ڪتاب تي تبصرو

همسري اپريل تي تبصرو

حسب معمول ماهوار ھمسري جو نئون پرچو آن لائين ٿيو ته دل باغ و بھار ٿي وئي.

سر ورق تي امر جليل ۽ اقبال جي تصويرن انتھا پسندي کي رد ۽ روشن خيالي کي آشڪار ڪري ڇڏيو.

ايڊيٽوريل به تازو آيل بنياد پرستي جي لھر تي ھو. انتھا پسندي ماڻھن مان سھپ ساڃاهه عقل ۽ ھوش کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي، نراجيت جو راڄ آھي، عقيدي جي بنياد تي مذھبي جٿا جنھن کي چاھين فتويٰ ڏيئي واجب القتل قرار ڏئي، ان جي زندگي حرام ڪريو ڇڏين. امر جليل خلاف سازش سٽي واويلا ڪئي وئي، فتويٰ جاري ڪري واجب القتل قرار ڏنو ويو. سنڌ حڪومت جي ان معاملي تي خاموشي به حيرت جو باعث هئي. 2018 ۾ آيل مرڪزي حاڪمن جو ذڪر ڪندي ايڊيٽر صاحبه لکيو ته ھنن به عوام کي مايوس ڪيو آھي، تبديلي پسند حاڪم خود عقيدي کي ھٿيار بڻائي پنھنجي نااھلي کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ آھن…

اليگزينڊر دريده مصور جو آمريڪا ۾ ورتل محترمه زاھده صاحبه جو انٽرويو پڻ بيحد دلچسپ ھو. مصور جيڪو رومانيا جو ڄائو، اٽلي ۾ پڙھيو ۽ ھاڻ 33 سالن کان آمريڪا ۾ پيو رھي، جتي وڏي آرٽ گيلريون قائم ڪيون اٿس. هن آرٽ تي ميڊم جي دلچسپ سوالن جا جواب به خوب ڏنا آهن. مصور چيو ته مون پاڪستان ۽ سنڌ جي قديم تھذيب جي اعليٰ ڪلچر جي باري ۾ ٻڌو آھي، منھنجي خواھش آھي سنڌ اچڻ جي… تڏھن ميڊم مصور کي سنڌ اچڻ ۽ ميزباني ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪا ھن قبول ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو…

“ھندن جي شادين جون ريتون رسمون، سنئوڻ ۽ ساٺ” تي مضمون به دلچسپ رھيو، سنڌ ۾ شادين جي قديم رسمن جي پويان به دلچسپ پسمنظر آھن…

جيمس ڪليئر جي ڪتاب جو ترجمو محترمه فضا قريشي صاحبه ڪري رهي آهي، بيحد ڪارائتو آھي، ميسا چوسٽس جي ھڪ اسپتال ۾ ھڪ طبيبه نئون تجربو ڪيو، جنھن ۾ ماڻھن کي صحت بخش ۽ بھتر غذا جي طرف راغب ڪرڻ لاءِ بجاءِ ماڻھن کي سمجھائڻ، ھڪ لفظ به ڳالھائڻ کان سواءِ، ريسٽورينٽ، ڪيفي ٽيريا ۽ ڪينٽين جي اڏاوت، ان جي سيٽنگ ۽ ماحول ۾ اھڙي تبديلي ڪئي جو اڪثر ماڻھو خود بخود بھتر غذا جو انتخاب ڪرڻ لڳا.

ادب، تاريخ ۽ سماجيات جي حصي ۾ احمد شاڪر جو مضمون “وبا جي وقت ۾ آيل ڪومل جو جنم ڏينھن” جنهن ۾ محبت ۽ جدائي جي وقت دلين جا نازڪ جذبا، خطن ۽ شعرن ذريعي بيان ڪيل آھن ۽ دل کي ڇهندڙ آهن.

