نئون

ايران جي ايٽمي پروگرام جاري رکڻ ۾ يورپ ساٿ ڏيندو

يورپي يونين جي توانائي ۽ ماحوليات جي اداري جي اڳواڻ پاران ايران کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته اها آمريڪا جي مخالفت باوجود ايران جي نيو ڪليئر پروگرام ۾ ان جو ساٿ ڏيندي. تهران جي دوري دوران هن اهو به چيو ته 28 ملڪن تي ٻڌل يورپي يونين ايران جي تيل جي خريدار آهي ۽ اهي ايران سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکندي. هن چيو ته اسان پنهنجي تجارتي ڏي وٺ کي جاري رکنداسين جيڪو ايران جي معيشيت لاءِ به اهم ثابت ٿيندو رهندو. ان موقعي تي ايران جي نيو ڪليئر چيف علي اڪبر صلاحي چيو ته اسان کي اميد آهي ته يورپي يونين جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون ۽ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته بين الاقوامي معاهدن ۾ آمريڪا هڪ بااعتماد ملڪ نه آهي. واضح رهي ته 8 مئي تي آمريڪا جي صدر ٽرمپ پاران ايراني معاهدي مان نڪري وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.