ڪي ڊي اي جو ٺيڪن ۾ وڌيڪ غبن جو انڪشاف

ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي بدر جميل مينڌرو ۽ سيڪريٽري بلديات روشن شيخ جي ملي ڀڳت سان 80 ڪروڙ لاڳت جا ٺيڪا لڳايا ويا. 10 ٺيڪن جي حوالي سان وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا. من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ جي لاءِ ڪي ايم سي جي انجنيئر ظهير عباس کي ڪي ڊي اي جو ايڪسيئن ٺاهي ورڪ آرڊر جاري ڪرايا ويا. ڊمي اشتهار ڏيئي فائلن جو پيٽ ڀريو ويو، جڏهن ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ٽينڊر ايوارڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪيل معاهدي تي پاڻ اڳوڻي ڊي جي بدر جميل مينڌرو صحيح ڪئي. بدعنوانين جي انڪشاف تي ڪراچي جي ٻن وڏين ڪانٽريڪٽرز ايسوسئيشنز ڊي جي نيب، ڊي جي ايف آءِ اي سميت ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ سميت چيف سيڪريٽري سنڌ جا خط موڪلڻ ۽ عدالت اعليٰ سان باقاعده رجوع جو اعلان ڪيو. اعتبار جوڳن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته صوبائي اي ڊي پي فنڊز جي 80 ڪروڙ لاڳت جي ترقياتي منصوبن کي چور دروازي کان ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ قانون کان مٿانهان فيصلا ڪيا ويا. سيڪريٽري بلديات جي ليٽر ۾ چئن آفيسرن کي ٽيندر جي معاملن ڏسڻ جي هدايت ٿي جنهن ۾ سرفهرست ڪي ايم سي جي ايڪسيئن ظهير عباس جو نالو درج آهي. جڏهن ته ظهير عباس جو ڪي ڊي اي سان ڪو تعلق ئي نه آهي.
