بلاگنئون

مائيڪل جيڪسن کان وٺي اڄ جي نوجوان تائين – ننڊ جي کوٽ جي خاموش تباهي

دنيا جو سڀ کان مشهور فنڪار، جنهن جي نالي سان اسٽيڊيم گونجي پيا، جنهن جي حرڪت تي لکين ماڻهو ساهه روڪي بيهي رهندا هئا، جنهن کي دنيا “پاپ جو بادشاهه” چوندي هئي، اُهو ئي مائيڪل جيڪسن، ننڊ نه اچڻ ڪري مري ويو. نه دل جو دورو، نه ڪينسر، نه منشيات جو اوور ڊوز. بس صرف ۽ صرف “ننڊ جي کوٽ”. 2009ع ۾ سندس موت سڄي ڌرتيءَ کي ڌوڻي ڇڏيو. گوگل ڪريش ٿي ويو. ٽوئيٽر بند ٿي ويو. دنيا جي هر ٽي وي چينل تي فقط هڪ ئي خبر هئي. سندس جنازي کي 2.5 ارب ماڻهن لائيو ڏٺو. اها انگن اکرن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تقريب رهي، پر هي فقط هڪ موت نه هو، هي ننڊ جي اهميت بابت دنيا لاءِ هڪ وڏي خبردار ڪندڙ خبر هئي. مائيڪل جيڪسن جا 60 ڏينهن اهڙا گذريا، جن ۾ هو اصل ننڊ کان محروم رهيو. هن کي هر رات ننڊ جي لاءِ هڪ طاقتور دوا جو وڏو وزن ڏنو ويندو هو، جيڪا صرف آپريشن دوران مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پر اها ننڊ نه هوندي هئي، بس دماغ کي زبردستي بند ڪيو ويندو هو. نتيجي طور، هن جو دماغ پاڻمرادو بند ٿيڻ لڳو، هو وھمي، جذباتي بگاڙ، هارمونز جي غير متوازن ٿيڻ ۽ جسماني تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو. ناسا پنهنجي خلانوردن تي تجربا ڪيا ته جاڳڻ سان دماغ تي ڇا اثر ٿين ٿا، نتيجا ڊيڄاري ڇڏيندڙ هئا. صرف 24 ڪلاڪ جاڳڻ سان انسان جو ڌيان گهٽجي وڃي ٿو، 36 ڪلاڪ ننڊ نه ڪرڻ سان جسم ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ دماغ غلط فيصلا ڪري ٿو، 48 ڪلاڪ ننڊ نه ڪرڻ سان انسان وھم جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ 72 ڪلاڪن کانپوءِ دماغ پاڻمرادو“micro sleep”  ۾ هليو وڃي ٿو. توهان جاڳي رهيا آهيو، پر دماغ بند آهي. اها ئي حالت مائيڪل جيڪسن جي هئي، جنهن جو دماغ آهستي آهستي“shutdown”  ٿيندو ويو.

اڄ جو نوجوان به، شايد اوترو مشهور نه هجي، پر ساڳئي واٽ تي هلڻ لڳو آهي. سندس ننڊ وڃائجي وئي آهي. موبائل فون، Netflix، TikTok، WhatsApp، امتحانن جو دٻاءُ، چانهه، ڪافي، انرجي ڊرنڪ، رات جو اسڪرين جي سامهون ويهڻ  اهي سڀ سبب اسان جي قدرتي ننڊ جي نظام کي تباهه ڪري رهيا آهن. ماڻهو رات جو سمهڻ لاءِ ننڊ جون دوائون کائي رهيا آهن، پر پوءِ به دماغ سڪون نٿو ماڻي. ننڊ هاڻي آرام نه، پر هڪ خواب بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته سچ اهو آهي ته ننڊ قدرت طرفان ڏنل هڪ حيرت انگيز دماغ ۽ جسم جي مرمت ڪرڻ وارو نظام آهي. ننڊ دوران دماغ مان زهريلا مادا نڪري وڃن ٿا، ياداشت بهتر ٿئي ٿي، دماغ جا نوان خليا ٺهن ٿا، انساني جذبات ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو، دل، جلد، دماغ ۽ هر عضوي جي ننڊ جي دوران ايئن مرمت ٿئي ٿي جيئن ڪنهن مشين جي ڪنهن ورڪشاپ ۾ مرمت ٿيندي آهي، جيڪا طاقت، توانائي ۽ تازگي ننڊ ڏئي ٿي، اها ڪنهن به طاقتور منشيات يا ڊرنڪ مان نٿي ملي سگهي. مائيڪل جيڪسن وٽ دولت هئي، شهرت هئي، دنيا جا بهترين ڊاڪٽر به هئا، پر وٽس ننڊ نه هئي، ان ڪري زندگي به نه رهي ۽ اڄ جو نوجوان، جيڪو رات جو چوي ٿو “اڃان هڪ وڊيو ڏسان، پوءِ سمهندس”، “اڃان ٿورو پڙهان، پوءِ اکيون بند ڪندس”، “اڄ نه، سڀاڻي ننڊ پوري ڪندس.” اهو به ساڳئي ساگر ۾ ترندو پيو وڃي، جتان واپسي مشڪل آهي. انسان ننڊ بنا جيئرو نٿو رهي سگهي. روزانو 8 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي. رات جو 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين سمهڻ سڀ کان بهتر آهي. اسڪرين بند ڪرڻ، روشني گهٽ ڪرڻ ۽ ذهن کي پرامن رکڻ ضروري آهي. Weekend  “تي ننڊ پوري ڪري وٺنداسين” هي هڪ وهم آهي، جيڪو سڀني کي وڪوڙي ويو آهي.

جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان مشهور ماڻهو صرف ننڊ جي کوٽ سبب مري سگهي ٿو ته پوءِ اسين ڇو نه سنجيده ٿيون؟ ڇو نه پنهنجي جسم، دماغ ۽ روح کي اها اصل شيءِ (ننڊ) ڏيون جيڪا اُن جي سڀ کان بنيادي ضرورت آهي؟ سمهڻ ڪا ڪمزوري ناهي، پر اها طاقت آهي. اها تربيت آهي. اها زندگيءَ جي ٻيهر چارجنگ آهي. ننڊ ٺيڪ ڪريو، نه ته پڙهائي، نوڪري، رشتا، خوشي، سڀ ڪجهه آهستي آهستي تباهه ٿي ويندا. ننڊ ٺيڪ ڪريو، ته دماغ، دل، جسم ۽ روح سڀ توهان لاءِ ڪم ڪرڻ لڳندا. سمهڻ سکندا ته جاڳڻ جو مزو ايندو ۽ هڪ ڏينهن، اوهان به، پنهنجي زندگيءَ جا اصل “بادشاهه” بڻجي ويندا.

***