بلاگنئون ٻارن لاءِ سائنس فڪشن ڪھاڻي: سارنگ August 12, 2024 Zahida Abro رات اٺين وڳي جو وقت ھو. شھر جي ھڪ مشھور علائقي جي پنج ماڙ عمارت جي ڇت تي ڪا چُرپُر ٿي رھي ھئي. اُھو زبير ھو، جيڪو پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ تي اونڌو ليٽيو پيو ھو. زبير، سامهون ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي واري ستَ ماڙ عمارت ڏانھن، رات جو به چٽو ڏيکارڻ واري (Night Vision) دوربين وسيلي نھاري رھيو ھو.کاتي جي ان عمارت ۾ انسانَ جيان لڳندڙ مشيني ماڻهن ( Humanoid Robots) بابت تحقيق جو شعبو قائم ھو. زبير ۽ سندس ساٿين، مشھور سائنسدان ڊاڪٽر نصرالله کي اغوا ڪرڻ پئي چاھيو. جيڪو مشيني ماڻهن (Robots) بابت سائنس جو ڄاڻو ھو ۽ تازو ئي ھنَ بابت ھُلَ پئي ھليا ته ڊاڪٽر نصرالله ڪو خاص قسم جو مشيني ماڻهو ايجاد ڪيو آھي جيڪو ڪنھن موتمار ھٿيار کان گهٽ ناھي. انَ ڪري ھڪَ دشمن ملڪَ جا ڪنَ اُڀا ٿي ويا ھئا. جنھن اھا ايجاد حاصل ڪرڻ پئي چاھي. ان دشمن ملڪ بدنام ڏوھاري زبيرَ سان رابطو ڪري کيس جَهجهن ڏوڪڙن عيوض ڊاڪٽر نصرالله کان ان ايجاد جي ٽيڪنالاجي ھٿ ڪرڻ لاءِ چيو ھو. پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ زبير اھو ڪُڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تُرت تيار ٿي ويو ھو. ڊاڪٽر نصرالله جي اغوا جو مقصد به اھو ھو ته کانئس ان ايجاد جو فارمولو ۽ ٻِي ڄاڻ حاصل ڪجي. ڏوھاري ڪيترن ئي ڏينھن کان ڊاڪٽر نصرالله جي ڪڍَ ھئا. ڪجهه دير کانپوءِ ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري آفيس جو مُک وڏو درُ کليو ۽ ڊاڪٽر نصرالله جي اڇي رنگ واري گاڏي ٻاھر نڪري ھڪ پاسي رواني ٿي وئي. گاڏيءَ ۾ ڊاڪٽر نصرالله ۽ سارنگ کان سواءِ ٻه مُحافظَ به ھئا. زبير تڪڙ ۾ پنھنجي ڀرسان ئي پٽَ تي رکيل موبائل کنيو ۽ ان تي ڳُجهو سَنِيھو (Message) لکيو “ھمراھه گهر اچي پيو.” سُتت ئي کيس، پنھنجي خاص ماڻهو محمود پاران وراڻي ملي ته “ٻڌائڻ جي مھرباني.” زبير ڊگهو ساھه کڻي اٿي بيٺو ۽ پنھنجو سامان سھيڙي ھيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين واري پاسي ھلڻ لڳو. کيس پڪ ھئي ته سندس ساٿي ڊاڪٽر نصرالله جي گهرَ ۾ داخل ٿي کيس اغوا ڪري، ڳُجهي ٺِڪاڻي تي ضرور پھچائيندا. ڊاڪٽر نصرالله جي گاڏي سندس گهرَ جي مک گيٽ آڏو بيٺي ته ساڻس گڏ ويٺل سرڪاري محافظ تڪڙ ۾ گاڏيءَ مان لھي ويا. جن کي ڏسي در وٽ بيٺل