مھتاب راشدي جي شخصيت تي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو مضمون ۾ ستر جي ڏھاڪي واري اسان جي حيدرآباد جي ادبي راڻي مھتاب چنا جيڪا پوءِ جڳ جھان جي راڻي، مھتاب اڪبر راشدي جي نالي سان مشھور ۽ مقبول ٿي، ان جو مڪمل پروفائل پيش ڪيو، جيڪو يقينن هن جي شاندار با وقار سفر جو شاهد آھي…

محترم گل محمد عمراڻيءَ جي “علمي ۽ ادبي خطن جو اڀياس” ذوالفقار علي جلباڻي پيش ڪيو آهي. گل محمد جا خط جيڪي روزاني ڪاوش جي ھائيڊ پارڪ واري حصي ۾ شايع ٿيا هئا، انھن جي علمي ادبي ۽ فلسفيانه نقطن تي روشني وڌي آھي…

حالات حاضره تي ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ “جمهوريت جون اھم خاصيتون” تي روشني وڌي آھي. بنيادي حقن جو احترام، گڏيل پارٽي سسٽم، ووٽن جو طريقيڪار، قانون جي حڪمراني، شھرين جي شرڪت ۽ جمهوري طرز حڪمراني جھڙن آفاقي اصولن تي روشني وڌي آهي.

محترم اختر حفيظ صاحب پنهنجو مضمون “آصف زرداري سياسي بروٽس” جي عنوان سان لکيو آهي، ھن جي سياسي طور طريقن ۽ قلا بازين جو ذڪر، مختلف دورن ۾ ڪيل فيصلن ۽ عملن جو خوبصورت تجزيو ڪيو آھي.

حالات حاضره جي تناظر ۾ انور قاضي صاحب، تجزيو پيش ڪيو ته “پي ڊي ايم ۾ پ پ جو رھڻ مشڪل نظر ٿو اچي” قاضي صاحب لکيو ته پ پ ھميشه اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي ھلندي آھي، پي ڊي ايم ۾ به انھن جي چوڻ تي شامل ٿيا ھئا. پي ڊي ايم ۾ پ پ ھميشه من ماني ڪندي رھي آھي، استعيفائن ڏيڻ جي مخالفت، سينيٽ اليڪشن ۾ به پنھنجي مرضي ھلائڻ. هاڻ ته لانگ مارچ به ملتوي ٿيو. نيٺ سوال اهو آھي ته پ پ مزيد پي ڊي ايم ۾ رھندي يا نه اھو فيصلو ٿيڻ اڃا باقي آھي. قاضي انور صاحب جو تجزيو درست ثابت ٿيو پيپلز پارٽي، پي ڊي ايم کي خدا حافظ چيو.

ناوليٽ ۾ يان پال سارتر جي ناول، “ھڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ” جي ٽين قسط پيش ٿي، جيڪا بيحد دلچسپ آھي، خاص طور ناول جو ڪردار، ليوسين جي نفسياتي مسئلن کي دلچسپي سان بيان ڪيو آھي، ليوسين جو ماڻھن کي وھنجندي سوراخن مان ڏسڻ ته ٻيا ماڻھو ھن کان ڪيئن مختلف آھن. ناول بيحد دلچسپ آھي، پڙھندڙن کي قسط جو انتظار ٿو رھي. يان پال سارترِ دنيا جو مشھور ناول نگار ۽ دانشور آھي.

ڪھاڻين جي سلسلي ۾ ٽي ڪھاڻيون سٺيون آھن.

پھرين ڪھاڻي چراغ حسن حسرت جي آھي “شاھ جھان جي تصوير” جي پسمنظر ۾ ھڪ دوکي ۽ فراڊ جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ مصور، ريل گاڏي ۾ ڪيئن ھڪ شريف ڪاروباري ماڻھو کي بيوقوف بڻائي ٿو ۽ مال لٽي ڀڄيو وڃي، ڪھاڻي کي سھڻي انداز ۾ ڪمپوز ڪيو ويو آھي.

محترم حميد ھليو جي ڪھاڻي “مُکي” حرن جي انگريزن جي خلاف جنگ جي پسمنظر ۾ ان جي اصلي جنگجو ڪردارن تي ٻڌل آھي. شيرو ڀنڀرو، ميرل وساڻ، رحيم ھنڱورو وغيره مکي ٻيلي ۾ موجود آھن. شيرو ڀنڀرو جي ڳوٺ کي انگريزن باھ ڏئي ساڙيو ڇڏيو. ان جي انتقام لاءِ دشمن جي مخبرن تي حملو ڪري انھن کي جھنم رسيد ٿا ڪن، پر واپسي ۾ انگريز فوج جي گھيري ۾ اچيو وڃن. ڪجھ ساٿي شھادت ٿا ماڻين، شيرو ڀنڀرو زخمي حالت ۾ گرفتار ٿو ٿئي، انگريزن معلومات وٺڻ چاھي، پر ناممڪن ھو، نتيجي ۾ ڦاسي ٿا ڏين ۽ شيرو ڀنڀرو ڀيڄ پاڳارو جا نعره ھڻندو مسڪرائيندو ڦاسي چڙھيو وڃي.

نصرت چانڊيو جي ڪھاڻي “زم زم” ڪجھ عجيب ھئي، ڇوڪري ۽ ڇوڪرو، بظاھر ٻئي شھري سلجھيل نوجوان اتفاق سان ملن ٿا پيار ٿئي ٿو، شادي ٿا ڪن، پر شادي جي ھڪ ھفتي بعد ڇوڪرو ڪو خاص سبب ٻڌائڻ کانسواءِ ڪنوار کي ڇڏي لنڊن ھليو ٿو وڃي، فون ڪرڻ بند ڪريو ڇڏي، خط به نٿو لکي، ڇوڪري سخت پريشان بيمار ٿيو پوي، مرندي ٿي بچي ۽ پوءِ پنھنجي والد کي ساڻ ڪري لنڊن وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ ٿا اچن جتي جھاز ۾ چڙھڻ کان اڳ اوچتو ڇوڪري انڌي ٿيو وڃي ۽ ڪھاڻي عجيب موڙ تي ختم ٿيو وڃي.

عزمي رشيد جي ڪھاڻي “پاتار” ھڪ سٺي احساساتي ڪھاڻي آھي، فوٽ پاٿ تي ستل ھڪ غريب ڏکن جو ڏاريل ڪردار. هن جي مختلف خيالن ۽ تصورن ۾ نااميدي ۽ مايوسي جو تاثر ملي ٿو.

شاعري جو حصو ڀرپور رھيو، خاص طور تي محترمه پشپا ولڀ صاحبه جو نظم شاندار ھو، جنھن ورھاڱي ۽ جلاوطني جي عذاب کي تازو ڪري ڇڏيو. ڌرتي تان تڙيل بي وطن ماڻھن جون دردناڪ حالتون ڏکارو ڪريو ڇڏين، ھي ھڪ ڀرپور نظم آھي.

مشتاق گبول جو نظم “ھيلن” ڇرڪائيندڙ آهي. جدوجھد ۽ نجات جو پيغام ٿو ڏي.

راشد لکمير جو ڪلام به عشق جي پڪار، محبوب جي نگاهه، آزمائش ۽ اميد جو تاثر ٿو ڏي.

شازيه شاھ جو نظم به اميد آس ۽ ميلاپ جو پيغام آھي، ماضي جيون جي حسين يادن کي شاعريءَ جي خوبصورت روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

سليمان سولنگي جي “وائي” ڏکيارو ڪياسون. ٽمندڙ نيڻن جي درد جو داستان آھي.

مجموعي طور ھمسري اپريل 2021 جو مواد شاندار رھيو، جنھن لاءِ ايڊيٽر صاحبه ۽ سڄو اسٽاف مبارڪ جا مستحق آهن.

***

مارئي جي ملير جي مهڪندڙ مٽي

شيام جيسراڻي

مارئي جي ملير  جي مھڪندڙ مٽي جي خوشبو جتي، ميون ڦلن سان ڦلهاريل، سر سبز سبزين جي ۽ جنت جھڙي گلن جي خوشبوءِ ڏيندڙ ذرخيز زمين تي بحريا ٽائون جي بدبوءِ نما ڀيڙ، بناوٽي محلن، بنگلن ۽ آسمان ڇهندڙ ماڙيدار مجسمن کان مٿي آ، ھن مارئي جي ملير جي اها صبح جنهن ۾ ان ڌرتي جا وارث سکن جو ساھ کڻڻ سان گڏوگڏ سر سبز سيج وڇائيندا هئا. ملير جي ان وشال زمين تي ماحولياتي قدرن جا انيڪ ۽ ھر قسمن جون سبزيون، ڦل، فروٽ ۽ مٺي پاڻي جا ذخيرا موجود ۽ ميسر آھن ۽ انھن کي ماڊرنائيزڊ زرعي ٽيڪنالوجي سان ھڪ وڏو جديد ترين واپراسي شين جو زراعتي زون بڻائي پوليوشن فري زون ڪري سگھجي ٿو، جن جو سڌو لاڀ انهن کي ملي جيڪي صدين کان ۽ ابن ڏاڏن کان ڌرتي جا وارث ۽ کاتيدار آهن. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي هن ڏس ۾ قدم کڻي غريبن جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ ماڻهن خلاف قانوني چاره جوئي ڪرڻ گهرجي.