بلاگنئون

“برڪس” اندروني تڪرارن جو شڪار

برڪس، جيڪو پنجن اهم ترقي يافته ملڪن برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل هڪ گروپ آهي، اڄ جي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن گروپ جو قيام 2009ع ۾ عمل ۾ آيو. جڏهن ته 2010ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي شموليت کانپوءِ ان کي مڪمل طور “برڪس” جي نالي سان سڃاتو ويو. هن اتحاد جو بنيادي مقصد مغربي بالادستي کي للڪارڻ ۽ هڪ گهڻ رُخ عالمي نظام جو قيام آهي، پر هن گروپ جي اندر ڀارت جي حيثيت تازو تڪرارن جو سبب بڻجي آهي، جتي کيس آمريڪا ۽ اسرائيل جو “ٽروجن هارس” سڏيو پيو وڃي.

ڀارت کي “ٽروجن هارس” ڇو سڏيو پيو وڃي؟

ڀارت بابت هي تاثر ڇو اڀريو آهي ته هو برڪس جي اندر آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي؟ ان جي بنيادي سببن ۾ ڀارت جا انهن ٻنهي ملڪن سان ويجها سفارتي، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپا آهن. ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري خاص ڪري دفاعي شعبي ۾، برڪس جي ٻين ميمبرن جهڙوڪ: چين ۽ روس لاءِ فڪر جو باعث آهي. اهڙيءَ ريت، ڀارت جي اسرائيل سان ويجهي قربت، خاص ڪري غزه واري تڪرار دوران اسرائيل جي کليل حمايت، برڪس جي باقي ملڪن جي موقف کان مختلف آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هي صورتحال گروپ جي اندر اندروني ورڇ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته برڪس جو بنيادي مقصد مغرب جي مقابلي ۾ گڏيل آواز بلند ڪرڻ آهي.

برڪس ڇو اهم آهي؟:

برڪس جي تصور جو بنياد 2001ع ۾ گولڊمين ساڪس جي ماهر جِم او نيل طرفان پيش ڪيل هڪ نظريي تي پيو، جنهن ۾ هن اڳڪٿي ڪئي هئي ته برازيل، روس، ڀارت ۽ چين عالمي معيشت جا وڏا ستون بڻبا. اڄ برڪس دنيا جي مجموعي GDP جو لڳ ڀڳ 37 سيڪڙو حصو رکي ٿو ۽ دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جي نمائندگي ڪري ٿو. 2024ع ۾ جڏهن ايران، سعودي عرب ۽ مصر جهڙا نوان ملڪ شامل ٿيڻ شروع ٿيا ته ان جي طاقت ۾ وڌيڪ واڌارو آيو. مغربي ملڪ، خاص ڪري آمريڪا، برڪس جي هن وڌندڙ اثر کان پريشان آهن، ڇو ته هي سندن عالمي اجاراداري لاءِ هڪ چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

برڪس جي ترقي ۽ توسيع عالمي سطح تي ڪيترين اهم تبديلين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. “مغربي بالادستي جو خاتمو” برڪس هڪ اهڙي دنيا طرف وڌي رهيو آهي، جتي طاقت صرف يورپي يا آمريڪي هٿن ۾ نه رهندي. برڪس اهڙين پاليسين جي حمايت ڪري ٿو، جن سان عالمي ادارن ۾ غريب ۽ ترقي پذير ملڪن جي نمائندگي وڌي. “ڊالر جي اجاراداري کي للڪار” برڪس جا ميمبر پنهنجي ڪرنسيز ۾ واپار کي هٿي ڏئي رهيا آهن، جيڪو عالمي مالي نظام ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو، پر ان سان گڏ نوان چئلينج به پيدا ٿين ٿا. جيئن ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اڳ ئي موجود تڪرار، برڪس جي اندر به سياسي بيچيني پيدا ڪري سگهن ٿا.

برڪس وٽ اها صلاحيت آهي ته هو عالمي طاقت جي توازن کي تبديل ڪري، پر ڀارت جهڙن ملڪن جي اندروني پاليسين ۽ لاڳاپن سبب ان جي اتحاد ۾ ڏارون پئجي سگهن ٿيون. ڀارت کي “ٽروجن هارس” چوڻ رڳو تنقيد نه، پر برڪس جي مستقبل لاءِ هڪ سنجيده سوال آهي. ڇا هي گروپ متحد رهي مغربي بالادستي کي للڪاري سگهندو يا اندروني اختلاف ان کي ناڪام بڻائيندا؟ ان جو جواب وقت ئي ڏيندو.