ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ جو اخلاقي قدرن تي لکيل ڪتاب

ادب جي دنيا ڏاڍي وشال ۽ وسيع آهي ڀل ته پوءِ اهو ادب دنيا جي ڪهڙي به ملڪ جو هجي يا وري ڪهڙي به ٻوليءَ منجھه لکيل ڇو نه هجي، ان ڪري ادب تي لکڻ خاطر اديب جو مشاهدو به پاتال وانگون گهرو هجڻ گهرجي ته جڏهن هو ادب سرجڻ لڳي ته درياهه منجهان مٽي نه، پر سمونڊ جي تري منجهان سپيون ميڙي انهن منجهان موتي حاصل ڪري، مڃجي ٿو ته درياهه جي مٽي به عظيم آهي، پر سمنڊ ۾ اونهي ٽٻي هڻي تري منجهان موتي ميڙڻ ڏاڍو اوکو ۽ اهنجو عمل آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هر اوکي فعل جو نتيجو ڏاڍو لاڀائتو ۽ ڪارائتو ٿيندو آهي جيڪو نسلن جي رهنمائي ڪندو آهي، جيڪو مستقبل کي روشن ۽ اجرو رکندو آهي.
ادب جي دنيا جي دري کولي ليئو پائبو ته اسان کي مختلف ادبي رستا ملندا ڇو ته ادب ۾ به الڳ الڳ ۽ ڪيترائي مختلف حصا آهن جهڙوڪ: مولود شريف، سگهڙائپ، عورتن بابت ادب، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت خاطر ادب جنهن منجھه ناول، شاعري، ڪهاڻيون، ترجما ۽ مضمون وغيره اچن ٿا، جن سان ٻارن جي علمي قوت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڇو ته ٻار جيڪي نصابي ڪتاب پڙهن ٿا، انهن کي وڌيڪ شعوري سگھه بخشڻ خاطر اهڙو ادب پڙهڻ خاطر ميسر ڪري ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان هو وڌيڪ هوشيار ٿين ٿا ۽ هنن جو لاڙو تعليم ۽ بهتر مستقبل ڏانهن وڌندو رهي ٿو، ڇو ته اهو ٻار ئي آهي جيڪو مستقبل جو معمار آهي، جنهن کي اڳتي هلي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي علم ۽ عمل سان ملڪ ۽ قوم جي سنڀال ڪرڻي آهي، انهيءَ ڪري ٻارن خاطر ٻارن جي ادب جو هجڻ ايئن آهي جيئن زمين ۾ پوکيل فصل کي پاڻي ۽ ڀاڻ ڏئي بيمارين کان بچائي تيار ڪرڻ ته جيئن فصل کي ڪنهن به قسم جو ڪو موسمي اثر گهربل اپت کان محروم نه ڪري سگهي ڇو ته ٻار به هڪ فصل آهي.
الف بي تي ميم گهرجي
سنڌ کي تعليم گهرجي
سچ چوندو آ مهر فقير
ايئن قوم عظيم گهرجي
ادب انسان کي ادب سيکاريندو آهي ۽ انسان جي جيون ۾ ادب جو هجڻ ايئن آهي جيئن انسان جي سيني ۾ دل ۽ دل ۾ گردش ڪندڙ رت، ڇو ته دل ۾ گردش ڪندڙ رت انسان جي جسم ۾ رڳن جي رستي پهچندي آهي ۽ انسان پنهنجو ڪم جاري رکيو ايندو آهي، پر جي رت جي گردش رڪجي وڃي ته انسان ڪنهن به ڪم جي لائق نه رهندو آهي، ايئن ادب به جيون ۾ جيئڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا ڏيکاري، راهه هموار ڪري باآساني منزل ۽ ماڳ تي رسائيندو آهي.
سنڌ جو ادب به ٻارن جي حوالي سان نهايت ئي شاهوڪار ۽ شاندار ادب آهي، جيڪو نثر ۽ نظم جي صورت منجھه ٻارن جي علمي ۽ تعليمي سهائتا سان گڏ زندگي جي ٻين شين جهڙوڪ صحت ۽ راندين وغيره کي نظر ۾ رکي ٻارن تائين اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن وسيلي پهچائي کين همٿايو ٿو وڃي ته جيئن ٻار وڌيڪ محنت ڪري ۽ هن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو پيدا ٿئي ۽ هو غلط رستي تي ڀٽڪي ۽ گمراهه نه ٿي سگهي، ڇو ته جيڪا شيءِ ٻار کي نصابي ۽ تدريسي ڪتاب نه ڏئي سگهندا آهن، اها گهرج ادبي ڪتاب ئي پوري ڪندا آهن.
