ڪتاب تي تبصرو
”جديد سنڌي ڪهاڻي تنقيدي تجزياتي جائزو“
سنڌي ادب ۾ خليق ٻگهيو هڪ اديب، شاعر ۽ نقاد طور سڃاتو وڃي ٿو، پر سندس ادبي سڃاڻپ جو اهم حوالو تنقيد نگاري آهي. هو سنڌي ادب کي تنقيد تي ٻه اهم ڪتاب ڏيئي چڪو آهي. جيتوڻيڪ سندس پھرئين ڪتاب کي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي، پر سندس لکڻيءَ، تنقيدي انداز، مواد توڙي متن جي اعتبار کان سندس تنقيد نگاري اڃان اوسر جي مرحلي مان گذرندي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا تنقيدي گرفت، گھرائيءَ، وسعت ۽ مضبوطيءَ طرف سفر ڪري رهي آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ جي تنقيدي جائزي تي مشتمل سندس نئون ڪتاب ”جديد سنڌي ڪھاڻي تنقيدي تجزياتي جائزو“ سندس تنقيدي شعور جي ارتقاءَ جي ساک ڀري رهيو آهي، جنھن مان اهو يقين پختو ٿي وڃي ٿو ته هيءُ ڪتاب پڻ موضوع، مواد توڙي تنقيدي اوک ڊوک جي لحاظ کان ايڪيھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻيءَ جي فن ۽ موضوع بابت پنھنجي دور جو اهم ڪتاب ثابت ٿيندو.
پروف ريڊنگ دوران سندس نئين ڪتاب ۾ شامل سمورا تنقيدي مضمون منھنجي نظر مان نڪتل آهن. ڪتاب ۾ شامل سندس تنقيدي مضمونن تي نظر ڪندي، سندس ڪتاب جي باري ۾ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ اچن ٿيون.
ڪتاب جو نالو:
منھنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪتاب جو نالو ”جديد سنڌي ڪھاڻي تنقيدي تجزياتي جائزو“ بدران ”ايڪيھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻي: تنقيدي جائزو“ هئڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته جديد ڪھاڻي ان کي سڏڻ گهرجي جيڪا پڙهندڙ کي نئين سوچ سان سرشار ڪري، سندس سوچ ۾ نئون تحرڪ ۽ نئون نقطهءِ نظر پيدا ڪري. اها نواڻ ڪھاڻيءَ جي موضوع، اڻت، کڻت، اسلوب توڙي ان جي مختلف ترڪيبي جزن جي انوکائپ ۽ انفراديت ذريعي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان اعتبار کان هن ڪتاب ۾ جن ڪھاڻين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي، توڙي جو انھن ۾ جزوي طور تي جدت جو عنصر ضرور شامل آهي، پر ان جي باوجود، انھن مان اڪثر ڪھاڻين کي ”جديد سنڌي ڪھاڻي“ سڏڻ بدران ايڪيھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻي سڏڻ وڌيڪ موزون آهي. ان ڪري کيس ايندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جن ڪھاڻين جي تنقيدي جائزي تي مشتمل مضمون شامل ڪرڻا آهن، انھن ڪھاڻين جي جديد هئڻ تي نظر رکڻ جي صلاح ڏجي ٿي.
تنقيدي تجزياتي جائزو:
مان سمجهان ٿو ته تنقيد جو اصطلاح پنھنجي اندر تجزياتي معنيٰ پڻ رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته تنقيد هڪ قسم جو تجزيو ئي ته هوندو آهي، جيڪا پنھنجي اظھار لاءِ تجزياتي نوعيت جو ابلاغ چاهيندي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان ”تنقيدي تجزياتي جائزو“ لکون ٿا ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪا تنقيد غير تجزياتي به هوندي آهي ڇا؟ ان ڪري ”تنقيدي تجزياتي جائزو“ لکڻ بدران فقط ”تنقيدي جائزو“ لکڻ گهرجي، جنھن ۾ اصطلاحي طور تي تجزياتي لفظ جي معنيٰ پھريائين شامل آهي.