محافظن در کوليو ۽ ڊاڪٽر جي گاڏي اندر ھلي آئي. ڊاڪٽر نصرالله جي گهر جي اندرين حصي ۾ وڃڻَ جي ٺيڪ پندرھن منٽن کان پوءِ، سندس گهرَ جي ويڪري اڱڻ ۾ لڳل انبَ جي گهاٽي وڻَ مان ٻه ڄڻا ھيٺ لھي آيا. سجَ لھڻ کان پوءِ ستت ئي ھُو ٻئي ڊاڪٽر نصرالله جي گهر ۾ گهڙي، وڻَ تي اچي لڪيا ھئا. کين منھن تي ٻوٿاڙا (نقاب) ۽ ڪاري رنگ جي پينٽ شرٽ پاتل ھئي. در جي اندرين پاسي ويٺل محافظن کان بچڻ لاءِ ھو اڱڻَ جي اونداھن ڀاڱن مان گذرندا تڪڙ ۾ ھڪ ٺُلَ جي اوٽ ۾ بيھي رھيا. ھنن جي ھٿن ۾ موتمار ھٿيار ھئا. جلد ئي ھنن ھڪ ٻئي کي ڪجهه اشارا ڪيا ۽ ڏاڍي خبرداريءَ سان گهر جي اندرين ڀاڱي ۾ گهڙي ويا. ھو ٻئي ڄڻا زبير جي ڏوھاري گروهه جا ماڻهو محمود ۽ رفيق ھئا. کين پنھنجي ڪمَ بابت ڀليءَ ڀت ڄاڻ ھئي. اندر پھچندي ئي کين ھڪ پاسي کان ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ھُو ھوشياريءَ سان ھلندا انَ پاسي وڌيا. اھو ھڪ ھالَ جھڙو ڪمرو ھو. جنھن ۾ ڀت سان وڏا ٽي صوفا ۽ ٻه ڪٻٽ رکيل ھئا. صوفن جي آڏو ئي کاڌي کائڻ واري ڊگهي ميز ھئي. ميز جي چؤڦير ڪرسيون پڻ رکيل ھيون. ڀتين تي قدرتي ڏيکن ۽ گهرَ ڀاتين جون تصويرون ۽ پنجاھه انچ اسڪرين واري ايل اِي ڊي ٽي وي پڻ لڳلَ ھئي. ڪرسين تي ٻه پندرھن کن ورھين جا ڇوڪرا ويٺا ھئا. ڇوڪرن تي نِھار پوندي ئي محمود ۽ رفيق جا وات پٽجي ويا. ٻئي ڇوڪرا ڏسڻ ۾ صفا ھڪ جھڙا ھئا. سندن شڪل توڙي ڪپڙن ۾ ڪو به تفاوت ڪو نه ھو. “ڇا توهان جاڙا آھيو؟” محمود جي وات مان پاڻ مرادو نڪري ويو. ٻئي ڇوڪرا، کانئن ڊڄڻَ بدران کين ڏسي مرڪڻَ لڳا. “نه.” ٻنهي ڏوھارين جي پويان ھڪ آواز آيو. ٻنهي کان ڇرڪ ڇڏائجي ويو. ھو تڪڙ ۾ مڙيا ۽ ھٿن ۾ جهليل ھٿيار سڌا ڪري ڇڏيا. سندن آڏو ڊاڪٽر نصرالله بيٺل ھو. ڊاڪٽر جي ھٿن ۾ ھڪ ڊِشُ ھو. جنھن ۾ ٻوڙ ماني ۽ پاڻيءَ جو جَڳُ رکيل ھو. ٻئي ڄڻا اچرج وچان ڊاڪٽر نصرالله ڏانھن ڏسڻ لڳا. ٻن اوپرن ماڻهن ۽ ڀوائتن ھٿيارن کي ڏسي به ڊاڪٽر توڙي ڇوڪرن جي مُنھَنِ تي ڪو ڊپ ڪو نه ھو. ڊاڪٽر نصرالله ھنن ٻنهي جي ڀرسان لنگهي ميز تائين پھتو ۽ ڇوڪرن آڏو ڊش رکي ڇڏيائين. “ڇا مان به کانوان؟” ھڪ ڇوڪري ڊاڪٽر کان پڇيو. “تون پنھنجو ڪم ڪر.” ڊاڪٽر مرڪندي وراڻيو. “اھو ته ڪري به ڇڏيم.” ڇوڪري چيو. “ڏسون ٿا ته صحيح ڪيو اٿئي يا نه؟ تون ماني شروع ڪر ثَمر پٽ تنھنجي ماءُ ۽ وڏا ڀيڻ ڀاءُ ته تنھنجي چاچي جي گهران کائي ايندا. تون به جيڪر وڃين ھا.” ڊاڪٽر نصرالله پنھنجي پٽ آڏو خالي پليٽ رکندي چيو. “بابا مون کي “سارنگ” سان ملڻو ھو.” ثمرَ، ڀرسان ويٺل ڇوڪري ڏانھن نھاريندي وراڻيو. “او ھيلو ڊاڪٽر صاحب. ھتي اسان به بيٺا آھيون. ڇا توھان کي اسان کان ڊپ ڪو به پيو ٿئي؟” محمود، ھٿ ۾ جهليل ھٿيار لوڏيندي ڪجهه ڪاوڙ وچان چيو. “ڊڄندو ته مان رڳو الله کان آھيان. باقي توھان وٽ ڏھه منٽ کن اٿوَ. جيڪو چوڻو اٿوَ چئي وٺو.” ڊاڪٽر ٻوڙ پنھنجي پليٽ ۾ چمچي سان ڪڍندي چيو. “اسان توکي کڻڻ آيا آھيون ته جيئن تو کان تنھنجي تازي ايجاد ڪيل ھٿيارَ جو فارمولو ھٿ ڪري سگهون.” رفيق تيز آواز ۾ چيو. “ھھھھه…” ڊاڪٽر نصرالله ھلڪڙو ٽھڪ ڏنو ۽ چَٿرَ (ٽوڪَ) وچان محمود ڏانھن نِھاريو. “کاڌو کائڻ بس ڪر ۽ اسان سان گڏ ھل، نه ته تنھنجن پُٽن کي اماڻيون ٿا الله ڏانھن.” محمود چِڙَ مان چيو. “ھنن رانديڪن سان تون ماڻهو ته ٺھيو پر مَک به نٿو ماري سگهين ۽ ٻي ڳالهه ته ڊاڪٽر نصرالله جو پٽ ثمر عبدالله آھي، مان نه.” سارنگ چيو. “ته پوءِ تون ھلي پَئه. تنھنجي ھتي ڪا گهرج ناھي.” اھو چئي محمود پنھنجي ھٿيار جو منھن سارنگ ڏانھن ڪيو ۽ بنا ڪنھن دير جي گهوڙو (Trigger) دٻائي ڇڏِيو. ھٿيار مان گوليءَ بدران “ٺِڙڪ…ٺِڙڪ” جو آواز آيو. “ھي ڇا؟” محمود اچرج وچان ھٿ ۾ جهليل ھٿيار کي ڏسڻ لڳو. “شاباس سارنگ.” ڊاڪٽر نصرالله سرھائيءَ وچان چيو ۽ مرڪندي ثمرَ ڏانھن ڏٺو. “ھھھھه… زبردست بابا.” ثمرَ ٽھڪ ڏيندي چيو. “متان نه مڃين پٽَ.” ڊاڪٽر وراڻيو. “وائڙا تون ڇا پيو ڏسين. ھلاءِ گولي. مون واري ھٿيار کي الائجي ڇا ٿيو آھي؟” محمود جَک کائيندي چيو. اھو ٻڌي رفيق به سارنگ ڏانھن گولي ھلائي. “ٺِڙڪ…ٺِڙڪ” رفيق جي ھٿيار مان به ساڳيو آواز آيو. “اسان جي ھٿيارن کي ڇا ٿيو آھي. صفا نوان آھن.” رفيق بيوقوفن جيان چيو. “لڳي ٿو ته اوھان ڦُرجي ويا آھيو. نقلي مالُ مليو اٿوَ.” ثمرَ، ڀوڳ وچان چيو. “معنيٰ اغوا ڪندڙَ پاڻَ ڦُرجي ويا.” ڊاڪٽر نصرالله چيو. “جي بابا سائين.” ثمر وراڻيو. “ڇڏ ھٿيارن کي، ان کان اڳ جو ڪو اچي وڃي ڊاڪٽر کي ھٿيڪو ڪر ته نڪري ھلون.” محمود پريشانيءَ وچان چيو ۽ ماني کائيندڙ ڊاڪٽر نصرالله ڏانھن وڌيو. “۽ ان کان اڳ جو اوھان ٻئي ڪو گند ڪيو اچي ھي وٺو.” سارنگ ٽپ ڏئي اٿي بيھندي چيو ۽ پنھنجي ھڪ آڱر ٻنهي ڏانھن اُڀي ڪري ڇڏي. “ڊوز ھلڪو رکجانءِ سارنگ. اجهو ڊي ايس پي صاحب به پھتو.” ڊاڪٽر نصرالله ڪُڪڙ جي ٻوٽي کڻندي چيو. “رڳو ڏيڍ ملي لٽر جو ڊوز آھي سَر.” سارنگ وراڻيو. سارنگ پنھنجي آڱر کي جهٽڪو ڏنو. ھلڪڙو آواز ٿيو ۽ ٻئي ڏوھاري پنھنجو پنھنجو ڪُلهو پڪڙي ھٿيارن سوڌو ھيٺ ڪري پيا. “واھه سارنگ.