سنڌ جي ٻاراڻي ادب منجھه جيڪڏهن جهاتي پائبي ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيترائي نالا سامهون ايندا جن پنهنجو وقت ۽ قلم ٻاراڻي ادب کي ڏئي ڪري اهو ثابت ڪيو يا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اصل ادب آهي ئي ٻارن جو ادب، سو جي انهن ۽ اهڙن اديبن ۽ شاعرن جو نالا کڻي ڳاڻيٽو ڪبو ته فهرست ڊگهي ٿي ويندي، انهيءَ جي ڪري هتي بس ذڪر ڪبو ته رڳو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جن جو ۽ سندس هر عمر جي ٻارن بابت لکيل مضمونن تي مشتمل ڪتاب اخلاقي قدر جو.
ڊاڪٽر پروين صاحبه ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي ڇو ته سندس ادب خاص ڪري ٻاراڻي حوالي سان تمام وڏيون ۽ ڪارائتيون خدمتون آهن، بلڪه ائين چئجي ته هن پنهنجي زندگي ۽ قلم ٻارن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته هوءَ ٻارن جي نيچر ۽ ٻارن جي ضرورتن کي وڌيڪ ۽ گهرائي سان سمجهي ٿي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ ڊاڪٽر بعد ۾، پر پهريائين هڪ عورت آهي ۽ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت ٻارن جي احساسن، جذبن ۽ ضرورتن کي وڌيڪ سمجهندي آهي ڇو ته عورت ماءُ به ته ٿيندي آهي ۽ ماءُ کان اولاد جو ڪو به ڳجهھ ڳجهو نه هوندو آهي.
سنڌي ادب ۾ ٻارن جي ذهني واڌ ويجھه ۽ علمي اوسر لاءِ ڊاڪٽر صاحبه جو مضمونن تي مشتمل ڪتاب اخلاقي قدر هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ جي هر اسڪول، ڪاليج يا ڀل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگرد کي هر صورت ۾ پڙهڻ گهرجي ۽ اهو اخلاقي قدرن جو ڪتاب سنڌ جي هر ننڍي وڏي، سرڪاري يا غير سرڪاري لائبريريءَ منجھه به هجڻ گهرجي ڇو ته هي هڪ نهايت ئي انمول ۽ ناياب تحفو آهي جيڪو سچ ته ٻالڪ ادب جو سرواڻ ڪتاب آهي.
هن ڪتاب جو موضوع مضمون نويسي آهي ۽ هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2010ع ۾ شايع ٿيو، ان کان بعد ٻيو ڇاپو 2015ع، ٽيون ڇاپو 2020ع ۽ چوٿون ڊجيٽل ايڊيشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان 2023ع ۾ شايع ٿيو، مون کي نٿو لڳي ته ٻالڪ ادب جي حوالي سان اهڙو ٻيو ڪو ڪتاب ايترا ڀيرا ڇپيو هجي، سچ ته ايترا ڇاپا ئي هن ڪتاب جو اعزاز آهن، جنهن منجهان اهو يقين ٿو جنم وٺي ته هي ڪتاب ٻارن جي لاءِ ڪيترو نه اهم ۽ ضروري آهي.
گهر گهر ۾ گلاب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو
سنڌ کي شاداب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو
علم جي روشني کي مات ناهي مهر فقير
آزادي لاءِ انقلاب ٿا چاهيو ته تعليم پرايو
تعليم جو زيور اهڙو زيور آهي جنهن کي ڪو به چور چورائي نٿو سگهي ۽ هي اهو زيور آهي جنهن سان انسان جي خوبصورتي ويتر ئي وڌي ويندي آهي ۽ هن جي خوشبوءِ من ۽ ماحول کي تاحيات خوشبودار رکندي آهي، ڪڏهن به کيس مات ناهي ايندي ۽ علم سان آيل انقلاب سدائين سرخرو ثابت ٿيندو آهي تڏهن ئي ته ڊاڪٽر پروين پنهنجي ڪتاب جو نالو ئي اخلاقي قدر رکيو آهي ڇو ته اخلاق هڪ اهڙو سڀاءُ آهي جيڪو چقمق وانگر لوهه کي پاڻ طرف ڇڪي وٺندو آهي يا ايئن جيئن گلاب جو گل انسانن توڙي ٻي جيوت کي پاڻ طرف اچڻ تي مجبور ڪندو آهي ڇو ته گلاب جو رنگ ۽ خوشبوءِ سڀني کان منفرد هوندي آهي.
