پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي جدوجهد 1994ع کان جاري آهي. هن وقت ملڪ ۾ 400,000 پوليو اهلڪار پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن پروگرام کي دنيا جي سڀ کان وڏي نگرانيءَ جي نظام تحت هلايو ٿو وڃي. نه صرف ايترو، پر معياري نيٽورڪ، تجزيي، جديد ترين ليبارٽرين، وبائي مرضن جي بهترين ماهرن ۽ پاڪستان کان علاوه سڄي دنيا ۾ پبلڪ هيلٿ جي نمايان ماهرن جون خدمتون به حاصل آهن. پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا ڪنهن به ڪمزور شخص کي منتقل ٿي سگهي ٿي. جيئن ته ننڍو ٻار تمام گهڻو ڪمزور هوندو آهي ان جي جسم ۾ بيمارين سان وڙهڻ واري سگهه گهٽ هجڻ جي ڪري هن بيماريءَ جو حملو ٻار جي اعصابي نظام کي متاثر ڪندو آهي. هيءَ بيماري هڪ لا علاج بيماري آهي، جنهن جو شڪار ڪو بالغ يا پوڙهو شخص به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان جو تعلق عمر سان نه، پر اسان جي جسم جي قوت مدافعت سان آهي. پوليو جو وائرس هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين منتقل ٿيندو آهي، جيڪو متاثر ٿيل ماڻهوءَ جي دماغ ۽ ان جي ڪرنگهي جي هڏيءَ تي اثر انداز ٿيندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي فالج جو شڪار ڪري ڇڏيندو آهي.
1998ع تائين پوليو تقريبن دنيا جي سڀني ملڪن ۾ موجود هو ۽ آفريقا کنڊ ۾ سڀني ملڪن کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ماڻهو موجود هئا. 2011ع ۾ ڀارت کي پوليو فري ملڪ قرار ڏنو ويو. 2014ع ۾ نائيجريا به پوليو فري ٿي چڪو. هن وقت شرم جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جيڪي پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته 2025ع جي شروع ٿيڻ کانپوءِ ٺٽي ضلعي مان پوليو جو ڇهون ڪيس سامهون آيو آهي. جڏهن ته 2024ع ۾ 74 ڪيس سامهون آيا، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. جڏهن ته 1994ع کان وٺي پاڪستان ۾ پوليو تي مسلسل ڪم ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ پوليو جي ختم نه ٿيڻ جا ٻيا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ هڪڙو وڏو سبب پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو مختلف شهرن ۾ هجڻ جي ڪري پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ به آهي. افغان پناهگير جتي ثقافتي ۽ مذهبي سببن جي ڪري ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا اتي پوليو ورڪر جڏهن وڃن ٿا ته انهن جي مٿان حملا ڪري انهن جون زندگيون به وٺڻ کان دير نٿا ڪن، جنهن جي ڪري ڪيترائي پوليو اهلڪار اهڙن علائقن ۾ وڃڻ کان لنوائين ٿا جتي مختلف اهڙا گروهه رهن ٿا جيڪي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا. هيستائين لڳ ڀڳ 200 کان وڌيڪ پوليو اهلڪار پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. پاڪستان ۾ پوليو جي ڦڙن جي باري ۾ غلط افواهون پکڙيل آهن ته انهن ڦڙن پيارڻ جي ڪري سندن ٻار مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندا يا خاص طور تي اهي ڦڙا سندن ٻارن جي اڳيان هلي پيدائشي عمل کي متاثر ڪندا. ڇو ته ماضيءَ ۾ سي آءِ اي جي هڪ هٿرادي وئڪسينيشن ڪئمپين هلڻ جي ڪري به ماڻهن جي ذهنن تي ان مهم جي خلاف نڪاري اثر پيل آهن. ان کان علاوه به ڪجهه مسئلا آهن جنهن ۾ پوليو جا ڦڙا جڏهن ڏورانهن علائقن تائين پهچايا وڃن ٿا ته انهن کي درست نموني سان حفاظتي انداز ۾ نٿو کنيو وڃي ۽ دوا پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿي. انهن سڀني مجبورين ۽ رنڊڪن جي باوجود رياست پاڪستان ۽ وقت جون حڪومتون هن پروگرام کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر ان جي باوجود هي پروگرام اڃان تائين ناڪاميءَ جو شڪار نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ان پروگرام جي ناڪامي نه صرف پاڪستان جي ٻارن جي لاءِ هڪ خطرو آهي بلڪه اهو خطرو پوري دنيا جي لاءِ به آهي.
ان جي لاءِ ضروري آهي ته عوام جي اندر مثبت آگاهي جو پروگرام موثر طريقي سان هلايو وڃي ۽ انهن جاين تي جتي ماڻهو مذهبي يا ثقافتي طور تي پنهنجن ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا انهن جي ذهنن ۾ جيڪي خدشا آهن انهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڪميونٽي کي هڪٻئي سان ڳنڍي سجاڳي پيدا ڪئي وڃي، پوليو اهلڪارن کي وڌيڪ تحفظ ڏيئي اهڙين جاين تي موڪليو وڃي جتي سندن جان کي خطرو آهي ۽ ڦڙن جي لاجسٽڪ کي اڃان وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ بهتر سهولتون پيدا ڪيون وڃن. ڇو ته هن پروگرام کي هاڻي ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ وڌيڪ دير نه ٿيڻ کپي، ڇو ته هن بيماري جو شڪار ٻار سڄي زندگي هڪ اپاهج واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، ان لاءِ ضروري آهي ته انهن ٻارن کي اپاهج ٿيڻ کان پهرين اهي ڦڙا پياري انهن جي زندگيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه تي به توجهه ڏيڻ کپي ته سنڌ ۾ جيڪي افغاني پناهگير ويٺل آهن انهن کي انهن جي ملڪ پهچائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي، انهن کي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان ڪڍي ڪئمپن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٽڙيل پکڙيل ماڻهو ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ ٿيل هجن ۽ انهن کي اتان کان سندن ملڪ روانو ڪيو وڃي. جيستائين انهن سڀني شين تي گڏيل طور تي عمل نه ٿيندو تيستائين اهو ممڪن ڪونهي ته اسان جي ملڪ مان پوليو جو خاتمو ٿي سگهي.