مزو اچي ويو.” ثمرَ ٻيھر ٽھڪ ڏيندي چيو. محمود ۽ رفيق بي سَتا ھيٺ پئجي رھيا. ھو ھوش ۾ ته ھئا پر اڌ رنگ جي مريض جيان ڪا به چر پر ڪرڻ کان لاچار ھئا.کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سندن ڪلهن ۾ ڪھڙي شئي اچي چُڀي ھئي، جنھن کين ڊاھي وڌو ھو. سارنگ وري پنھنجي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. جيئن ئي ڊاڪٽر نصرالله ۽ ثمر ماني پوري ڪئي تيئن ئي ڊي ايس پي به پوليس سان گڏ پھچي ويو. “ڊاڪٽر نصرالله نئين ايجاد جي پَرکَ(Test) جون واڌايون. تون اسان جو سرمايو آھين منھنجا دوستَ.” ڊي ايس پي شفيق احمد، ھيٺ ڪِريل ڏوھارين ڏانھن ڏسندي چيو. “مان ۽ ثمرَ، سارنگ جي پرک لاءِ ڪو طريقو پئي سوچيوسين. ھنن ٻنهي اچي اسان کي مٿو ھڻڻ کان بچائي ورتو. سِي سِي ٽي وي ڪئميرا ۾ ھي سڀ رڪارڊ به ٿي ويو آھي. مون کي پڪ آھي ته، اھو سڀ ڏسي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارا منھنجي ھن ايجاد جي منظوري ڏئي ڇڏيندا ۽ سارنگ توھان جھڙن بھادر محافظن سان گڏ ملڪ جي ھر اسڪول ۾ ٻارن جي بچاءَ لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪندو.” ڊاڪٽر نصرالله چؤڦير لڳل ڳجهين ڪئميرائن ڏانھن اشارو ڪندي چيو. “انشاءَالله ايئن ئي ٿيندو.” ڊي ايس پيءَ وراڻيو. پوءِ ھن پنھنجن سپاھين کي ٻنهي ڏوھارين کي کڻي ھلڻ جو اشارو ڪيو. “سارنگُ منھنجو پٽ نه، انسان جيان لڳندڙ مشيني ماڻهو آھي. جنھن جي مشيني بُتَ مٿان رٻڙَ جھڙي عنصر سِليڪون (Silicon) جو تَھه چڙھيل آھي. ثمر جي چوڻ تي مون سارنگ جي شڪل، ثمرَ جھڙي رکي آھي. ھنَ ئي اوھان جي ھٿيارن کي بيڪار ۽ اوھان کي بُتَن ۾ سُئي فائر ڪري ڪلاڪُ کنَ لاءِ ھِيڻو (ڪمزور) ڪيو. سارنگ جي ايجاد جو مقصد، اسڪولن ۾ ٻارن کي دهشتگرديءَ جھڙن واقعن جو شڪار ٿيڻ کان روڪڻ آھي ته جيئن ٻالڪَ سڪونَ سان علم پرائي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پنھنجو ھاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهن. اميد ته توھان جي گرفتاريءَ سان توھان جا مالڪَ اھو سمجهي ويندا ته سارنگُ ڪو ھٿيارُ نه پرَ ھٿيارن کي روڪڻ لاءِ ھڪ “بَچاءُ”ُ آھي.” ڊاڪٽر نصرالله محمود ۽ رفيق جي ويجهو وڃي چيو. محمود ۽ رفيق تڪڙ ۾ اکيون ايئن ٻُوٽي ڇڏيون ڄڻ ته بيھوش ٿي ويا ھجن. *** Post Views: 262