ڪتاب جو انتساب يعني ارپنا به ٻارن جي لاءِ ئي آهي جيڪو به ليکڪا جي زنده دلي کي واضح ڪري ٿو.
ٻاراڻي ادب جو هيءُ ڪتاب پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن مُحۡمّد مجتبيٰ (پٽ)، محۡمد مير ۽ محۡمد ولي (ڏوهٽن)، محۡمد عارض (پوٽي) ۽ محۡمد عفان (پوٽي) جي نانءُ ٿي ڪريان، شل ڌڻي سڳورو کين نيڪ نيت، نيڪ دل ۽ نيڪ عمل انسان بڻائي (آمين ).
ڪتاب اخلاقي قدر جي فهرست به ان ڪري لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته هن ڪتاب کي جن وڏن ۽ مهان اديبن پڙهيو ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو آهي انهن بابت به نون پڙهندڙن کي سڌ ملي ته جيئن کين خبر پوي ته هن ڪتاب جو ڪيترو نه قدر ۽ اهميت آهي، مهاڳ: ولي رام ولڀ، اخلاقي قدرن معرفت ڏسيل نيڪ نقطا: يوسف سنڌي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ شخصيت ۽ فن: سليم چنا، اڳتي ڪتاب جي وچور ۾ ڪل 27 مضمون شامل آهن، جيڪي ساهه ۾ سانڍڻ ۽ ورائي ورائي پڙهڻ جهڙا آهن ۽ جن کي پڙهڻ سان هر عمر جو ٻار خود کي تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ سماج ۾ به سٺي تبديلي ۽ نواڻ آڻي سگهي ٿو ۽ هتي اهو لکڻ به ضروري ٿو سمجهان ته والدين کي گهرجي ته اهو اخلاقي قدرن جو ڪتاب ٻارن کي پڙهائن ڇو ته موبائلن ۽ ڪمپيوٽر تي فضول گيمن کيڏڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻ به هڪ قتل ڪرڻ ئي آهي سو پنهنجي اولاد کي اهڙي تربيت ۽ ترغيب خاطر سندن هٿن ۾ اخلاقي قدرن جو ڪتاب ڏيو.
ڪتاب جو پهريون مضمون اول الله عليم آهي يعني شروع ڪريان ٿو الله پاڪ جي بابرڪت نالي سان ۽ بسم الله جي معنيٰ به اها ئي آهي، پر هتي ڪتاب جي ليکڪا ٻارن کي پنهنجي مضمون منجھه نهايت ئي آسان، سادن ۽ سولن لفظن سان اول الله عليم بابت سمجهايو آهي يا جيئن راقم الحروف جي شاعري آهي ته:
الف اُور اندر ۾، الف اعليٰ عظيم،
قادر سوئي ڪُل تي، قائم آهي قديم،
والي واحد وحدهُ، رحمان رب رحيم،
ٻاجھه ڌڻي ٻاجهارو، ڪرم ڪندو ڪريم،
اهڙو آهي عليم، مالڪ مهر فقير چئي.
اسان جو معاشرو ۽ سماج تيستائين مضبوط ۽ سگهارو نٿو ٿي سگهي، جيسيتائين اسان جو ٻار علم سان سرشار نٿو ٿي .
