڀ ڪجهه حاڪم جي آندل ٻولي ۽ ثقافت جي هٿان قتل ٿي ويو.
دنيا ۾ ائين ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، موجوده آمريڪا جا اصلوڪا رهاڪو اهي ڪونه هئا، جيڪي هاڻ موجود آهن، بلڪه اِهي جن کي ڪولمبس ريڊ انڊين سڏيو، انهن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو ۽ ڪجهه کي شراب ۽ نشو ڏئي انهن مان طاقت ۽ سگهه ختم ڪئي وئي.
آسٽريليا، نيوزيلينڊ جي ابورجينائي ماڻهن کي جهنگلي سڏيو ويو ۽ انهن جي ٻولي کان نفرت ڪئي وئي، اسان وٽ آريا جڏهن آيا تڏهن انهن دراوڙن جي ثقافت کي تباهه ڪيو، مسمار ڪيو، انهن مٿان پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مڙهي. ڪئنيڊا، اسڪاٽلينڊ جي اصلوڪن ماڻهن جي ٻولين سان به ائين ئي ڪيو ويو.
1843ع ۾ جان نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اٺ سال پهرين انگريزن ميڪالي کي ننڍي کنڊ يا برطانوي هندستان جي ٻولي پاليسي جوڙڻ جو ڪم ڏنو، جنهن هتان جي ٻين مقامي ٻولين تي منڌيئڙو يا ٻئي صرف عربي ۽ سنسڪرت جو ذڪر ڪيو ۽ انهن کي به انگريزي ڪتابن جي هِڪ ڪٻٽ ۾ پيل ڪتابن جي حيثيت جي برابر نه سمجهيو.
هن چيو ته اسان کي هندستان ۽ آفريڪا مٿان سامراجيت قائم رکڻ لاءِ انگريزي کي تعليم جو ذريعو بڻائڻو پوندو ۽ هِڪ اهڙو طبقو تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو انگريزن ۽ محڪومن وچ ۾ هِڪ خاص سهولت ڏنل هجي، رنگ ۽ نسل ۾ ڀل هندستاني هجي، پر خيال ۽ عمل ۾ انگريز هجي ۽ ائين ئي ٿيو. اڄ تائين اسان جي تعليمي پاليسي ميڪالي جي تسلسل جو نتيجو آهي. انهي وقت جي برطانوي هندستان ۾ سنسڪرت ۽ مڪاني ٻولين ۾ تمام گهڻو ادب ۽ علم موجود هو، اِهو سڀ ڪجهه هِڪ ئي ڌڪ ۾ تباهه ٿي ويو.
اُن وقت جيڪي آرٽ ٿيٽر ۽ ٻين ثقافتي اهڃاڻن کي انگريزن حد کان وڌيڪ نقصان پهچايو، جنهن تي پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته “انگريزن هندستان ۾ ٻيائي ۽ تفاوت جو اهڙو ٻج ڇٽيو جيڪو اڄ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. گانڌي لکيو آهي ته “انگريز هندستان ڇڏي ته ويا پر پٺيان ڪجهه نه ڇڏي ويا.”
دنيا ۾ هر هفتي، هر مهيني، هر سال ٻولين جو موت ٿئي ٿو يا ڪيو وڃي ٿو. مها هجرتن، سياسي تنگ نظري، فوجي ڪاهن ۽ ماحولياتي اثر انساني معاش تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن ۽ اهي ئي ٻولين جي تبديلي، انهن جي بگاڙ ۽ دنيا جي نقشي تان انهن جو وجود مٽائڻ جا تمام وڏا ذريعا رهيا آهن.
جهڙي نموني انسان جا ڪيترائي بنيادي حق آهن، جن ۾ ان جي ڳالهائڻ ان جي سوچ ۽ ان جي آزادي جي حوالي سان گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ واضح ڪيل آهي. ساڳي ريت هر انسان جا بنيادي لساني حق به هجن ٿا.
دنيا جي هر ٻار کي اِهو بنيادي لساني حق حاصل آهي ته هُو پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪري، انساني لساني حقن جي 1948ع کان اڳ ۾ ڪا به خبر ڪو نه هئي ۽ نه ئي اهي گڏيل قومن جي چارٽر جو حِصو هئا، بعد ۾ اِهي ان ۾ شامل ڪيا ويا.
اسان وٽ جهڙي نموني دوائن جو وزن بابت جيڪو پرچو هوندو آهي، اِهو پڙهيل لکيل ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ ڪو نه ايندو آهي، ان جا اکر منجهيل ۽ ڌاري ٻولي جي تمام ڏکئي طريقي سان لکيل هوندا آهن، جيڪي عام مريض يا هِڪ عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ ڪو نه ايندا آهن، تنهن ڪري ئي دوائن جي ڪمپنين ۽ ڊاڪٽرن جا جاوا لڳا پيا آهن.
