ايڊيٽوريلنئون

ٽرمپ جي جنگ مخالف پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ۽ آمريڪي عوام سان دوکو

صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن پنهنجي چونڊ مهم ان ڳالهه تي هلائي ته “سڀ کان پهرين آمريڪا” مطلب ته آمريڪا جو عوام ۽ سندن مفاد جنهن ۾ نه صرف معاشي مفادن جي ڳالهه ڪئي وئي، بلڪه جنگين جي خلاف آواز اٿاريو ته هاڻي آمريڪا ٻئي ڪنهن به ملڪ جي مٿان حملو نه ڪندو ۽ ري پبلڪن پارٽي جنهن جو اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ هو، چونڊجي آمريڪا جو صدر بڻجي ويو، پر ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ سندس پرڏيهي پاليسي جيڪا جنگ مخالف هئي يا ائين کڻي چئي سگهجي ٿو ته چونڊن جي دوران سندس واعدا اهي هئا ته هو جن مخالف آهي ۽ سندس مهم انهن لفظن تي ٻڌل هئي، اها هڪدم تبديل ٿي وئي.

ڇو ته هن پنهنجي مهم جي دوران اها ڳالهه ڪئي ته هو ٻين ملڪن جي معاملن کي نظر انداز ڪندا ۽ اڻ کٽ جنگين ۾ پنهنجي ٽنگ نه اڙائيندا ۽ سندس پارٽي چونڊجي اچڻ کانپوءِ آمريڪا جي اندروني معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ هو اڪثر چوندو رهندو هو ته هو واحد آمريڪي صدر آهي، جنهن ڪا جنگ شروع نه ڪئي آهي، پر ڪيترائي تجزيه نگار سندس ان بيان تي تنقيد ڪندي چون ٿا ته سندس عمل سندس لفظن جي ابتڙ آهي. هن حڪومت ۾ ايندي ئي پنهنجن واعدن جي خلاف ورزي ڪندي سندس انتظاميه هڪڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن ايران کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ هن سڌو سنئون اسرائيل جي حق ۾ ايران جي مٿان ڊرون حملا ڪيا ۽ ميزائيل حملا ڪيا.

آمريڪا جي پٺڀرائي جي سبب اسرائيل ايران جي مٿان حملا ڪري ڇهه سائنسدان ۽ ٽي جنرل ماري ڇڏيا. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجن واعدن کي وفا نه ڪندي آمريڪا کي ڄڻ هڪ نئين جنگ ۾ زوري ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل سان گڏجي آمريڪا بين الاقوامي قانونن ۽  اقوام متحده جي چارٽرن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ خطي ۾ هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي آهي جيڪا تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

جيئن ئي آمريڪي جنگي جهازن فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايراني جوهري جاين کي نشانو بڻايو ان وقت دنيا ڊونلڊ ٽرمپ جي ڍونگي بيانن کي سمجهي وئي ۽ کيس تاريخ ۾ هڪ دوکيباز آمريڪي صدر جي طور تي سڃاتو ويندو. نه صرف ايترو بلڪه هن وقت اهي ماڻهو به شرمندگي محسوس ڪندا هوندا، جن ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوڙن واعدن تي ڀروسو ڪري کيس ووٽ ڏئي آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جو طاقتور صدر بڻائي آمريڪا کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي.

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آمريڪي حملن کي خطي ۾ پهرين کان موجود ڇڪتاڻ کي خطرناڪ حد تائين وڌائڻ ۽ خطرناڪ حد تائين بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. جيتوڻيڪ ايران کي پنهنجي دشمنن جي نفسيات جي چڱيءَ طرح سان ڄاڻ هئي ان ڪري هن پنهنجا جوهري اثاثا انهن جاين تان منتقل ڪري محفوظ جاين تي موڪلڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو آهي ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام تان هٿ ڪونه کڻندو. هن وقت خطي ۾ سڀ کان ڳڻتي جوڳي صورتحال اها آهي ته جن ملڪن ۾ آمريڪا جا اڏا موجود آهن ايران انهن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، جيڪي جنگ جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

ان کان علاوه ايران اسرائيل جي مٿان جوابي ڪارروايون ڪري پنهنجا ميزائيل ڪيرائي مسلسل اسرائيل کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. شايد اسرائيل جي ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي آمريڪا کي پنهنجي ساٿي کي بچائڻ جي لاءِ جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي، جيڪا ري پبلڪن جي پاليسيءَ جي بلڪل ابتڙ ۽ آمريڪا جي مفادن جي به حق ۾ نظر نٿي اچي. ان کان علاوه هن وقت دنيا کي ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته ايران آبناءِ هرمز کي جيڪڏهن بند ڪري ڇڏيو ته تيل جون قيمتون هڪدم مٿي چڙهي وينديون جنهن سان دنيا ۾ توانائي جو عالمي بحران پيدا ٿي ويندو.

جيتوڻيڪ ايران جي پارليامينٽ آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، پر ان سان ايران کي خود به تمام گهڻو نقصان ڀوڳڻو پوندو. شايد ايران هن وقت ايتري وڏي مالي بحران کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ اميد آهي ته ايران عقلنديءَ کان ڪم وٺندي آبناءِ هرمز کي هٿيار جي طور تي استعمال نه ڪندو. بهرحال آمريڪن شهري هن وقت پنهنجي چونڊيل صدر جي منافقاڻي عمل کي ڏسي رهيا آهن، جنهن پنهنجن واعدن کي پورو نه ڪندي عوام کي دوکو ڏنو آهي ۽ ايران جي مٿان سڌو سنئون حملو ڪري بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

ان سڄي صورتحال سان دنيا کي هڪ غير يقيني واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا جيڪي ادارا ٺاهيا هئا، جيڪي قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪندا هئا هڪ ته انهن پنهنجي حيثيت وڃائي ڇڏي آهي ۽ ٻيو رياستون پنهنجن سفارتي لاڳاپن کي قائم رکڻ جي لاءِ هڪ پورو نظام هلائينديون آيون آهن، جيڪو هن وقت بلڪل ڀروسي قابل نظر نه پيو اچي. دنيا جو ماڻهو چاهي ڪنهن به ڪنڊ ۾ بيٺل هجي، اهو انهن تبديل ٿيندڙ حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو به وٺي رهيو آهي ۽ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح متاثر به ٿي رهيو آهي. لڳي ايئن ٿو ته شايد هاڻي هر ڪمزور ملڪ پنهنجو پاڻ کي جوهري طاقت بنائڻ جي ڪوشش طرف ويندو، شايد تڏهن دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهندو.