ٽرائل ڪورٽ جي جج ابو الحسنات سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 10/10 سال سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. اها سزا متوقع هئي، جهڙي نموني سان جيل ٽرائل هلي رهيو هو. روزانه جي بنياد تي ٻڌڻيون ٿي رهيون هيون. انهيءَ مان اها ڳالهه واضح هئي ته ڪنهن به صورت ۾ سزا ضرور ڏني ويندي. هي اهو ئي سائفر آهي جنهن کي مارچ 2022 ۾ هڪ جلسي دوران عمران خان هوا ۾ لهرايو هو. شايد هن کي اها خبر نه هئي ته انهي جو انت سندس سزا جي صورت ۾ سامهون ايندو.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي غلطين تي لکجي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. 2018 ۾ عمران خان ڪيئن آيو؟ وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان حڪومت ڪيئن هلائي؟ اپوزيشن سان سندس رويو ڪيترو نفرت ۽ ڌڪار وارو رهيو؟ اپوزيشن سان ويهڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيو. انهي کان پهرين جيڪي هن کي لاڏلو بڻائي حڪومت جي ايوانن ۾ وٺي آيا هئا. ٿوري وقت جي اندر انهن سان ئي جهيڙو شروع ڪري ڏنائين، جنهن جي نتيجي ۾ کيس حڪومت تان هٿ کڻڻو پيو. سزا جو هي عمل شروعات سمجهجي ٿي، ڇو ته توشاخانه ڪيس، القادر ٽرسٽ وارا ڪيس اڃا هلي رهيا آهن، انهن ۾ به يقينن هنن کي سزا ايندي.
هڪ سياستدان جي حيثيت سان عمران خان ڪڏهن به سياست نه ڪئي ۽ هو ٻين جي هٿن ۾ کيڏندو رهيو. جڏهن سندس حڪومت کي آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو هو ته هن غير آئيني طريقو استعمال ڪري عدم اعتماد جي تحريڪ کي پيش ٿيڻ نه ڏنو هو. جنهن کي پوءِ ان وقت جي بنديال ڪورٽ فيصلو ڏئي عدم اعتماد جي رٿ کي پيش ڪرايو هو، وري جڏهن کيس اپوزيشن ۾ ويهڻ جو موقعو مليو ته نه ويٺو ۽ ايوان مان استعفيٰ ڏئي ٻاهر اچي ويو. جيڪڏهن ايوان اندر ويهي ها ته هڪ مضبوط اپوزيشن ليڊر جي روپ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي سگهي ها، هو ائين به نه ڪري سگهيو. ان کانپوءِ پنجاب جي حڪومت هٿ وٺي ختم ڪرڻ، ڪي پي ڪي جي حڪومت هٿ وٺي ختم ڪرڻ ۽ آخر ۾ 9 مئي جو واقعو ڪرائڻ هن جون وڏي ۾ وڏيون سياسي غلطيون هيون.
اسانجي ملڪ ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ سياستدان کي طاقتور حلقا حڪومت ڏين ۽ اهو سياستدان انهن طاقتور حلقن سان ئي جهيڙو جوٽي بيهي رهي، ان سان ته ائين ٿيندو آهي جيئن عمران خان سان ٿي رهيو آهي. عمران جي سياست ۾ نفرت ۽ ڌڪار جو عنصر نمايان هو ۽ هن اها ئي تربيت پنهنجي نوجوان ورڪرن جي ڪئي، جن وٽ به مخالف جي لاءِ سواءِ گارگند ۽ نفرت جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. ڪيس ڪيئن هليو، شاهد ڪيئن مئنيج ٿيا، جرح ڪيئن ٿي، اها ته اسانجي ڪورٽن جي انصاف جي تاريخ جو تسلسل آهي. ڏاڍي سان ڦٽائڻ کانپوءِ انصاف جي توقع رکڻ جي اميد گهٽ ڪرڻ گهرجي اها ئي اسانجي ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي.
هتي ڪجهه سوال پيدا ٿين ٿا ته عمران خان کي آڻڻ وارا، عمران خان کي حڪومت ڏيڻ وارا، عمران جي حڪومت هلائڻ وارا ڇا انهن کي ڪڏهن اهڙي قسم جي سزا ايندي؟ ائين ڇو آهي ته اسان وٽ سزا هميشه سياستدانن کي ملي ٿي؟ اهو ذوالفقار علي ڀٽو هجي، آصف علي زرداري هجي، ميان نواز شريف هجي يا عمران خان هجي. ڪڏهن هنن سياستدانن پاڻ ۾ ويهي اهو سوچيو آهي، جيڪڏهن نه سوچيو آهي ته جيستائين سياستدانن جي ذهن ۾ اها سوچ نه ايندي تيستائين پنهنجي واري واري سان هر سياستدان سزا کائيندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به کائيندو رهندو.
هاڻي انهيءَ جو انت اچڻ کپي. سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويهي هڪ فيصلو ضرور ڪن ته سياست کي نفرت جي بنياد تي نه هلائبو، حڪومت ۾ اچڻ جي لاءِ طاقتورن جو سهارو نه وٺبو ۽ هڪ ٻئي جي سياسي مخالفت ڪبي نه ڪي ذاتي مخالفت، پاڪستان هاڻي نون تجربن ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي انهيءَ ڪري سڀني حلقن کي عقل کان ڪم وٺڻو پوندو، خاص طور تي سياستدانن کي ڇو ته لٺ آخر ۾ سياستدانن جي ئي مٿي ۾ لڳندي رهي آهي ۽ جيڪڏهن سندن عمل ساڳيو رهيو ته لٺ انهن جي ئي مٿي ۾ لڳندي رهندي.