ڪمپيوٽر جي مائوس کان به ننڍا ڊرون هاڻي آمريڪي فوج جو حصو بڻجندا
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي اڄڪلهه پوريون لائبريريون هڪ يو ايس بي ۾ اچي سگهن ٿيون. اهڙي دور ۾ آمريڪي فوج هڪ مائوس کان به ننڍو ڊرون تيار ڪري ورتو آهي. هن قسم جو ڊرون ٺاهڻ لاءِ مختلف سالن کان ڪوشش ٿي رهي هئي پر هاڻي ان ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وئي آهي ۽ بليڪ هارنيٽ ٿري نالي سان ڊرون ايجاد ٿي ويو آهي. بليڪ هارنيٽ ٿري ڊرون کي هاڻي آمريڪي فوج جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي فوج ان ڊرون کي ايندڙ سال پريس ۾ ٿيندڙ دفاعي نمائش ۾ پيش ڪندي. هي ڊرون دشمن جي سرگرمي تي نظر رکڻ لاءِ اهم هٿيار ثابت ٿيندو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي ننڍو ڊرون هيلي ڪاپٽر جي شڪل ۾ ٺاهيو ويو آهي اهو پرن ذريعي اڏامندو. هي ڊرون دشمن جي نظرن کان لڪل رهندو ۽ انهن مٿان اڏام ڪندي دشمن جا وڊيو ٺاهي موڪليندو، جنهن جي بنياد تي آمريڪي فوج پيش قدمي ڪري سگهندي.
آمريڪا جي فوج هٿان استعمال ٿيندڙ پراڻا ڊرون


