هندستان پاران ڪشن گنگا ڊيم جو افتتاح: پاڪستان پاران عالمي بينڪ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو
هندستان ڪشن گنگا ڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي ڊيم 330 ميگا واٽ بجلي تيار ڪندو. ان موقعي تي هندستان جي وزيراعظم چيو ته ڪشن گنگا ڊيم نه صرف علائقي جي بجلي جي گهرج پوري ڪندو، پر هي ٻين علائقن جي بجلي جي گهرج کي به پورو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻين منصوبن تي به ڪم جاري آهي. واضح رهي ته 5 اپريل تي هندستان پاران هن ڊيم جي تعمير مڪمل ٿيڻ جي خبرن اچڻ بعد پاڪستان ان خلاف عالمي بينڪ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد 6 اپريل تي عالمي بينڪ پاران چيو ويو هو ته هندستان خلاف پاڪستان جي درخواست ملي چڪي آهي. جنهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين عالمي بينڪ پاران ان معاملي بابت ڪوبه قدم سامهون نه آيو آهي. هي ڊيم صرف 330 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهندو. واضح رهي ته گذريل سال عالمي عدالت پاران هندستان کي هن پروجيڪٽ کي عارضي طور تي بند ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.

