دنيا جو سڀ کان مشهور فنڪار، جنهن جي نالي سان اسٽيڊيم گونجي پيا، جنهن جي حرڪت تي لکين ماڻهو ساهه روڪي بيهي رهندا هئا، جنهن کي دنيا “پاپ جو بادشاهه” چوندي هئي، اُهو ئي مائيڪل جيڪسن، ننڊ نه اچڻ ڪري مري ويو. نه دل جو دورو، نه ڪينسر، نه منشيات جو اوور ڊوز. بس صرف ۽ صرف “ننڊ جي کوٽ”. 2009ع ۾ سندس موت سڄي ڌرتيءَ کي ڌوڻي ڇڏيو. گوگل ڪريش ٿي ويو. ٽوئيٽر بند ٿي ويو. دنيا جي هر ٽي وي چينل تي فقط هڪ ئي خبر هئي. سندس جنازي کي 2.5 ارب ماڻهن لائيو ڏٺو. اها انگن اکرن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تقريب رهي، پر هي فقط هڪ موت نه هو، هي ننڊ جي اهميت بابت دنيا لاءِ هڪ وڏي خبردار ڪندڙ خبر هئي. مائيڪل جيڪسن جا 60 ڏينهن اهڙا گذريا، جن ۾ هو اصل ننڊ کان محروم رهيو. هن کي هر رات ننڊ جي لاءِ هڪ طاقتور دوا جو وڏو وزن ڏنو ويندو هو، جيڪا صرف آپريشن دوران مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پر اها ننڊ نه هوندي هئي، بس دماغ کي زبردستي بند ڪيو ويندو هو. نتيجي طور، هن جو دماغ پاڻمرادو بند ٿيڻ لڳو، هو وھمي، جذباتي بگاڙ، هارمونز جي غير متوازن ٿيڻ ۽ جسماني تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو. ناسا پنهنجي خلانوردن تي تجربا ڪيا ته جاڳڻ سان دماغ تي ڇا اثر ٿين ٿا، نتيجا ڊيڄاري ڇڏيندڙ هئا. صرف 24 ڪلاڪ جاڳڻ سان انسان جو ڌيان گهٽجي وڃي ٿو، 36 ڪلاڪ ننڊ نه ڪرڻ سان جسم ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ دماغ غلط فيصلا ڪري ٿو، 48 ڪلاڪ ننڊ نه ڪرڻ سان انسان وھم جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ 72 ڪلاڪن کانپوءِ دماغ پاڻمرادو“micro sleep” ۾ هليو وڃي ٿو. توهان جاڳي رهيا آهيو، پر دماغ بند آهي. اها ئي حالت مائيڪل جيڪسن جي هئي، جنهن جو دماغ آهستي آهستي“shutdown” ٿيندو ويو.