اخلاقي قدر جي مصنفا ٻارن جي شعور کي روشن رکڻ خاطر هر پهلو ۽ هر رخ تي لکيو آهي ته جيئن ڪو به مورچو خالي نه رهي، ان ڪري هن ڪتاب جي ترتيب به اهڙي انداز سان رکي آهي، تنهنڪري اڳيون مضمون آهي حضرت مُحۡمد مصطفيٰ جن جا اخلاق مبارڪ، ها بيشڪ اسان سڀني ئي نه، پر پوري عالم انسانيت خاطر نبي ڪريم صلعم جن جا اخلاق مبارڪ ضابطا حيات آهن ۽ هڪ آئين آهي ڇو ته سٺن اخلاقن سان انسان دنيا ۽ دلين تي حاڪميت ڪري سگهي ٿو.
اهڙي طرح ٽين ۽ چوٿين مضمون ۾ به سهڻي اخلاق ۽ سهڻي تربيت جو نهايت ئي سهڻي انداز سان ذڪر ڪري هر عمر جي ٻار کي سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انسان جي صورت کان وڌيڪ سهڻي ۽ سندر هوندي آهي سندس سهڻي سيرت ۽ اها سيرت تڏهن ئي سندر ٿيندي جڏهن اوهان جو اندر اخلاقي قدرن سان ٽمٽار هوندو، اوهان جو اخلاق بهتر ۽ ڀلو هوندو ڇو ته سٺو اخلاق انسان کي عظمت بخشيندو آهي جڏهن ته برو اخلاق انسان کي جيئري ئي مئلن جي فهرست ۾ شامل ڪندو آهي.
ڪتاب جو پنجون مضمون والدين بابت لکيو ويو آهي جنهن ۾ والدين ۽ اولاد جي رشتي جي اهميت سان گڏ اولاد جي تعليم ۽ تربيت بابت والدين جي ڪردار تي نهايت سٺي انداز ۾ لکندي قلم کي ڪتب آندو ويو آهي ڇو ته اولاد جي لاءِ پهريون تربيت جو گهر يا ايئن چئجي ته ٻارن لاءِ پهريون اسڪول هن جو گهر ۽ هن جا والدين ئي هوندا آهن ۽ والدين تي اهو فرض عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي اولاد تي نظر رکن، هنن جي تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن، هنن جي سرگرمين کان باخبر رهن ته هنن جو اولاد ڇا ٿو چاهي يا ڇا ٿو ڪري، تنهنڪري هو ٻارن جي نفسيات کي نظر ۾ رکندي هنن کي اخلاقي قدرن بابت سٺي ڄاڻ ڏين، بهتر نموني سان جيون گذارڻ خاطر سٺن اخلاقن سان هلڻ جو رستو ڏيکارين ته جيئن اهي ٻار اڳتي هلي ڪري سهڻي ڪردار جا مالڪ ثابت ٿين ۽ دنيا مٿن فخر ڪري ته کين والدين ڪهڙي نه سٺي تربيت ڪئي آهي.
ڇهين نمبر مضمون ۾ ماءُ بابت ڄاڻ آهي ڇو ته حديث نبوي صلعم آهي ته ماءُ جي قدمن هيٺ جنت آهي ۽ پيءُ جي رضا ۾ الله پاڪ جي رضا شامل آهي، قرآن شريف ۽ حديث مبارڪن ۾ والدين جي عزت ۽ اهميت کي کولي کولي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ساڳي طرح هن ڪتاب ۾ به اها ئي ڳالھه سامهون آندي وئي آهي ته والدين جو قدر ڪريو ۽ والدين جو قدر به اهوئي ٻار ڪندو آهي جنهن جا اخلاقي قدر بهترين ۽ ڀلا هوندا ۽ جن کي ابي امان جي مهانتا جي ڄاڻ هوندي، جيئن شاعر چوي ٿو ته:
خالق خلقي خدائي، بلڪل بيشڪ بهترين،
هي آسمان ۽ زمين، مٽ نه ٿيندو ماءُ جي.
مٽ نه ٿيندو ماءُ جي، آ امڙ ڇپر ڇانءُ،
ٺرندو آهي هنيانءُ، جيجل امڙ جنت آ. (مهر فقير)
۽ اهڙي ڄاڻ جو خزانو آهي اخلاقي قدرن جو ڪتاب.