پروف:
پيارو خليق، هن ڪتاب جا سمورا مضمون هڪ هڪ ڪري پروف ريڊنگ لاءِ مون کي موڪليندو رهيو، جيئن ته کيس مضمون ڪنھن نه ڪنھن مخزن يا رسالي کي موڪلڻو هوندو هو، ان ڪري پاڻ چوندو هو ته رات يا صبح تائين پروف ڏسي موڪلي ڏيو، پر مان زندگيءَ جي مصروفيتن ۽ وقت جي تنگيءَ سبب انھن کي ڌيرج سان ڏسي نه سگهندو هئس. ڪڏهن ڪنھن سفر دوران يا ڪو مختصر وقت ملڻ تي سندس مضمون جا پروف موبائل تي سيٽ ڪري کيس موڪلي ڇڏيندو هئس. ايئن سندس ڪتاب ۾ شامل سمورن مضمونن جا پروف موبائل فون تي چيڪ ٿيل آهن. ان جي باوجود مون کي ڪتاب ۾ 85 سيڪڙو پروف درست نظر آيا آهن. البته ڪٿي ڪٿي وسرڳي ه بدران وينجني ھ نظر اچي ٿي، جيڪا ڪمپيوٽر ۾ فونٽ جي مسئلي ڪري به ٿي سگهي ٿي.
مثال ”ماڻهو“ کي ”ماڻھو“ ڪري لکيو ويو آهي. ان ريت ڪٿي ڪٿي غير ضروري لائين اسپيس ته ڪٿي وري گهربل لائين اسپيس به نه ڏنو ويو آهي. پبلشر کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان علاوه ڪاما ۽ فل اسٽاپ جي بيھڪ جي نشانين جھڙين ننڍڙين درستگين لاءِ ڪتاب جي مسودي جي فائنل پروف ريڊنگ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڪتاب بابت آيل راين سميت ڪتاب جي مجموعي مواد کي نظر مان ڪڍڻ نھايت ضروري هوندو آهي. ان ڪري پياري خليق کي گذارش آهي ته تنقيد جھڙي اهم موضوع ۽ مواد وارن ڪتابن جي فائنل پروف ريڊنگ ضرور ڪرائي.
ان قسم جي ننڍڙين اوڻاين جي باوجود هيءُ ڪتاب سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ هڪ روشن اميد جو پيش خيمو آهي، جنھن ذريعي سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ نون رجحانن متعارف ڪرائڻ جو ساهس ساريو ويو آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي مھاڳ هن ڪتاب جي ادبي اهميت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. مھاڳ پڙهڻ سان ڪتاب جا اهم تنقيدي رخ ۽ زاويا نروار ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊاڪٽر ساجدہ پروين ۽ ٻين ليکارين جا مضمون پڻ ڪتاب جي اهميت ۽ ليکڪ جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ ڪارگر محسوس ٿين ٿا.
هن ڪتاب جي سڀ کان اھم خوبي اها آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعري“ کانپوءِ هيءُ ڪتاب سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ مغربي تنقيدي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي رجحان طرف ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، جنھن ذريعي سنڌي ڪھاڻيءَ جي نئين انداز سان اوک ڊوک ڪري، نت نئون تنقيدي مواد ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ جا نوان رخ سامھون آڻڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنھن سان سنڌي ڪھاڻيءَ کان علاوه سنڌي ادب جي مختلف نثري توڙي نظمي صنفن جي نئين انداز سان تنقيدي جائزي وٺڻ جي رجحان کي هٿي ملندي. هن ڪتاب ۾ شامل تنقيدي مضمونن مان اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته خليق ٻگهيي جي تنقيد نگاريءَ تي اڪيڊمڪ تنقيد نگاريءَ جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو.
هو جزوي طور تي پنھنجي تنقيدي جائزي ۾ ڪنھن نه ڪنھن تنقيدي رجحان يا لاڙي ۾ ان رجحان جو ارتقائي پسمنظر ۽ پئراميٽرس بيان ڪري انھن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جائزو وٺي نتيجن طرف وڌنڌي نظر اچي ٿو.
هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هن ڪتاب ذريعي سنڌي ادب ۾ نتيجن جي صورت ۾ جيڪو تنقيدي مواد شامل ڪيو ويو آهي، اهو نه صرف خليق جي تنقيدي شعور جو ثمر آهي، پر اهو باضابطه طور تي تنقيدي اصولن جي روشنيءَ ۾ ٿيل ڇنڊ ڇاڻ جو نتيجو آهي، جنھن ڪري اهو وڌيڪ اعتبار جوڳو ۽ منفرد محسوس ٿئي ٿو. سچ ته پياري خليق جي هن رياضت ڀرئي تحقيقي ۽ تنقيدي پورهئي کي ڏسي کيس دلي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن هو ايئن ئي ثابت قدم رهيو ته هڪ ڏينھن سنڌي تنقيد نگاريءَ جي تمام مٿانهين پد تي بيٺل نظر ايندو.
***