هڪڙي مريض کي جيڪڏهن ڊاڪٽر جي ٻولي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڊاڪٽر کي گهرجي ته هُو مريض لاءِ ترجمه نگار جو بندوبست ڪري ته جيئن هُو پنهنجي ڳالهه سولائيءَ سان سمجهائي سگهي.
اعليٰ عدالتن جي ڪاررواين ۾ وڪالت ۽ زندگي جي ٻين پيشيواراڻين مشغولين ۾ بهتر عمل اهو ئي آهي ته ترجمي نگار جي سهولت هجڻ گهرجي، جيڪا مهذب دنيا جي ملڪن ۾ موجود هوندي آهي، پر اسين جيئن ته سالن تائين غلام رهيا آهيون، انهي کان علاوه وري نو آبادياتي آمريڪا جا ڪمدار آهيون، تنهن ڪري پنهنجي نصاب، تعليم ۽ زندگي جي هر عمل ۾ اسان کي سندن ٻولي ۽ ثقافت جي نقل ڪرڻي آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي.
سنڌي ٻولي کي پنهنجي قدامت ۽ شاندار ماضي آهي، پر افسوس جو هِن وقت هُو هِڪ علائقائي ٻولي تائين محدود ٿي وئي آهي. پاڪستان جي لساني پروفائيل ۾ اردو قومي ٻولي آهي، جيڪا صرف اٺ فيصد ماڻهو ڳالهائن ٿا. پنجاب ۾ پنجابي ۽ سرائڪي، خيبرپختونخواهه ۾ پشتو ۽ شينا بلوچستان ۾ بلوچي ۽ براهوي ٻوليون ڳالهائجن ٿيون.
سنڌي ٻولي هِن وقت تمام گهڻن اهنجن کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ ۾ موجود هِڪ ننڍڙي خانگي اسڪول کان وٺي وڏي نالي واري خانگي اسڪول ۾ سنڌي ٻولي ڪونه ٿي پڙهائي وڃي. نتيجي ۾ هاڻ جيڪو نسل تيار ٿي رهيو آهي، اِهو سنڌي ٻولي کان اڻ واقف آهي، ان کي سنڌي لکڻ ڪو نه ٿي اچي. هُو سنڌي جو بگاڙ ڳالهائي ٿو ۽ مونث، مذڪر، واحد جمع ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي، نتيجي ۾ اسين پاڻ پنهنجي ٻولي کي ماري رهيا آهيون.
گوگل ۾ سنڌي ٻولي شامل ٿيڻ تي جن دوسو بڻجي دهل وڄايا، انهن کان اِهو پڇجي ته سنڌ ۾ موجود ڪنهن بازار ۾، هڪ اشتهار پينافليڪس، ڳالهه ٻولهه وڻج واپار، ڏيتي ليتي، نعرا، هوڪا سڀ ڪجهه غير سنڌي ٻولي ۾ ٿي رهيا آهن. اطلاعات جي ذريعن ڪيبل، ٽي وي، ريڊيو، ايف ايم تي اردو حاوي آهي، ائين ناهي ته اردو نه هجي، پر سنڌي ڇو نه آهي، اِهو سوال ڪو به نه ٿو پڇي؟ ڪنهن به وڏي دوڪان تي وڃو جيڪو به سنڌي مِلندو، اِهو دوڪاندار سان سنڌي بجاءِ اردو پيو ڳالهائيندو. دفترن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ اردو ٻولي ۾ ڳالهائڻ اسان پنهنجو شان سمجهون ٿا. سنڌي ۾ ڳالهائيندي اسان احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿي وڃون ٿا، جا ڳالهه ٻولي جي بنيادي انساني حقن خلاف آهي، معصوم ٻار کي جڏهن توهان اسڪول ۾ داخل ڪرايو ٿا ته ان کي انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ضرور پڙهايو، ڇو نه ٿا پڙهايو، پڇاڻو ڪيو؟ ائين ته سنسڪرت ۽ لاطيني به ڪتابن ۾ دفن ٿيل آهي. ٻولي ماڻهن سان هوندي آهي، سنڌي ٻولي جي بي اختيار اداري کي هِن طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هي گهڻ ٻوليائي پرڳڻو آهي ۽ اتي گڏيل ٻولين سان ڪم هلي سگهي ٿو، هي ايم ڪيو ايم وارا، جن سنڌ اسيمبليءَ ۾ اردو ٻولي کي سنڌ جي قومي ٻولي بڻائڻ جي جيڪا قرارداد پيش ڪئي آهي، انهن کان اِهو پڇجي ته جيڪا ٻولي اڳ ۾ ئي قومي ٻولي آهي، ان کي وري صوبي مٿان مڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جڏهن سنڌي ٻولي موجود آهي تڏهن اهڙين ٺڙڪ ٺڳين کي ڇا سمجهجي؟
اچو احساس ڪمتريءَ مان ٻاهر نڪري، هر جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي عام ڪريون. خانگي اسڪولن کان پڇاڻو ڪري ٻار جا بنيادي، لساني حق مڃرايون.