جيئن جيئن هن ڪتاب جي ورقن کي ورائيندي پڙهبو ويندو تيئن تيئن ٻارن کي ڄاڻ جا بي بها خزانا ميسر ٿيندا، نوان نوان رستا ملندا، بهتر کان بهترين معلومات ملندي، ايئن جيئن هڪ هاري زمين سان جيتري ئي وڌيڪ محنت ڪندو ان کي اها زمين ايتري ئي اپت ڏيندي يا جيئن کير ۾ جيتري کنڊ يا مصري وجهبي ته اهو اوترو ئي مٺو ٿيندو، هن ڪتاب ۾ شامل هر مضمون موتين جي مالها وانگر آهي جنهن کي کولڻ کان بعد بند ڪرڻ تي روح راضي ئي نه ٿيندو.
ڪتاب جو ستون مضمون دوستيءَ متعلق آهي ۽ حقيقت ۾ دوستي اصل ۽ سچي دوستي اها آهي جيڪا انسان سان توڙ يعني آخر تائين نڀاءُ ڪري، سو ٻارن کي هن مضمون رستي دوستي متعلق ڄاڻ ڏيندي چيو ويو آهي ته سڀ کان بهتر دوست ڪتاب آهي ۽ ڪتاب به اهو جيڪي اخلاقي قدر مهيا ڪري ٿو ۽ اهڙو ڪتاب بيوفا نه هوندو آهي جڏهن ته ڪتاب کان علاوه وارا دوست مطلب بعد منهن مٽي ويندا آهن، ان ڪري ٻارو هي ڪتاب پاڻ به پڙهو ته وري ٻين ٻارن کي به پڙهايو ته جيئن اهي به اخلاقي قدرن کان واقف ٿي سگهن.
اخلاقي قدر پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته اکين کي اوجاڳا ڏئي ڪري ليکڪا جيڪا جاکوڙ، جستجو، محنت ۽ ڪشالگيري ڪئي آهي ان تي کيس اعزاز ملڻ گهرجي ڇو ته ٻارن جي حوالي سان لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر جس هجي ڊاڪٽر صاحبه کي جيڪا اڄ به انهيءَ راهه تي هلي ڪري اهو چاهي ٿي ته ٻارن جي زندگي سنورجي پوي ان ڪري ئي ڪتاب جي اٺين نمبر مضمون ۾ سادگي ۽ فضول خرچي بابت لکيو اٿائين ڇو ته قرآن ۽ حديث سادگي جو درس ڏيندي فضول خرچيءَ کان منع فرمائن ٿا، پيارا ٻارو اوهان قرآن ترجمي سان پڙهو ۽ نبي صلعم يا اصحابين جي زندگي جو جائزو وٺو ته اوهان کي ڪٿي به فضول خرچي نه ملندي، بلڪه سادگي ئي نظر ايندي ڇو ته ناجائز خواهشون ڪندڙ يا فضول خرچ ڪندڙ سدائين پريشان هوندا آهن، ايئن جيڪي انسان سادگي پسند هوندا آهن سي آڪڙ ۽ انا وارن کان وڌيڪ عزت ماڻيندا آهن، سو اخلاقي قدر جو ڪتاب به تڏهن ئي ته اهو درس ڏئي ٿو، ڪتاب جو اڳيون يعني نائون مضمون آهي وطن جي حُبُ.
وطن جي حُبُ، وطن هر انسان کي جان کان وڌيڪ پيارو هوندو آهي ۽ خوش نصيب هوندا آهن اهي انسان جن کي پنهنجو وطن هوندو آهي، پر ان وطن جي بقا کي سلامتي بخشڻ خاطر وطن جي هر ٻار کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته هو وطن سان حب رکي اخلاقي قدرن تحت وطن ۽ وطن واسين جي خدمت ڪندا سو پيارا ٻارو ليکڪا جو اهو مضمون به اوهان جي رهنمائي لاءِ آهي ۽ اهو به اخلاق جي دائري ۾ ته جڏهن اوهان اخلاقي قدرن واري واٽ وٺندا ته تڏهن ئي وطن جي حب ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا .
اسان جي سماج ۾ عدل ۽ انصاف اهي شيون آهن جن سان هر ناانصافي کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جنهن بابت ڏهين مضمون منجھه ٻارن کي عدل ۽ انصاف بابت نهايت ئي سهڻي ۽ سولي طريقي سان سمجهايو ويو آهي ته جيئن هر عمر جي ٻار جي ذهن ۾ اخلاقي قدر نهايت ئي آساني سان ياد ٿي سگهن ۽ اهي ٻار جيئن عدل ۽ انصاف سان سڀ سان پيش اچي سگهن، ها هونئن به اسلامي روح جي مناسبت سان عدل و انصاف جو هجڻ هڪ لازمي امر آهي ڇو ته جتي عدل و انصاف جا اخلاقي قدر نه هوندا آهن ته اهي ملڪ ۽ قومون قائم نه رهي سگهنديون آهن. حضرت علي ڪرم الله وجھه جن جو فرمان آهي ته ظالم مسلمان حڪمران کان عادل ڪافر جي حڪومت بهتر هوندي آهي.
هن ڪتاب جو يارهون ۽ ٻارهون مضمون سچ جي طاقت ۽ فرض شناسي تي لکيل آهن، سچ جي طاقت اها طاقت آهي جيڪا لالچ کي روڪي ٿي ۽ سچ جي طاقت انسان کي ڪڏهن به ناڪام نٿي ڪري، ايئن ئي فرض شناس انسان به نهايت باهمت ۽ بهادر ٿيندا آهن ڇو ته انهن جي اندر ۾ سچ ۽ فرض شناسي جي طاقت هوندي آهي جيڪا هنن کي هر موڙ تي سرخرو ڪندي آهي، تڏهن ئي ليکڪا به هنن مضمونن کي ٻارن جي لاءِ اهم دستاويز طور اخلاقي قدرن جي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي.
تيرهون ۽ چوڏهون مضمون جيڪي محنت جي عادت ۽ اميد جي قوت متعلق خاص ڪري مستقبل جي معمارن کي سمجهائڻ خاطر لکيا ويا آهن سچ ته ڏاڍا ڪارائتا آهن ۽ اهي مضمون جيڪو به ٻار تسلي سان پڙهندو ۽ انهن تي عمل ڪندو ته اهو ڪڏهن به ڪٿي به مايوس يا ناڪام نه ٿيندو ڇو ته محنت ڪندڙ انسان ڪڏهن به پريشان ناهي ٿيندو ۽ اهڙيءَ ريت جيڪو ماڻهو خواهه اهو وڏو هجي يا ننڍو ٻار اميد ڪندو ۽ ان اميد جو آسرو الله ۾ رکي محنت ڪندو ته ڪاميابي هن جا قدم چمندي بيشڪ پر وري اتي به سڄو عمل دخل اخلاقي قدرن جو آهي، ڇو ته اخلاقي قدر ئي انسانن جو آئين ۽ منشور آهن.
ڪتاب اخلاقي قدر ۾ ٻارن جي لاءِ جيجي پروين جي پندرهين ۽ سورهين مضمون شيرين زباني ۽ بدزبانيءَ ۾ فرق ۽ رحمدلي عظيم پيغمبري صفت جي مناسبت سان لکيل آهن تي سرسري نظر وجهي غور و فڪر ڪبو ته هر ٻار ڀل اهو ڪهڙي به ڪلاس جو شاگرد آهي کي چڱي طرح معلوم ٿيندو ته اخلاقي قدرن ۾ مٿين مضمون جي ڪيتري نه اهميت آهي ۽ شيرين زباني ڇا آهي يا بدزباني ڇا آهي، شيرين مطلب مٺي زبان سان انسان پراون کي پنهنجو ۽ دشمن کي دوست ڪري سگهي ٿو جيئن ٿڌو گهڙو خود کي ڇانءَ ۾ ويهاريندو آهي، ان جي ابتڙ بدزباني جو نتيجو بد ئي نڪرندو آهي، بدزباني جي ڪري پنهنجا به پراوا ٿي ويندا آهن ۽ انسان تنها زندگي گهاريندو آهي سو به ذلالت واري زندگي.
اڳتي آهي رحمدلي، رحمدلي پيغمبرن جي عظيم صفت آهي ۽ رحمدلي رب ڪريم کي به پسند آهي، قرآن شريف ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو ته اي انسانو زمين وارن تي رحم ڪريو ته آسمان وارو اوهان تي رحم ڪندو، مطلب ته ڪڏهن به ڪنهن تي ظلم نه ڪيو ڪو ناحق نه ڪيو، بلڪه هڪ ٻئي کي معاف ڪري رحمدلي جو مظاهرو ڪريو. هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون آهن سي خاص ڪري ٻارن جي اخلاقي اوسر کي پختي ڪرڻ خاطر شامل ڪيا ويا آهن، سو پيارا ٻارو اوهان ليکڪا جي انهيءَ ڪتاب کي هر صورت ۾ پڙهو ۽ عمل به ڪريو سچ ته اوهان سنورجي ويندا.
هي ڪتاب پڙهي سوچيان ٿو ته ڪاش اسان جا اديب ۽ شاعر جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحبه وانگر علمي ادب سرجڻ شروع ڪن ها ته هوند سنڌ جو ٻار اڄ ايئن ننڌڻڪي حالت ۾ نه هجي ها، پر بس انهن لاءِ افسوس ڪجي ٿو، ها ته ڪتاب اخلاقي قدر جا اڳيان وارا مضمون آهن، سترهين نمبر تي حسد ۽ ساڙ کان بچڻ گهرجي ۽ ارڙهن نمبر تي سماج جا تهذيبي ۽ ثقافتي قدر، ٻارو اها هڪ اڻٽر حقيقت آهي ته حسد ۽ ساڙ ڀل اهو ڪنهن سان به ڪهڙي به بنياد تي رکجي ته اهو نهايت ئي غلط، غير اسلامي، غير اخلاقي ۽ غير انساني عمل آهي ٻيو ته اهڙي عمل اختيار ڪرڻ سان ڪير ڪنهن کي به ڪو نقصان نٿو رسائي سگهي، پر حسد يا ساڙ هڪ اهڙي نظر نه ايندڙ باهه آهي جنهن ۾ انسان خود ئي سڙندو ٿو رهي، تنهنڪري اهڙي بري عمل کان پري رهجي ته جيئن سڙڻ ۽ پچڻ کان بچي سگهجي، باقي سماج جا تهذيبي ۽ ثقافتي قدر قومن جي سڃاڻ کي وائکو ڪندا آهن، تهذيب ۽ ثقافت سان قومون ئي نه، پر فرد ۽ شخصيتون به سڃاڻي سگهبا آهن ۽ انهن جو اسان جي سماج سان گهرو واسطو آهي، جهڙوڪ موئن جو دڙو، اجرڪ، ٽوپي، پوتي، پردو، لڄ، شرم، ادب ۽ اخلاق اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ شامل آهن ۽ اسان انهن سان دنيا ۾ سڃاتا وڃون ٿا، تڏهن ئي ته اي پيارا ٻارو پروين صاحب اخلاقي قدرن جي اهميت کي سمجهندي ۽ پرکيندي انهن مضمونن کي ڪتاب جي زينت بڻايو آهي.
اهڙيءَ طرح اوڻيهين مضمون کان ويندي ستاويهين مضمون تائين جن ۾ روحانيت، علم ڇا آهي، علم لازوال دولت، تعليم سڀني لاءِ، استاد قوم جا معمار آهن.
عظيم رتبو استاد جو استاد بنا نه انسان،
پڙهائي پيار منجهان بڻائيندو آهي مهان،
ڪهڙو هن قلم رستي هي فقير ڪري بيان،
علم جي نور سان ڪندو روشن آهي جهان،
اڄ به منهنجو آستان، استاد سبب اجرو آ.
شاگرد استاد جي قدمن مان اڀري ٿو، شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا فائدا، ڪتاب دنيا جي عظيم ترين سوغات آهن جهڙا انمول ۽ ڪارائتا مضمون آهن، جن جو مطالعو ڪرڻ سان هر ٻار خود کي مٽيءَ منجهان سون ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
علم ادب جي حوالي سان سانئڻ ڊاڪٽر پروين جو هر عمر جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب اخلاقي قدر، جنهن تي وس آهر مختصر ڪري لکيو اٿم ته جيئن پڙهندڙن کي سولائي سان سمجھه ۾ اچي، انهيءَ ڪري هر مضمون جو مختصر اڀياس لکيو اٿم، باقي جي هن ڪتاب تي باريڪ بيني سان لکبو ته هر مضمون لاءِ هڪ الڳ ئي ڪتاب لکڻو پوندو، سو اميد ٿي ڪجي ته اسان جي سنڌ جا ٻار هن ڪتاب منجهان ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجو مستقبل روشن مستقبل بڻائيندا.